لاکا روڊ واسي 3 ڀائرن سميت 5 پورهيت ڪراچي سانحي ۾ حياتيون وڃائي ويٺا، سوڳ ۾ شهر بند لاکاروڊ (ن ڪ) ڪراچي جي گارمينٽ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب لاکاروڊ واسي ٽن ڀائرن سميت 5 پورهيت به حياتيون وڃائي ويٺا، هڪ زخمي، ڳوٺ ۾ ڪهرام سوڳ ۾ لاکاروڊ شهر بند، خبر موجب ڪراچي جي گارمينٽ فيڪٽري ۾ باهه سبب سڙي فوت ٿيلن ۾ لاکاروڊ ڀرسان ڳوٺ قاسم وگهيو جا ٽي سڳا شادي شده ڀائر 38 سالن جو نظام الدين وگهيو، محمد اسحاق وگهيو ۽ محراب وگهيو ٽئي پٽ سرهو وگهيو، جڏهن ته 28 سالن جو الاهي بخش پٽ يار علي وگهيو ۽ الهرکيو پٽ ننگر خان وگهيو به سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ نوجوان الهورايو پٽ امام علي وگهيو فيڪٽري جي ڇت تان ٽپ ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ سندس ڄنگهه ڀڄي پئي ۽ سخت زخمي ٿي پيو، واقعي جو اطلاع ڳوٺ ملندي ئي ڪهرام مچي ويو، عورتن ۽ مردن توڙي ٻارڙن ۾ دانهون پئجي ويون، جڏهن ته سوڳ ۾ لاکاروڊ شهر بند ٿي ويو، هن افسوسناڪ حادثي ۾ فوت ٿيل ٽئي ڀائر شادي شده هئا، لاکاروڊ ڀرسان ڳوٺ قاسم وگهيو هڪ وڏي آبادي وارو ڳوٺ آهي، اٽڪل 10 سالن کان علائقي ۾ سم ۽ ڪلر وڌي وڃڻ ڪري ڳوٺانن جون زمينون بنجر بڻجي ويون، روزگار جو ذريعو بند ٿي وڃڻ سبب مجبورٿي ڳوٺاڻن ٻين شهرن خاص ڪري ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ ڳوٺ جا ڪئي سئو کان وڌيڪ ماڻهو ڪراچي جي مختلف فيڪٽرين ۾ پورهيو ڪن ٿا، فوتي اٽڪل 5 سالن کان هن فيڪٽري ۾ پورهيت طور ڪم ڪندا هئا، هوڏانهن هڪ ئي ڳوٺ جي 5 ماڻهن جي اوچتي وفات تي علائقي ۾ هر اک آلي ٿي وئي. 643 اٽيچمينٽ ڏسو
لڙڪ روڪجن ته به ان ڏکاري خبر تي رڪجن ئي نٿا۔ الله پاڪ انهن مڙني فوت ٿيلن کي پنهنجي خاص رحمت جي پاڇي ۾ جڳهه نصيب ڪري انهن کي شهادت جو رتبو عطا ڪري، ۽ انهن جي وارثن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ ۽ صبر ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري۔ آمين۔