12 سيپٽمبر شھيد دولھ دريا خان جي شھادت جو ڏينھن ـ نواب صاحب سنڌ جي آزادي خاطر سر ڏيندڙ ، سورمن ، مدبرن ۽ صحيح رايا رکندڙ محب وطنن مان مکيه ھو.ان کي تنھنڪري سنڌ لاءِ شھيد ٿيندڙ ۾ ٽيون نمبر شمار ڪريون ٿا.!ـ ان جي مزار سندس مربي ڄام نظام الدين جي الھندي طرف مڪلي ٽڪريءَ تي آھي دولھه دريا خان جي زندگي: اھا خبر ٿي ڏي ته قوميت جو وطن جي آڌار تي بنياد ان زماني ۾ به اسانجي مدبرن کي معلوم ھو. ھنن سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن لاءِ ڪوشش ڪرڻ ملڪ جي عزت ، ناموس ، آزادي ۽ حفاظت لاءِ سر تريءَ تي رکي لڙڻ حياتيءَ جو مقصد ڪري ورتو ھو. شاھه صاحب اھڙن ماڻھن لاءِ فرمائي ٿو : ته ڪر ڪيئن مئي جي ، سير نه گھڙي سھڻي، چڪيءَ تنھن چري ڪئي ، جو ڏنس ڏس ڏھي، ھتي حياتي ڏينھڙا ، ھڏھين تان نه ھئي، ھونئين ھوند مئي ، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا. شاھ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد 640 اٽيچمينٽ ڏسو
عظيم شخصيت ۽ بهادر سنڌجو سپوت شهيد دولهه دريا خانعبدالرسول آزاد سمون (سڪرنڊ) سنڌ جي تاريخ ايتري پراڻي آهي جيتري هن دنيا جي وجود وٺڻ جي تاريخ پراڻي آهي. سنڌ دنيا جي پراڻن خوشحال ترين ملڪن مان هڪ رهيو آهي. هن ڌرتي تي بيشمار اهڙا عظيم مثالي ڪردار ٿيا آهن جن جو مثال دنا ۾ ملڻ محال آهي. اهڙن عظيم مثالي ڪردارن مان دولهه دريا خان به هڪ آهي. جيڪو سنڌ وطن جو ٽيون نمبر قومي هيرو آهي. پهريون شهيد اعظم مها راجا ڏاهر آهي. جنهن حملي آور عرب سامراج سان مهاڏو اڏاڪائي سنڌ وطن جي حفاظت ڪندي شهادت ماڻي. ٻيو نمبر دودو سومرو آهي جنهن ڌارئي حملي آور سامراج علآوالدين خلجي سان وڙهندي شهادت پاتي.ٽيون نمبر سنڌ جو قومي هيرو دولهه دريا خان آهي. جنهن جو تعلق سنڌ جي سمان دور سان آهي. سمن 752 هجري کان 923 هجري مطابق 1351ع کان 1519ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. سمان ڪڏهن دهلي جي ماتحت رهيا ته ڪڏهن خومختيار رهيا. سمن تقريبن 160 ورهيه حڪومت ڪئي. ان سڄي دور ۾ سنڌ جي مشهور حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو بن ڄام ڀڀنه جو دور آهي. جيڪو سمن جي سڄي دور جو سونهري دور هو. هن دور ۾ سنڌ مثالي ترقي ڪئي ۽ سنڌ پوري دنيا ۾ نمايان رهي. ڄام نظام الدين 866 هجري مطابق 1462ع کان تخت ويٺو ۽ هي سمن جو سترهون حاڪم هو جنهن 48 سال حڪومت ڪئي. سندس ڏينهن ۾ حڪومت اتر طرف بهاولپور تائين پکڙي، الهندي طرف سبي تائين سنڌ جي حڪومت هئي.