شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ مختلف جانورن، پکين ۽ جيتن جو ذڪر

'مقالا' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ساري دنيا جا سنڌي دوستو۔جيئي سنڌ
    هي مقالو محترمه فرحانه بلوچ، پرنسپل گورنمينٽ گرلز ڪاليج ٽنڊو محمد خان جي ٿورن سان مليو۔ جيڪو دل چاهيو ته توهان سڀني دوستن سان ونڊ ڪريان۔

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعريءَ ۾ مختلف جانورن، پکين ۽ جيتن جو ذڪر​


    از: فرحانه بلوچ​

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سنڌ جو سدا حيات شاعر آهي، جنهن جي پوري شاعري مقصديت ۽ معنى سان ٽمٽار آهي، سندس هر بيت فلسفيانه ، عاشقانه ۽ عارفاڻه رنگ ۾ رچيل آهي. دنيا جي وڏن وڏن شاعرن جي دال شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي اڳيان نٿي ڳري.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن شاهه عبداللطيف جو انقلابي دؤر نه اچي ها ته شايد سنڌي ادب جو ڏيئو ئي اُجهامي وڃي ها. پر شاهه جي ٻولي ۽ شاعري رنگ لاٿو ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي ويو. شاهه جو پورو ڪلام حق ۽ حقيقت جو آئينو آهي، انهيءَ حقيقت پسندي ۽ حق گوئي سنڌي ٻوليءَ کي سائو ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن شاهه جي دؤر ۾ ڳالهائيندڙ سنڌي ٻوليءَ تي نظر وجهبي ۽ پوءِ شاهه جي شاعريءَ جو مطالعو ڪنداسين ته وايون ولڙيون ٿيون وڃن، ته ڪيئن هڪ مقامي سطح تي موجود ٻوليءَ ۾ شاهه فصاحت ۽ بلاغت جو خزانو ميسر ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي سُرهاڻ وِلات واسَي ڇڏي آهي. اڃان به جيڪڏهن اسان ان املهه شاعريءَ مان معنى جا موتي هٿ نه ڪيا ته پوءِ اسان وٽ ڳچ ڳارڻ کان سواءِ ڪوبه چارو نه رهندو. شاهه جي شاعريءَ جا موضع ڏاڍا وسيع ۽ شاندار آهن، سُر ڪلياڻ ۾ رب جي ساراهه هُجي يا يمن ڪلياڻ ۾ رسول اڪرم ﷺ جي شان جو بيان ، ڪيڏاري ۾ امام حسين رضي الله جي قرباني جو ذڪر هجي، يا ڪربلا جو ميدان ، مينهن يا وسڪاري جي صورت ۾ سارنگ ۾ الله جي رحمت جو بيان هجي يا کنڀات ۾ محبوب جي جلوي جي تعريف، رامڪلي ۽ کاهوڙي ۾ جوڳين ۽ سنياسين جي ڪشالن جو ذڪرهجي، يا سسئي ۾ هڪ عورت جي جدوجهد جو بيان، مارئي جي وطن سان سڪ هجي يا نوريءَ جو نياز، مومل جي محبت جو بيان هجي يا لِيلا جو ليلائڻ هر رنگ ۾ شاهه ڪمال ڪري ويو آهي ۽ سڀني شاعرن کان گوءِ کڻي ويو آهي.
    اهي ته ڪي ٿورا رنگ آهن، جن جو ذڪر ڪيو اٿئون، ائين کڻي چئون ته خراڙ مان مُٺ ڀري اٿئون ان کان علاوه مختلف شيون جن ۾ بيجان ۽ جاندار اچي وڃن ٿيون، انهن کي پنهنجي شاعري ۾ آڻي اهي نقطا بيان ڪيا اٿس جو اسين پڙهون ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي شاعريءَ ۾ مختلف پکين، جانور ۽ جيتن جو ذڪرآيو آهي. جن سُرن ۾ انهن جو ذڪر ملي ٿو انهن ۾ سُر رامڪلي، بلاول، پرڀاتي، ڪاپائتي، ڪارايل، ڏهر، کاهوڙي، يمن ڪلياڻ، پورب، برووسنڌي ۽ رپ شامل آهن. هتي اسين ڪجهه جانورن ۽ پکين جو ذڪر ڪريون ٿا، جن کي شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي.
    اُٺ​


