صوف ميون ۾ هڪ قدرتي نعمت آهي۔ صوفن جا ڪيئي قسم ٿين ٿا۔ انگريزي ۾ چوندا آهن an apple a day keeps the doctor awayروزانه صبح جو هڪ صوف کائڻ سان اوهان صحتمند رهندي ڊاڪٽرن کان پري رهندا۔ صوف ۾ وٽامن بي ڪمپليڪس ۽ آئرن جهجهي مقدار ۾ ٿئي۔
پر صوف کائڻ وقت احتياط لازمي آهي۔ ڇو ته صوفن کي تازو رکڻ لاء اڄڪلهه ٿڌ خانن ۾ اسٽور ڪرڻ وقت صوف کي ويڪس جو ڪوٽ چاڙهيو وڃي ٿو ته جيئن اهي تازا رهن۔ ويڪس صحت لاء گهڻو هاڃيڪار آهي ، تنهنڪري صوف خريد ڪرڻ کانپوء ان کي جانچي ڏسو ۽ ڇري سان ان جو ويڪس وارو تهه هٽايو ۽ پوء ڌوئي کائو۔
اميد ته دوستن لاء هي پوسٽ فائديمند رهندي۔