ڄام نظام الدين سمون وڏو عالم اعليٰ منتظم، منصف مزاج ۽ سخي هو. هن جي دور ۾ سنڌ ترقي ڪئي. هن اڳيون ساموئي يا سمانگر ڇڏي ان جي ٽن ميلن تي موجود ٺٽي جو شهر نئي سر ٻڌايو ۽ ان کي سن 900 هجري ۾ پنهنجو تخت گاهه مقرر ڪيو. هي شهر احمد آباد وانگر علم ۽ هنر ۾ ايشيا جي صنعتي ۽ تجارتي شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.ڄام نظام الدين جي علم پروري جي هاڪ ٻڌي خراسان ۽ ايران کان ڪيترا عالم ٺٽي ۾ اچي رهڻ لڳا، جنهن ڪري هي شهر ايشيا جو دارالعلوم بنجي ويو. هتي جا ماڻهو نهايت سکيا هئا، هر مهيني ماهه جي پهرين سومر، جمعو ۽ چوڏهين تاريخ تي شاد نما ٿيندا هئا. سنڌ توڙي هند جون تاريخون ڄام نظام عرف ڄام نندي جو ساراهه ڪندي فخر محسوس ڪن ٿيون.ڄام اڃا بادشاهه نه بڻيو ته اڪثر وقت خانقاهن ۽ مدرسن ۾ گذاريندو هو. نهايت وڻندڙ صفتن ۽ اخلاقن جو مالڪ هو. حد درجي جو زهد ۽ عابد ٿي گذريو هن سنڌ جي حاڪم ٿيڻ شرت ملڪي سڌاري طرف توجهه ڏنو ۽ سرحدن کي محفوظ ڪيو. سندس دور ۾ رعيت خوش ۽ ماڻهو آسودا هئا. عالم، صالح، فقير، امير ۽ سپاهي مطلب ته هر قسم جا ماڻهو هن ڄام جي دور ۾ مطمئن هئا. هڪڙي تاريخدان ڄام نندي جي امن پسندي بابت لکيو آهي ته؛ـ “هو هر هفتي پنهنجي طبيلي ۾ ويندو هو ۽ گهوڙن جي پيشاني تي هٿ ڦيري چوندو هو ته اي بختاورءو! جهاد کان سواءِ اوهان تي سواري نه ڪندس ڇو ته هر طرف سرحدن تي مسلمان بادشاهه آهن. دعا ڪريو ته شرعي سببن کان سواءِ ڪٿي به نه وڃان، ۽ نه وري ٻيو ڪو هتي اچي”. هڪڙي هندستاني تاريخدان ڄام نندي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته سنڌ ۾ ٺهيو پر هندستان ۾ پڻ ڄام جهڙو ڪو مثالي بادشاهه نه ٿيو.ڄام نظام جڏهن بادشاهه بڻيو ته ان وقت سنڌ ۾ امن امان ڪونه هو ۽ ملڪي سرحدون به محفوظ نه هيون. ان پس منظر ۾ ڄام ڪي بنيادي فيصلا ڪيا. قائدن قانون کي سڌاري انهن تي سختي سان هلائڻ لاءِ حڪومت جو انظام ٺيڪ طرح هلائڻ لاءِ وزيرن جي هڪ ڪائونسل پڻ جوڙي. انهن وزيرن سچي دل سان وطن ۽ قوم جي خدمت ڪئي. ڪتابن پڙهندي اسان کي ڪجهه نالا ملن ٿا. جيڪي ڄام جي بادشاهي ۾ وزير به هئا ته اهم عهدن تي به ڪم ڪندا هئا. انهن وزيرن مان هڪ دلشاد وزير کي بکر تي مقرر ڪيو ويو، ٻيو وزير لکدير نالي جيڪو هندو هو، جنهن کي لکمير يا لکير پڻ سڏيو ويو آهي. هي وزير همشه ڄام نندي سان شيل شڪار تي گڏ رهندو هو. وزارتي ٽيم ۾ ديوان چاڳلا جو نالو به ملي ٿو جنهن کي ڪاڇي طرف مقرر ڪيو ويو. بهادر خان وزير کي سرحدي شهر سبيءَ تي عملدار بنايو ويو هو. حاجي خان، ماڻڪ ۽ سارنگ پٽ دريا خان به هن ڄام جي زماني ۾ مکيه مشير ۽ آفيسر تي گذريا آهن.