    اُٺ اهوجانور آهي جيڪو سنڌ ۾ خاص ڪري ٿر واري علائقي ۾ تمام ڪارائتو آهي، هن ايڪيهن صدي جي دؤر ۾ ٿر جا ماڻهون اُٺ جي فائدن کي نظر انداز ڪري نٿا سگهن، شاهه جي شاعري ۾ اُٺ جو گهڻو ذڪر آهي ، خاص ڪري سُر سسئي، حسيني ، ڪوهياري ديسي ۽ سُر کنڀات ۾ سسئي جتي ڏيرن ۽ ڏونگرن جي ستايل آهي اُتي ڏاگهن يعني اُٺن جي به ڏُکايل آهي، جيئن لطيف سائين هڪ هنڌ چوي ٿو ته :
    گهوڙن هنئين هرڪا، آءٌ اُٺن هنئي آهيان
    (شاهه)​
    شاهه جي بيتن ۾ اُٺ لاءِ لفظ به گهڻا استعمال ۾ آيا آهن، جيئن موڏا، ڏاگها، روڏا، چانگا، نانگا، توڏا، ڪرها ۽ اُٺ وغيره هڪ شيءَ جي گهڻن نالن جو استعمال جتي اسان جي سنڌي ٻولي جي هنج سائِي هُئڻ ۽ سکي ستابي هئڻ جي نشاني آهي، اتي شاهه جو پنهنجي ٻولي تي ڪمال دسترس هُئڻ جو ثبوت پڻ آهي. سُر ديسي ۾ جتي سسئي پاڻ تي گُذرندڙ پِيڙاءُ ۽ پريشانين ۽ محبوب جي طرفان مليل جُدائين جو ذڪر ڪري ٿي، اُتي اها جُدائي آڻڻ ۾ اُٺن کي به گهڻي قدر ۽ قصور وارو سمجهي ٿي:

    ا
    ڳي اُٺَ رَڙَنِ، مون ڀيري ماٺِ ٿِئي،
    پَلاڻِيندي پاڻَ ۾ ڪُڇِيو ڪِين ڪُٺَنِ
    ڪاجا مامَ مُٺَنِ ، هِنِ پڻ هُئي هُنَ سين!
    (سُر ديسي)​


    ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ڏُکن آئون ڏَڌِي،
    پُڇان پير پُنهون جو وِجهان وک وَڌِي،
    لِکِئي آئون لَڌِي، ناتَ پَٽَن ڪير پنڌُ ڪري!
    (سُر ديسي)​


    سسئي فقط اُٺن کي پنهنجي ڏُکن جو باعث ڪانه ٿي سمجهي پر هن جي نظر ۾ سج، چنڊ، جبل ۽ ڏير به سندس دشمن آهن، جن سڀني گڏجي سسئي لاءِ سورن جو سڱرو تيار ڪيو آهي.

    اُٺ ويري، اوٺار ويري،ويري ٿيئڙم ڏير،
    چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لَٽيا پُنهون جا پير،
    پنجون ويري سج ٿيو، جنهن اُلهي ڪئي اوير،
    ڇهون ويري ڇپر ٿيو جنهن سنوان ڪيا نه سيرَ
    ستون ويري، چنڊ ٿيو، کِڙيو نه وڏيءَ کيڙ،
    واهري جِي ويرَ ، ڇُلُون ڪريان ڇَپَرين!!!!!!!
    (سُر ديسي)​


    اُٺن جو ذڪر ڪوهياري ۾ به شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ڪيو آهي پر هڪ ئي بيت ۾ اُٺ کي الائي گهڻن نالن سان سڏي ويو آهي، جيئن:
    2

