ImamBux
سينيئر رڪن
فضا
۱- فـضـا گـھـلـــي آ جـھـان ۾ اهــڙي وڌي ويــو اڄ فــتور آهـــي
نـه امـن هـاڻـي ڏسـان ٿـو ڪـاٿـي جـھان مان ويو سرور آهي
۲- ڪمال کي جو زوال سمجھي زبان کي جو زيان سمجھي
نه ذهـن اهـڙو وطـن ۾ گـھـرجـي نه ذهـن ان جو ضرور آهي
۳- نه سـوچ ڏي جــو آهــي مــائل اهـو ته ڪم جو سخن نه آهي
سـخـن اهـو آ ٻـڌڻ سان جنهنجي جھان ۾ اڀريو شعور آهي
۴- تمـيز نـاهـي بـري ڀلــي جــي اهــو ڇـا “اڪــرم” نـقـاد ٿـيندو
انـهـيءَ تـي ڪـهـڙي مـيار آهـي جـو پـاڻ ئي بي شعور آهي