انهن سڀني وزيرن ۽ عملدارن ۾ دولهه دريا خان جو نالو مٿاهين حيثيت رکي ٿو. ڄام نندي کيس پنهنجو پٽيلو بنايو هو ۽ مٿس گهڻو اعتماد ۽ اعتبار ٿي ڪيائين، انڪري پاڻ دريا خان کي مختلف روپن ۾ هڪئي وقت وزيراعظم امير جو امير ۽ فوج جو اعليٰ سپهه سالار بنايائين.سنڌ جو هي عظيم قومي هيرو شهيد دولهه دريا خان جنهن جي ذات جو صحيع پتو پئجي نه سگهيو آهي. ڪي چون ٿا ته ذات جو سيد زادو هو. تاريخ ظاهري وري لکيو آهي ته سندس اصل نالو قبوليه هو. ڄام نظام الدين پنهنجي وزير لکدير سان شڪار تي نڪتل هو رستي تي کين کي اڃ اچي تپايو ته اتي ننڍي عمر جي ڇوڪري مال پئي چاريو تنهن پاڻي جو پيالو ڀري اچي ڄام نندي کي پيش ڪيو. پاڻي ۾ ڪجهه ڪک پيل هئا، ان بابت ڄام سبب گهريو ته ڇوڪري جواب ۾ چيو ته قبلا جن کي سخت اڃ هئي يڪدم پاڻي پئي وري سواري ڪن ها ته طبيعت خراب تي خراب اثر پوي ها انڪري ڄاڻي واڻي ڪجهه ڪک وجهي ڏنم ته جن آهستگي سان پاڻي پين. جيتوڻيڪ اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي تڏهن به هن ڳالهه جو ڄام نندي تي گهرو اثر پيو. نتيجي ۾ هن ڇوڪر جنهن جو نالو هو قبوليه هو (جنهن جو مال چاريندو هو تنهن جو نالو راڻو مل راٺوڙ حاڪم ڪلان ڪوٽ هو.) ان کان گهري وٺي آيا ۽ اچي پنهنجو پٽيلو نباياپو. دريا خان 1475ع ڌاري ڄام نندي کي مليو. کيس شاهي آداب سيکاريا ويا، تلوار بازي، تير اندازي ۽ فوج جي اڳواڻي ۾ ماهر بنايو ويو ته جيئن دنيا کي معلوم ٿئي ته سنڌ جي حاڪم ڄام نظام کانپوءِ ان جي حڪومت جو چراغ وسامي نه سگهندو. ڄام نظام الدين جي پراڻي دوست لسٻيلي جي حاڪم سپڙ ڄام جي پٽ کي ڪنهن غيبي طاقت ماري وڌو هو. ڪوشش جي باوجود سپڙ ڄام انهي بلاجي مقابلي کان قاصر ٿي ويو ته سپڙ ڄام ڄام نندي کان مدد گهري. ڄام نندي دوستي جو ڀرم رکندي دوست جي مدد لاءِ غيبي طاقت جي مقابلي لاءِ قبول خان جي قيادت ۾ لشڪر روانو ڪيو. قبول خان پنهنجي ڏاهپ ۽ بهادري جو اعليٰ مظاهرو ڪندي غيبي طاقت جو خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ فتح حاصل ڪئي. غيبي طاقت جو مقابلو آسان نه هوپر قدرت ڪاميابي نصيب ڪئي. خير خيريت سان جڏهن قبول خان واپس آيو ته خوشي ۾ ڄام نندي سڀني قيدين جو