    اِجلِس ڪري اُٿيا، تنواريو توڏن،
    نوم نوازينءَ اُن جي مرحبا موڏَنِ،
    رڙهي، رسُ روڏَنِ، اَليَوم سِيرُوا، سَسُئي!
    هن بيت کان پوءِ هڪ ٻيو بيت به آيو:​


    مونکي ڇڏ مَ ڇَپَرين، هتِ هوتاڻِي! آڻ،
    اوڏي مُنڌَ اُٺَنِ کي الله ڪارَڻِ آڻ،
    پورهيوڪنديس پاڻ، اڳيان آريچن جي.
    (سُر ڪوهياري)​


    سُر حُسيني ۾ وري سسئي چوي ٿي ته مونکي ڏُکن ئي پُنهون جو ڏس ڏنو آهي، سچو عشق اهو آهي جيڪو ڏُکن مان ٿو نڪري نه ته سسئي جي اندر ۾ ته سُور ڇوليون پيو هڻي، اُٺن سسئي کي رنجايو آهي، ۽ سسئي به ڏکويل آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اُٺن کي ياد به ڪري ٿي، جيئن هن بيت ۾ :

    مون سڏيندي سڏڙا ساٿي سڏ نه ڏين،
    وِلهيءَ جي وٿاڻ تي توڏَ نه تنوارين،
    هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾!
    (سُر حُسيني)​


    لڳم ٻاڻُ ٻروچ جو ڪَرَها ٿيا قَضاڪ،
    اَهُکِي جا اُٺَن کي سامَيَن پوءِ مَ ماڪَ
    اکڙين خوراڪ، پَسَڻُ پَر ڏيهِيُنِ جو!
    (سُر حُسيني)​


    سُر کنڀات ۾ شاهه لطيف اُٺ کي هڪ سچي عاشق جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو محبت جي ميدان ۾ پنهنجي سر جو سانگو به نٿو ڪري ۽ نه ئي گاهه ٿو چري نه ئي پنهنجي وڳ ۾ وڃي ٿو:

    اُٺُ نه وڃي وَڳَ سين چَري نه چانگو،
    لڳيسِ نائُڪَ نِينهَن جِي، نِهوڙِيو نانگو،
    ڇَڏي سِرَ سانگو، رڙهي رَندِ پِرين جي.
    (سُر کنڀات)
    3

    وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پنهنجي ڪَرهي،
    وَلِيُون واسَ وَرِنُيون،پَهرِيُون مٿي پَٽَ،
    چانگي چَٽِي چَٽَ، ته پوءِ نه رهندو، پَئدَ ري!
    (سُر کنڀات)

    چانگا! چَندنَ نه چَرِين مَيا! پِيئن نه موڪَ.
    اگر اوڏو نه وَڃين، ٿُڪيو ڇَڏِئين ٿوڪَ،
    لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪَهڙي اکرِ آئڙي!؟
    (سُر کنڀات)​


    واڳون!​


    واڳون يا مگر مڇ اهڙو جانور آهي جيڪو پاڻي ۾ رهي يا پاڻي کان ٻاهر ڪنهن معصوم تي حملو ڪرڻ لاءِ مانڌو هوندو آهي، انهن جي وات ۾ پوڻ کان پوءِ پورو انسان هڪ گرهه بڻجيو وڃي. شاهه صاحب جي شاعري ۾ واڳون جهڙي جانور مان گهڻا سبق سکڻ لاءِ ٿا ملن، واڳون لاءِ مختلف نالا شاهه صاحب جي شاعري ۾ آيا آهن، جيئن مڇ، واڳون، ميڪر، باڳو وغيره.
    سڀ کان وڌيڪ واڳن جا ستايل گهاتو آهن، ان کانپوءِ سُهڻي، جنهن لاءِ هڪ بيت ۾ آيل آهي ته :
    مِڙياِ مَڇَ هزار، ڀاڱا ٿيندي سُهڻي!!!.​


    جڏهن سُهڻي ڪچو گهڙو ڪڇ ۾ هڻي محبوب جي محبت ۾ وهندڙ سير ۾ هلي ٿي اُن وقت سندس ڪيفيت شاهه لطيف هن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

