اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا، درازيءَ جي ديس جا، سنائيءَ جي سنڌ جا. عزم عنايت سچ سگھارو، برک بلاول، حيدر پيارو، اِهي پيارا پيارا ماڻهو، پياري پياري سنڌ جا. ڪوٺَ ڪنائي پورهيت جاڳيو، جرئت جاڳي، رتَ ستَ جاڳيو، جاڳي پيا جيالا سارا، هاري ناري سنڌ جا. ڌرتيءَ ڄايا پيا گڏجي سڏجي، سچ جي سڏ تي پرچي سرچي، جوڙيون پيا نِڪورا خاڪا، آجي آجي سنڌ جا. سورج وانگي چمڪي سنڌڙي، جُڳ جُڳ ۾ جيئي سنڌڙي، هجن هر زبان تي نعرا، صبح، سانجھي سنڌ جا. جنت ڪاڇو ۽ ٿر آهي، ڪوثر منڇر، ڪينجھر آهي، وڻن ٿا نظارا ڏاڍا سُهڻي سُهڻي سنڌ جا. سنڌڙي جندڙي پياري پياري، عشق منجھان استاد بخاري، ويٺا گيت ٺاهيون ۽ ڳايون، مِٺي پنهنجي سنڌ جا.
اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا، درازيءَ جي ديس جا، سنائيءَ جي سنڌ جا. جيئي سنڌ امڙ، ادا بلڪل اسان پنهنجي سنڌ امڙ جا سپاهي آهيون
تمام بهترين شاعري مرحوم استاد بخاري جي جيڪا توهان اسان سان هت شيئر ڪئي، اهڙيون ٻيون به کوڙ ساريون شاعريون استاد بخاري جون هن سنڌ ڌرتي جي لاٌءِ آهن، پر ادا مگسي اوهان کي التجا ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري اڃا به مزيد مواد استاد بخاري جو اسان سان هن ساٿ ۾ شيئر ڪندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مٺا لڳي ٿو ادو مگسي به مون وانگر بجيٽ ٺاهڻ ۾ پورو آهي، مٺا آءُ ته ڪيئن به ڪري ڌِڪا مُڪان هڻي ڪري فورم تي لاگن ٿيندو آهيان، ادا ايڊيٽر جو ٿياسين،
سدا موجود ڀيڻ! اوهان جي پوسٽ کي بلڪل پڙهيو ويو، مان چاهيان پيو ته اڃان به وڌيڪ هجن ته مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ sadayeen gud
جواب: اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا، ادا مگسي اسلام عليڪم۔ادا هڪ ته شاعر تمام سٺو وري جنهن شخصيت کي ان شاعري ۾ متوجه ڪيو ويو آهي لاجواب ۔هون ته هيء شاعري اسان ڪاليج جي زماني ۾ ٻڌي هئي پر اڄ جڏهن شاه عبدالطيف جو عرس تمام گهڻو ويجهو آهي ،توهان جو هي پراڻو ليک اسان جي نظر کان گذريو ته سچ مچ ڏاڍو لطف آيو۔توهان جا لک لائق۔