سزائون معاف ڪيون ۽ ڪو به قيدي قيد خاني ۾ نه بچايائين سڀني کي آزاد ڪيائين. محتاجن ۽ غريبن ۾ لنگر ورهايو ويو. اگهاڙن جا انگ ڍڪيا ويا ۽ بکايلن کي پيٽ ڀري کارايو ويو. انهي شاندار ڪاميابي تي قبول خان کي گلن جا هار پارايا ويا ۽ ڄام نندي قبول خان کي دريا خان جي لقب سان سرفراز ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته وادي سنڌ جو ايندڙ حڪمران دريا خان جي نالي سان سڏيو ويندو. دريا خان جي ذهانت ۽ دريا دلي روشن آهي. انهي ڪري قبول خان کي ”دريا خان“ جي لقب سان نوازيو ويو جيڪو سندس شايان سان رهندو.جيئن ته ڄام نظام الدين سنڌ جو بادشاهه دريا خان جهڙي اعليٰ منتظم، بهادر ۽ ذهين سپاهي هوندي مضبوط ۽ طاقتور حاڪم هو پر ان هوندي به هميشه امن واري پاليسي تي گامزن رهيو ۽ ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ تي هلان نه ڪيائين. آس پاس جي بادشاهن سان دوستي قائم ڪيائون. ان دور ۾ سبي سنڌ جو هڪ اهم فوجي سرحدي ۽ سياسي مرڪز هو. بهادر خان گورنر ۽ فوجي ڪمانڊر هو. سندس گورنري جي وقت ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نهايت اهم خوبي واقعو ٿي گذريو آهي. ان زماني ۾ هرات جي ملڪ تي حسين بايقرا مرزا بادشاهي ڪندو هو. قنڌار جو شهر به هن جي تابع هو جتي سندس امير ذلنون ارغون مقرر ٿيل هو هي امير نهايت سرڪش هو کيس هر وقت هي خيال هوندو هو ته ڪو ملڪ فتح ڪري. حسين مرزا وٽ سرخرو ٿئي، ان کانسواءِ کيس هي به خيال هو ته متان اسان کي هتان بي دخل ٿيڻو پوي، انڪري امير ذولنون سنڌ جي پرامن ملڪ تي حملي ڪرڻ جي رٿا جوڙي. ارغون گورنر پنهنجي پٽ شاهه بيگ کي وڏو لشڪر ڏئي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. سنڌ لشڪر ۽ ارغون جي سپاهه ۾ 1485ع ۾ جنگ ڇڙي هي لڙائي پورا ٻه سال جاري رهي. سمن لشڪر سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏي، سوين ڪونڌر ڪسي ويا، ان هوندي به بهادر خان سبي جو گورنر شڪست کائي اچي سنڌ جي تخت گاهه ٺٽي نڪتو. هي واقعو 1487ع ۾ ٿي گذريو. شاهه بيگ ارغون سبي شهر تي قبضو ڪيو ۽ شهر کي پنهنجي ڀاءُ ابو المحمد مرزا عرف سلطان محمد کي گورنر سنائي شاهه بيگ ارغون پاڻ قنڌار ڏي موٽي ويو. سنڌ جو بادشاهه ۽ دريا خان امن پسند ماڻهو هئا پر صورتحال ان حد تائين خطرناڪ ٿي وئي جو دشمن علائقا ڦٻائي للڪاري رهيو هو. ان کان وڌيڪ ته سنڌي مسلمان انتهائي سادا ۽ صاف دل انسان هئا انهن کي حملي آورن هندو ۽ ڪافر پي سڏيو.