    دَهشَتَ دَمَّ دَرِياههَ ۾ جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
    بيحَدِ ”باڳو“ بَحَرَ ۾ هيبتناڪ هزار،َ
    ساريان ڪانه سَرِيرَ ۾، طاقت توهان ڌارَ
    ساهَڙ ڄامَ! سَتارَ! سِگهو رسج سِيرَ ۾ !
    (سُر سُهڻي)​


    سُر گهاتو ته آهي ئي سموري مورڙي جي ڪوشش ۽ سندس ڀائرن جي بيدردانه قتل جو داستان، واڳون جي بيرحمي جو ذڪر، شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ اهڙي ته سٺي طريقي سان ڪيو آهي جو سمورو داستان انهن بيتن مان جهاتيون پائيندي نظر اچي ٿو، جيئين ته :
    4

    جيئن جُهڳا پائيين جهولَ ۾ ائين نه مَرَن ”مَڇَّ“
    سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون رَڱيُون رَڇَّ،
    هِي ڇارُون ۽ ڇَڇَّ، اڃا اوڙاههُ آڳاهُون ٿِيو!!
    (سُر گهاتو)

    گهورِيندي گهورِ پِيا اگهور گهورِيائُون،
    ”مَيڪرُ“ مارِيائُون، مَلاحَن مُنهَن سَنَرا!
    (سُر گهاتو)​


    سُر ڏهر ۾ شاهه لطيف گهڻن موضوعن تي شاعري ڪئي آهي ، چون ٿا ته هن سُر ۾ اُهي بيت رکيا ويا آهي جيڪي ڏهر مان لنگهندي شاهه صاحب کي خيال ۾ آيا آهن، ڏهر چئبو آهي ٿر۾ ٻن ڀِٽن جي وچ ۾ ڏاڍي مٽي واري سڌي ميدان کي، هن سُر ۾ شاهه سائين جتي ڪنڊن، جوڌن،ڍورن ۽ الله جي نيڪ مردن جو ذڪر ڪيو آهي، اُتي مڇ جي فخر۽ غرور جو بيان به آيل آهي. ته اي مڇ جڏهن واهڙ پاڻي جام هو، تڏهن تون نه موٽئين هاڻي بس پنهنجي ئي ملاحن جون مهميزون سهه، ٿلهو ٿي، پنهنجي طاقت جي زور تي دٻائين ٿو، تُنهنجي اها طاقت ختم ٿيڻ واري آهي.

    مَتو آهين ”مَڇَّ“! ٿُلهو ٿو ٿُونا هَڻِين،
    جا تو ڏِٺِي اَڇَّ، تنهن پاڻِيءَ پُنا ڏينهڙا!
    (سُر ڏهر)

    جان جَرُ هُئڙو سِيرَ، تان تُون ”مَڇَّ“! نه موٽئين،
    آڏا اَڏي ڪِيرَ، گَهٽَ به جَهليَءِ گهاتُئين!!!!
    (سُر ڏهر)

    جان جَرُ هُئَڙو جَالَ، تان تُون ”مَڇَّ“! نه موٽيئن،
    پَوَندِيءِ اَڄ ڪِ ڪَالَ سانڀويُون سانگِنِ جُون.!
    (سُر ڏهر)​


    ”نانگ“​

    شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ نانگ کي نهايت خطرناڪ جانور ڪري سڏيو آهي ۽ انسان کي اُن کان بچڻ جي تاڪيد به ڪئي اٿس، ان کي اهڙو خطرناڪ ڪري سڏيو آهي جو فرمائي ٿو ته شال ڌڻي ان جي بچڻ کان به بچائي جو ان جو زهر اهڙو قاتل آهي جو هاٿي جهڙي جانور کي به ڪيرائي وجهي، مور کي به نپوڙيو ڇڏي، ڀلي سندس مُنهن ملائڪن جهڙو هُجي پر ڏنگ اهڙو بڇڙو آهيس جو جنهن کي لڳو سو ڇُٽو. شاهه صاحب نانگ جهڙي جانور کي مختلف نالن سان سڏيو آهي: جيئن ته ”سپ“، ”کپر“، ”واسينگ“ وغيره.:
    5

