• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لاکا روڊ واسي 3 ڀائرن سميت 5 پورهيت ڪراچي سانحي ۾ حياتيون وڃائي ويٺا

لاکا روڊ واسي 3 ڀائرن سميت 5 پورهيت ڪراچي سانحي ۾ حياتيون وڃائي ويٺا، سوڳ ۾ شهر بند
لاکاروڊ (ن ڪ) ڪراچي جي گارمينٽ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب لاکاروڊ واسي ٽن ڀائرن سميت 5 پورهيت به حياتيون وڃائي ويٺا، هڪ زخمي، ڳوٺ ۾ ڪهرام سوڳ ۾ لاکاروڊ شهر بند، خبر موجب ڪراچي جي گارمينٽ فيڪٽري ۾ باهه سبب سڙي فوت ٿيلن ۾ لاکاروڊ ڀرسان ڳوٺ قاسم وگهيو جا ٽي سڳا شادي شده ڀائر 38 سالن جو نظام الدين وگهيو، محمد اسحاق وگهيو ۽ محراب وگهيو ٽئي پٽ سرهو وگهيو، جڏهن ته 28 سالن جو الاهي بخش پٽ يار علي وگهيو ۽ الهرکيو پٽ ننگر خان وگهيو به سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ نوجوان الهورايو پٽ امام علي وگهيو فيڪٽري جي ڇت تان ٽپ ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ سندس ڄنگهه ڀڄي پئي ۽ سخت زخمي ٿي پيو، واقعي جو اطلاع ڳوٺ ملندي ئي ڪهرام مچي ويو، عورتن ۽ مردن توڙي ٻارڙن ۾ دانهون پئجي ويون، جڏهن ته سوڳ ۾ لاکاروڊ شهر بند ٿي ويو، هن افسوسناڪ حادثي ۾ فوت ٿيل ٽئي ڀائر شادي شده هئا، لاکاروڊ ڀرسان ڳوٺ قاسم وگهيو هڪ وڏي آبادي وارو ڳوٺ آهي، اٽڪل 10 سالن کان علائقي ۾ سم ۽ ڪلر وڌي وڃڻ ڪري ڳوٺانن جون زمينون بنجر بڻجي ويون، روزگار جو ذريعو بند ٿي وڃڻ سبب مجبورٿي ڳوٺاڻن ٻين شهرن خاص ڪري ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ ڳوٺ جا ڪئي سئو کان وڌيڪ ماڻهو ڪراچي جي مختلف فيڪٽرين ۾ پورهيو ڪن ٿا، فوتي اٽڪل 5 سالن کان هن فيڪٽري ۾ پورهيت طور ڪم ڪندا هئا، هوڏانهن هڪ ئي ڳوٺ جي 5 ماڻهن جي اوچتي وفات تي علائقي ۾ هر اک آلي ٿي وئي.
 
لڙڪ روڪجن ته به ان ڏکاري خبر تي رڪجن ئي نٿا۔ الله پاڪ انهن مڙني فوت ٿيلن کي پنهنجي خاص رحمت جي پاڇي ۾ جڳهه نصيب ڪري انهن کي شهادت جو رتبو عطا ڪري، ۽ انهن جي وارثن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ ۽ صبر ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري۔ آمين۔
 
Back
Top