تڏهن ماٺ ڪري ويهڻ وڏي بزدلي ليکي وڃي ها. انڪري ڄام نندي سبي ۽ ملڪ جي اترين اولاهين سرحد بابت پوري پوري معلومات حاصل ڪري انتهائي سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيائون. ارغونن جي سنڌ طرف وڌڻ جي نيت محسوس ڪيائون ته ڄام نندي ارغونن کي سيکت ڏيڻ ۽ سنڌ جي وڃايل علائقن جي واپسي لاءِ اهم فيصلا ڪيا. دريا خان کي سپهه سالار مقرر ڪري هڪ وڏي لشڪر سان هن اهم ۽ مکيه فوجي مهم تي موڪليو. حقيقت ۾ دريا خان جي جنگي تربيت ۽ اعليٰ فوجي مهارت جي هي پهرين وڏي آزمائش هئي. دريا خان سبي جي آس پاس پهچي علائقي جي جاگرافي بابت ڄاڻ حاصل ڪئي. بولان اڪ جو چو ڦيرو فوجي چونڪين جي باري ۾ با خبر ٿيا. سبي شآل ۾ رهندڙ قومن ۽ قبيلن متعلق معلومات حاصل ڪري مکيه سردارن ۾ اميرن سان جنگ بابت صلاحون ڪري سنڌ جي هن نوجوان بهادر سپهه سالار وڏي رٿا، حڪمت عملي ۽ عقل مندي سان ارغون خلاف جنگ ڇيڙي. ارغونن جي اڳواڻ ابو المحمد مرزا ۽ لشڪر ۾ فيصلا ڪن لڙائي 1490 ۾ ٿي. دريا خان جي ڪوشش رنگ لاتو. ارغونن کي عظيم شڪست ملي. سبيءَ شهر تي سنڌ جي حاڪم جو اختيار بحال ٿيو ۽ ابوالمحمد عرف سلطان محمد قتل ٿي ويو. (ياد رهي ته هي ارغونن پاران سبيءَ جو حاڪم مقرر ڪيل هو ۽ شاهه بيگ ارغون جو ڀاءُ هو). دريا خان هن وڏي سوڀ حاصل ڪرڻ بعد به فتوحات جو سلسلو جاري رکيو. دريا خان اڳتي وڌي دشمن کان بولان لڪ به پنهنجي قبضي ۾ ورتو ۽ اتي پنهنجا عملدار ۽ سپاهي مقرر ڪري مطمئن ٿي واپس سنڌ جي تخت گاهه ڏي روانو ٿيو. دارالحڪومت ڏانهن ايندي دريا خان بکر ۽ سيوهڻ کان ٿيندو، اتان جي صورتحال بابت معلومات وٺندو قاتحانه انداز ۾ تخت گاهه پهتو. جيسين ڄام نندو زنده هو ارغونن يا منگولن وري سنڌ جي ڪنهن علائقي يا شهر تي حملو نه ڪيو. هن تاريخي سوڀ متعلق هڪڙي انگريز اديب لکيو آهي ته هن گهڻا بهادري حاڪم ڪيا ۽ سنڌ جي چوء طرف ملڪ فتح ڪيا. سڄي واٽ تي باهين جا مچ ٻارائي ڇڏيائين ته جيئن سندس ماٽيلي وارن کي هن فتح جي خبر پوي. هن سوڀ متعلق مير طاهر محمد پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هن پنهنجي تدبر سان ملتان کان ڪيچ، قنڌار، مڪران ۽ ڪڇ جي سرحدن تائين سمورا علائقا ڄام نظام جي حڪومت ۾ داخل ڪري ڇڏيا. اڌ رات جو سندس ڪوبه ماڻهو ڪنهن ڪم ڪار سان انهن صوبن ڏي ويندو هو ته راڄ توڙي وڏيرا سندس حڪم اکين تي رکي سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا. دريا خان جي شادي