    پهرين ڪاري ”نانگَ“ جِي ڪو ڇِرڪِيَلُ ڇيڙَ ڪَري،
    هي هَڻي ڏَنگ ڏسائيو. ته ويجهو تان نه وَري،
    جيڪي ٽَپِ مَري.جيڪي سِڪي صِحَتَ کي!!!
    (سُر ڪارايل)

    ”کَپُرَ“َ ! گاروڙِيُنِ سين، وڏو وِڌُءِ ويرُ،
    ”نانگَ“ ! نه ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرِ مَٿي پيرُ،
    هِيءُ تنين جو ڊيرُ. جن جهونا ڳڙههُ جلائيو!!
    (سُرڪارايل)

    سَنها ڀانءِ مَ ”سَپَ“ وياءَ ” واسينگن“ جا،
    جَنِين جي جَهڙَپَ، هاٿي هندان کي نه چُري!
    (سُرڪارايل)

    محبت جي ميدان ۾ سِرَ جو ڪَرِ مَ سانگُ،
    سورِيءَ سُپرِين جي ، چڙهه ته ٿئين چانگ،
    عشق آهي ” نانگ“ خبر کاڌن کي پوي!!
    (سُر يمن ڪلياڻ)

    وڏا وَڻَ وَڻِڪارِ جا جِتِ ” نانگ“ سُڄَنِ نيلا،
    اُتي عبداللطيف ڪيا، هيڪِلِيُنِ حِيلا،
    جِتِ ڪُڙِمَ نه قبيلا اُت رَسج رَهبَر! راهَ ۾
    (سُر آبري)

    کَرَ کي کَپُرُ کاءِ ” نانگ“ مَڻيارو نڪري،
    اُڀو جو اوناءِ سُرِ پُرِ سَندِي سَڄَڻين!!!
    (سُر آسا)​


    ”ڪُونجَ“​
    پکين ۾ سڀ کان حسين پکي ڪونج کي سمجهيو ويندو آهي، پر ڪونج هميشهه شڪارين جي اک ۾ کٽڪندڙ ڪنڊو هوندي آهي. هميشهه شڪاري ڪونج جي شڪار لاءِ آتو هوندو آهي. شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي ڪونج جي سونهن جي ساراهه ڪئي آهي، اُتي ڪونجن لاءِ وڏي درد جو اظهار به ڪيو آهي، ڇو ته جيڪا ڪونج وڳر کان ڌار ٿي وئي آهي سا پنهنجن کي ياد ڪري روئي رڙي ٿي. اُن ڪري شاهه صاحب ان کي هوشيار ٿو ڪري ته ان ڄار کي سمجهه جيڪو ماري(شڪاري) تنهنجي لاءِ وڇايو آهي ، جيئن شاهه سائين هنن بيتن ۾ فرمائي ٿو ته:
    6

    ”ڪُونجَ“ !نه پسين ڪَکَ، ڍَٻُ جنهن سين ڍَٻِيو،
    مارِيءَ ماري لَکَ، وَڳَرَ هَڻِي ويڇُون ڪيا !
    (سُر ڏهر)


    ”ڪُونجَڙِيءَ“ ڪالهه لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌَ مِ چِتِ،
    آءٌ جنين رِيءَ هِتِ گهنگهرَ گهارِيان ڏينهڙا!
    (سُر ڏهر)​


    ڀٽائي وري ڪونج کي سندس ساٿين جي ساوڻين ۾ گُم ڪندي انهن جي محبت ياد ڏياري ٿو. اي ڪونجڙي، تنهنجا پنهنجا توکي ڏاڍو پيا سارين تون انهن کان سواءِ هتي رهي ڇا ڪندينءَ؟ ان ڦاهي کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪر جيڪا شڪاري تنهنجي لاءِ کنيو بيٺا آهن، اُهي شڪاري معصوم پکين جي دل ٽوڙڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪن ائين نه ٿئي جو تنهنجا پنهنجا ڪلهي ڪانڌي به نه ٿين.