ڪلان ڪوٽ جي والي ٻالي راٺوڙ جو مال چاريندو هو ۽ هيموءَ ڇوڪري کيس ماني آڻي ڏيندي هئي. نتيجي ۾ هنن ۾ ننڍي هوندي پاڻ ۾ پيار ٿي ويو. پر ان جو اظهار هڪٻئي سان نه ڪيائون. دريا خان کي ڄام نندو وٺي ويو. پٺيان هيموءَ جو مڱڻون راڻي پنهنجي ڪاهو ڏانور سان ڪرائي ڇڏيو. پر ننڍي هوندي جو پيار ان کان به عظيم رشتو آهي. ڄام نندي جي راڻي جنهن جو نالو “مدينه” هو ذات جي مڇاڻي هئي، سا دولهه دريا خان کان متنفر هئي. چاهيائين ته ڪنهن به حالت ۾ دولهه دريا خان ختم ٿئي ۽ منهنجو پٽ فيروز تخت تي ويهي. دريا خان جي هوندي ٿي سگهي ٿو ته ائين نه ٿئي . جيڪو عمر ۾ ننڍو آهي.سو راڻي پنهنجي حسينه ڪنيز سان مشورو ڪري دريا خان کي مارڻ جو منصوبو جوڙيو. ڪنيز حسينه جمعدار کي چئي گهوڙي کي ڪانشيدارشيءَ کارائي ته جيئن قبول خان شڪار تي وڃي ته تيز گهوڙي تان ڪري پي. جيئن قبول خان گهوڙي تي سوار ٿيو ته تيز گهوڙي هڪ تلاءُ جي پاسي گوڏا کوڙي ڪري پيو. هي اهو تلاءُ هو جتي هيموءَ پنهنجي ساهيڙين سان وهنجي رهي هئي. دريا خان تلاءُ جي ڪپ ٿي ويهي رهيو. هيموءَ سان مخاطب ٿيندي چيائين ته ياد اٿئي هيموءَ تون مون ڏانهن روزانو ماني کڻي ايندي هئين منهنجو ته توسان ان وقت کان وٺي بيحد پيار آهي. جواب ۾ هيموءَ چوي ٿي ته جڏهن تون اسان جا گابا چاريندي هئين تڏهن ته ڪو نه ڪڇئين. دريا خان موٽ ۾ چيو ته هيموءَ ان وقت آئون اوهان جو ٻيلي هوس. انڪري ڪڇڻ واجب نه هو. پر هينئر مان خود امير آهيان. تنهنڪري اهڙو اظهار ڪيان پيو. هاڻ ته توکي حاصل ڪرڻ ئي منهنجو مقصد آهي. هيموءَ دريا خان کي چيو ته اي دريا خان مهنجي به توسان ايتري محبت آهي. جيتري تنهنجي. هاڻ تون آقا سنڌ ڄام نظام الدين کي چئه ته منهنجو سڱ اچي مائٽن کان گهري آئون تنهنجي آهيان. شهزادي دريا خان جو گهوڙي تان ڪرڻ، خطرناڪ جهنگ ۾ رات گذارڻ ۽ صحيع سلامت رهڻ معجزي کان گهٽ ناهي. ڄام نظام کي جڏهن خبر پئي ته اها رات دريا خان هيموءَ جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي ۽ گڏ رهڻ جو وچن ڪيائون ته ڄام نظام راڻي جي ڀاءُ ڪاهو ڏانور سان مڱڻي جي خبر هوندي به دريا خان جي خواهش کي مٿاهون رکندي ڄام نظام پنهنجو قاصد اول خان هڪ ٻئي ساٿي سان گڏ هيموءَ جي پيءَ ڏانهن موڪليو. هيموءَ جي پيءُ پنهنجا مختلف مسئلا پيش ڪيا. جن جي خاطري ڪرائي وئي. ته هيموءَ جي پيءُ شهزادي دريا خان سان رشتو ڳنڍڻ جو اعلان ڪيو. ڄام نظام وڏي ڌام ڌوم سان دريا خان جي سندس خواهش موجب شادي ڪرائي. دريا خان کي هيموءَ مان ٽي پٽ ناليرا ٿيا جن کي سيوهڻ لڳ وڏيون جاگيرون مليل هيون ۽ اميرن ۾ شامل هئا. ٽن جا نالا؛ علاوالدين، محمود خان، مٺڻ خان هئا جڏهن ٻه ٻيا پٽ؛ سارنگ خان ۽ احمد خان به هئا. ڄام نظام الدين 914 هجري مطابق 1508ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات مهل ڄام صاحب دريا خان کي سندس پٽ فيروز جي پارت ڪئي. ان کانپوءِ ڄام فيروز تخت تي ويٺو ۽ دريا خان وزير اعظم طور حڪومت جي واڳ ورتي. ان وقت گجرات ملڪ ۾ جلاوطن سنڌي شهزادي ڄام صلاح الدين به حڪومت جي دعويٰ ڪئي. بادشاهه مظهر گجراتي جي زال ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز جي سوٽ هئي. گجرات جو لشڪر وٺي صلاح الدين سنڌ تي حملو ڪيو ليڪن دريا خان جي دانائي سان معاملو ختم ٿي ويو. ڄام نندي جي وفات کان صرف چار سال پوءِ 1512ع ۾ دريا خان کي سنڌ جي حڪومت کان بيدخل ٿي پنهنجي جاگير ڳاها طرف هليو ويو. هي شهر سيوهڻ کان اتر اولهه ۾ 21 ميلن ٿي واقع آهي. سنڌ جي درٻار کان دريا خان جي ڌار ٿيڻ جو ٻڌي ڄام صلاح الدين گجرات کان لشڪر وٺي اچي ٺٽي کا نڪتو هي خبر ڄام فيروز کي پئي ته هڪدم شهر ڇڏي ڀڄي ويو. ڄام صلاح بنا ڪنهن لڙائي جي بادشاهه بنجي ويو. هاڻ ڄام فيروز پنهنجون سڀ غلطيون محسوس ڪيون ۽ کيس خطري ٿي ته ائين دريا خان جي هجڻ ڪري ٿيو آهي. ته پوءِ اهي ڳالهيون ڳڻي پنهنجي ماءُ مدينه ماڇاڻي کي ساڻ ڪري ڄام فيروز ڳاها دريا خان وٽ آيو. دريا خان گهڻي ويچار کان پوءِ فيروز سان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. پاڻ پنهنجي اثر وارن علائقن بکر ۽ سيوهڻ مان لشڪر گڏ ڪري ٺٽي طرف روانو ٿيو. ڄام صلاح الدين صرف اٺ مهينا مارچ کان آڪٽومبر 1512ع سنڌ جو بادشاهه رهيو. ان وچ ۾ فيروز ۽ دريا خان جو ٺاهه ٿي ويو. دريا خان لڙائي ۽ هوشياري سان صلاح الدين کي بادشاهي تان بيدخل ڪيو ۽ ڄام فيروز ٺٽي پهچي تخت نشين ٿيو. پهرين شوال 918 هجري مطابق 12 آڪٽومبر 1512ع تي دريا خان خاتحانه انداز ۾ ٺٽي ۾ داخل ٿي. هاڻي ڄام فيروز ٺهي ٺڪي سنڌ جو بادشاهه بنجي ويو. دريا خان کي پڻ سندس سڀني اڳين عهدن تي مقرر ڪيو ويو. ليڪن هن ڀيري به درٻارين ۽ بادشاهه جي عزيزن دريا خان سان دشمني جاري رکي. نيٺ دريا خان سان دشمني تيز تي وئي ۽ فيروز به انهن حرڪتن ۾ شامل ٿيندو ويو کانئس اها ڳالهه وسري وئي هئي ته اڃا دريا خان کيس وري بادشاهه بنائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. هاڻي