    وڳر ۾ وائي ڪالهه تنهنجي ڪونجڙي،
    سر ۾ سارينئي گهڻو ڀينر ۽ ڀائي،
    پسين نه ڦاهي، جا مارِيءَ سندي من ۾!
    (سُر ڏهر)

    وَڳَرَ وِيا وَهِي ڪالهه تُنهنجا ”ڪُونجَڙِي“!
    ڪَندِينءَ ڪَوهُ رهي، سَر ۾ سُپيريُنِ ري؟
    (سُر ڏهر)​

    ”ڪانگ“​
    ڪانگ کي پرين ڏانهن نياپو کڻي ويندڙ پکي چيو ويو آهي، جيڪو قديم زماني کان پرين ڏانهن محبت جا سنيها، سلام ۽ نياز پهچائيندو آهي، شاهه صاحب جي سُر پُورب جو پهريون داستان ته آهي ئي ڪانگل جي ذڪر سان ڀرپور، شاهه صاحب ڪانگ کي دوست جو درٻاري ڪري ڪوٺيو آهي ۽ کيس اُڏامي پرديس مان پرين جي خبر کڻي اچڻ جو ڪم ٿو ڏسي:

    ڪري ”ڪانگَ“! ڪُرِنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ،
    آءٌ جو ڏِيَنِئي سنيهو، وِچَ مَ وِساريجِ،
    الله لَڳِ لطيف چئي ڳُجهو ڳالِهائِيجِ،
    چُئان تيئن چَئيجِ ته کِنياتا! خوش هُئين!
    (سُر پُورب)


    آءُ اُڏامِي ”ڪانگڙا“! پارانڀانِ پَچارِ،
    ويهي هِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِرُ تَنوارِ
    جي ڏسڻ ۾ ڏيسارِ سي اُڏامي آڻِ پِرِين!!
    (سُر پُورب)

    وَهِلو وَرُ وَرِيا پِرِين، آءُ ”ڪانگا“ لَنئُن لاتِ،
    ويا جي قَلات، سي اُڏامي آڻِ پِرِين!!
    (سُر پُورب)​


    سُر سُهڻي ۾ به شاهه صاحب ڪانگ جو ذڪر، ڪري ويو آهي ته جڏهن ڪانگ وڃي وڻن تي سُتا آهن ۽ سانجهي جو وقت ٿي ويو آهي، اُن وقت سُهڻي گهڙو کڻي درياءَ ۾ لهي ٿي.

    وَڻَنِ ويٺا ”ڪانگَ“ وِچِين ٿِي ويلا ڪَري،
    گِهڙي گَهڙو هَٿِ ڪَري،سُڻي سانجهي ٻانگَ،
    سيئِي ڍُونڍي سانگَ جِتي ساهَڙُ سُپِرِين!!
    (سُر سُهڻي)


    مومل راڻي ۾ وري مومل راڻي جي تات ۾ ڪاڪ جا ڪانگ پئي اُڏائي ۽ پنهنجي پرين کي جلد موٽي اچڻ لاءِ پئي منٿون ڪري:

    شَمعَ ٻاريندي شَبَ پِرههَ باکُون ڪَڍيُون،
    موٽُ مَران ٿي مينڌرا! راڻا! ڪارَڻ رَبَ،
    تُنهنجيءَ تاتِ طَلَبَ، ”ڪانگَ“ اُڏايم ڪاڪَ جا!
    (سُر مومل راڻو)


    ”پتنگ“​


    جتي عشق جو ذڪر اچي ته هڪ ننڍڙو جيت پر تمام وڏو عاشق پتنگ جي روپ ۾ نظر اچي ٿو، جنهن جي عشق ۽ اُن جي سچائي کي شاهه صاحب ڏاڍي محبت سان پيش ڪيو آهي، سُر ڪيڏارو ئي هڪ اهڙو سُر آهي جنهن ۾ امام حُسين رضي الله جي شهادت ۽ سندن اهلبيتن جي قربانين جو ذڪر لطيف سائين ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي، اُن سُرَ ۾ ” پتنگ“ کي شاهه سائين هڪ سچي عاشق جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.

    ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾ هيءِ حَسَنُ هو،
    ڀيڙو ڀيڙو پنهنجي ڀاءُ سِين ”پَتنگَ“ جيئن پيو،
    آهي ڪيرُ ٻِيو، جو ڪَري هَلان ميرُ حُسينَ تان!!
    (سُر ڪيڏارو)

    حُرُ هَلِي آئيو، مانجهي مردانو،
    آهيان عاشق آڳ جو ” پتنگ“ پروانو،
    مانَ راضي ٿِئي، رَسُولُ رَبَ جو نبي تو نانو،
    هِيءُ سِرُ سمانو، گهوٽ! مٿان ئي گهوريان!!
    (سُر ڪيڏارو)​


    سُر يمن ڪلياڻ ۾ ٽيون داستان ته آهي ئي پتنگن ۽ انهن جي عشق جو ذڪر، ڇو ته شاهه صاحب جي نظر ۾ پچڻ جي سُڌ ته آهي ئي پتنگن کي ، عاشق سچو اهو جيڪو مچ ڏسي پويان نه هٽي پر پتنگ وانگر مچ ۾ ٽُپي پوي، باهه ته سڀ شيءَ کي ئي ساڙي پر ڳالهه ته تڏهن آهي جڏهن ڪير باهه کي ساڙي ڏيکاري ، انهيءَ عشق الاهي جي باهه ۾ ٽُپندڙ انهن پتنگن يا عاشقن تي شاهه ڀٽائي کوڙ سارا بيت چيا آهن:

    پُڇُ پَتَنگن کي ، سنديُون کامَڻَ خَبَرُون،
    آڻيو وجهن آڳ ۾ جِيءُ پنهنجو جِي،
    جيئري جنين جي، لڳا نيزا نينهن جا!
    (سُر يمن ڪلياڻ)

    ”پتنگن“ پَههُ ڪيو مِڙِيا مٿي مَچَ،
    پَسِي لَهسَ نه لُڇيا سَڙيا مٿي سَچَ،
    سندا ڳچين ڳَچَ ويچارن وڃايا!
    (سُر يمن ڪلياڻ)

    ”پتنگ“ چائين پاڻ کي پسي مَچُ مَ موٽُ،
    سُهائي سُپرين جي گِهڙُ ته ٿِئين گهوٽُ،
    اَڃا تون آروٽُ کُورِيءَ خبر نه لَهين!!
    (سُر يمن ڪلياڻ)​


    ”هنج پکي“​
    هنج پکي جتي حسين آهي اُتي اخلاقن جو به سهڻو آهي، شاهه صاحب سُر ڪارايل ۾ هنج جي حُسن ۽ خصلتن تي گهڻا بيت چيا آهين، شاهه جي نظر ۾ هنج پکي اُهي سُهڻا انسان آهن جيڪي هن دنيا ۾ رهندي به ڍُونڍ کي ويجها نٿا وڃن، هُو هميشهه حق ۽ سچ جا موتي تلاش ڪندا رهن ٿا، پر هاڻي هنج پکي وانگر اُهي به دنيا مان گهڻا ختم ٿي چُڪا آهن، هنج مڙيو ئي هنج آهي جنهن سَرَ ۾ رهن سو سَرِ ئي سائو ڪري ڇڏين. شاهه سائين جي سُر ڪارايل جي پهرين ۽ ٻي داستان ۾ جيڪي بيت ملن ٿا سي هنج پکي سان سندس قرب ۽ محبت جا اولڙا آهن:


    آءُ اُڏامي ”هَنجَڙا“! سَرَ ۾ سارينئي،
    متان مارينئي، پاڙِهيري پَههُ ڪري!
    (سُر ڪارايل)

    ”هَنجَنِ“ سِين هيڪارَ جي ڳڻ ڪري نهارئين،
    ٻگهن ساڻ ٻيهارَ ٻيلَهه نه ٻَڌِين ڪَڏهِين!!
    (سُر ڪارايل)