ته بدبخت فيروز جي ذهن تي هر وقت دريا خان ڇانيل رهندو هو. سندس مرضي اچي اها بيٺي ته ڪيئن به ڪري دريا خان مان پلئه آجا ڪجن، انڪري ڏينهون ڏينهن هن سنڌ سورهيه خلاف سرگرميون وڌائي ڇڏيائين. سمن ۽ فيروز جي مائٽن مائي مدينه ماڇاڻي جيڪا ڄام فيروز جي ماءُ کي ڀرڪايو ته ملڪ ۾ فيروز جو ڪوبه حڪم نٿو هلي سڄو ملڪ هڪ غلام دريا خان جي اشارن تي نچي ٿو. انڪري اها ڪوشش ڪجي ته قنڌار مان مغلن کي گهرائجي. پوءِ مغلن ملڪ موٽائي ڏنو ته به واهه جي نه تڏهن به دريا خان مان پلئه آجا ٿي پوندا. نيٺ فيروز جي ماءُ مدينه وڃي قنڌار کان نڪتي، هن اتي پهچي شاهه بيگ ارغون سان ملاقات ڪئي ۽ کيس هتان جي سڀني معاملن جي ڄاڻ ڏني . نيٺ کيس ٺٽي تي حملي جي دعوت ڏئي پاڻ سان گڏ وٺي آئي. شاهه بيگ ارغون سن 1520ع جي آخر ۾ سنڌ تي حملو ڪيو. سندس لشڪر باغبان (تعلقه سيوهڻ) جي پرڳڻي ۾ ڦرلٽ ڪئي. باغبان مان هزارين اٺ ڦريا. ان کان سواءِ ارغونن اتر ۽ وچ سنڌ جي ڪيترن ئي وسندڙ علائقن ۽ شهرن ۾ ڦرلٽ ڪئي. جن ۾ چانڊڪا (ضلعو لاڙڪاڻو) ۽ ڪوٽ ماڇي به اچي وڃن ٿا. شاهه بيگ ارغون سيوهڻ کان لنگهيو ته دريا خان جي پٽن کيس للڪاريو، پر پاڻ رستو تبديل ڪري لڪي جبلن کان ٿيندو اچي ٺٽي جي ڀر ۾ خان واهه جي ڪناري لٿو. هي خبر ملڻ شرط دريا خان مکيه ميثرن ۽ خود بادشاهه ڄام فيروز سان صلاح مشورا ڪيا. ڄام فيروز کي چيائين ته هي مصيبت تو اسان تي نه آندي آهي، پر پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو اٿئي. بهتر آهي ته پاڻ سنڀال ۽ سڀ گڏجي انهي آفت سان هلي منهن ڏيون. ٻي صورت ۾ اڳتي هلي وري به توکي پشيمان ٿيڻو پوندو. ڄام فيروز ان معاملي تي ڪوبه غور نه ڪيو ۽ بي اونو ٿي پير پٺي جي درگاهه طرف هليو ويو. ٺٽي جي شهرين به هن مسئلي تي گهڻو ويچار نه ڪيو ۽ تماشو ڏسڻ لڳا. ارعونن 22 ڊسمبر 1520ع تي ساموئي جي ميدان تي جنگ جو گڏ ڪيو هڪ طرف شاه بيگ جنگ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو ته ٻئي طرف مخلص سورهيه ساٿين سان دولهه دريا خان جنگ جي ميدان تي موجود هو. صبح کان شام تائين ارغون ۽ سنڌين ۾ ڇتي جنگ ٿيندي رهي. دريا خان وڏي ڪاميابي سان وڙهندو رهيو. ارغون نه ته کيس شڪست ڏئي سگهيا ۽ نه وري ختم ڪري سگھيا. آخرڪار دريا خان کي صلح جي بهاني سان جنگ بند ڪرڻ تي راضي ڪيو ويو. ان ريت کيس ڳالهين لاءِ گهرائي ارغونن دريا خان کي 22 ڊسمبر 1520ع تي شام جو شهيد ڪري ڇڏيو.