    ٻَگَهنِ سين پاڻُ هَڻِي اُڏاڻو آڪاسِ،
    جِتي پِرِين سَنداسِ سو سُر مَڻي ”هَنجَڙو“!
    (سُر ڪارايل)

    سو پکي، سو پڃرو،سو سَرُ سوئي ”هَنجُ“،
    پيهي جان پرُوڙِيو، مون پانهنجو مَنجُهه،
    ڏِيل جنهن جو ڏنجُهه سو مارِي ٿو مَنجهه ڦِري!
    (سُر ڪارايل)​


    ”مور“​


    پکين ۾ مور هڪ نهايت منفرد ۽ سڀني کان الڳ حُسن رکي ٿو. جتي ٻين شاعرن مور کي ڳايو آهي، اُتي شاهه صاحب مور جي گُڻن جي ساراهه ڪري ويوآهي، سُهڻي صورت ۽ سيرت واري انسان کي شاهه صاحب مور سڏيو آهي. ڪارايل جي معنى آهي ” مور يا هنج“ سُر ڪارايل ۾ ڀٽائي هنج سان گڏو گڏ مور کي به ساراهي ٿو.

    ويا ”مورَ“ مَري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
    وطن ٿيو وري ڪُوڙن ڪانيَرَن جو!
    (سُر ڪارايل)

    ڪنهن ڪنهن ڪاريءَ ذاتِ کي ”مور“ به مَٽائِينِ،
    جي چَتُرا چَکِيا، ڪَري، ته وڳ وَرائي ڏِينِ،
    ساٿَ سَمُورا نِينِ، جي مٺينِ ڀانئي موٽِيا!!
    (سُر ڪارايل)​



    ”باز“​


    باز هڪ هوشيار ۽ تيز پکي آهي، شاهه لطيف” باز“ جي هوشياري ۽ چُستيءَ کي سسئي جي سُر ديسي ۾ ائين بيان ڪيو آهي ته پنهون جا ڀائر پُنهون کي” باز“ وانگر چنبو هڻي کنڀي ويا، سسئي غفلت جي ننڊ مان اُٿي ته سندس دنيا ويران ٿي چُڪي هُئي ۽ پوءِ هو هٿ مهٽيندي رهي وڃي ٿي:

    مِزِمَانَنِ مَهرِي ، آڻيا، جهوڪِيا جهوڪَ ۾،
    چاٽي چَنبَنِ ۾ ويا، جيئن ”بازَ“ سَٽي بَحري،
    ڪوهيارو، قَهِرِي ويو نِهوڙي ننڊَ ۾!
    (سُر ديسي)​



    ڪوئل“​


    ڪوئل جي ڪُوڪَ کي مِينهن جي آمد سمجهيو ويندو آهي، جڏهن سندس مٺڙو آواز ڪنن تي پوي ٿو مٺاڻ محسوس ٿئي ٿي، ان وقت دل مان اُها ئي صدا نڪري ٿي، شال اهڙي مٺي آواز کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي!. سُر معذوري ۾ لطيف سائين سسئي جي فرياد کي ڪوئل جي ڪُوڪَ ٿو سمجهي:

    رُڃُن ۾ رَڙِ ٿي، ڪَر ”ڪو وَلَ“ جي ڪُوڪَ،
    وَلَولَو ۽ وُوڪَ، اِيَ تان آهِ عشق جِي!!
    (سُر معذوري)​


    اُن کان علاوه لطيف سائين ٻين بيشمار پکي جانور ۽ جيتن جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي، جن ۾ ٻاٻيهو، ، ڪنگ وغيره آهن.

    نوٽ: اهو ساڳيو مقالو گورنمنٽ گرلس ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان طرفان ڇپايل ” ڪاليج مئگزين“ ”جوت“ 2008 ع ۾ پڻ شايع ٿيل آهي.

    ڪمپوزنگ : نثاراحمد ناز
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    تمام سٺي ونڊ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو