مختلف ٽي وي چئنلز مختلف خبرون ڏنيون آهن ، مثال طور 1۔ فيڪٽري اندر ٽي ڌماڪا ٿيا جنهن جي ڪري ڪپڙي کي باه لڳي ۔ 2۔ حمله آورن اسلحه جي زور تي تمام دروازا بند ڪري مزدورن کي موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيو ۔ 3۔فائربرگيڊ جي عملي کي ڪنهن به طريقي سان روڪيو ويو ته هو فيڪٽري جي مدد نه ڪن ۔ 4۔ اتان جي انتظاميه جي مطابق متاثرين فيڪٽري جي اڪثريت سنڌ جي ٻين ضلعن جي آهي ۔ هاڻي اچو ته ڪجه هيٺين ڳالهين تي غور ڪجي ۔ 5۔ 20آگسٽ 1978 تي ايران جي شهر آبادان ۾ ان وقت جي شاه ايران هڪ سئنيما کي باه ڏياري جنهن ۾ 400 بي گناه انسان سڙي خاڪ ٿي ويا۔ جڏهن هن جو تخت وتاج لُڏڻ شروع ٿيو هو ۔ 6۔ 1994 ع ۾ ڏوڪري شهر جي رهواسڻ جا ڪنهن اسڪول ۾ ٽيچر هئي ، ڪراچي ۾ الڪرم اسڪوائر جي آڏو بلو لائين ڪوچ ۾ کيس ٻچڙن سوڌو ساڙيو ويو هو ۽ ان شهيد کي ڪوچ مان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو ويو هو ۔ 7۔ ڪٿي ايئن ته نه آهي ؟؟؟؟ سنڌ کي ورهائڻ واري سازش کان ڌيان هٽائڻ لاءِ هنن پناهگيرن ، پنٽرن ، ماڪوڙن ، مڪڙن ، تليهرن ، لگڙبگهڙن ، هٿ وٺي ڪرايو هجي !!!
جيسيتائين ڪي خاطر خواهه شاهديون سامهون نٿيون اچن ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، پر هر عقلمند جو ذهن ايترو ته سمجهي ٿو ته ان ۾ ڪي لڪل هٿ ضرور آهن۔ حادثا پاڻمرادو به ٿيندا آهن پر اهڙي پيماني تي جنهن ۾ ڪو به صحيح سالم زندهه نه بچي ۽ هڪ ئي وقت سموري فيڪٽري کي باهه وڪوڙي وڃي ٿي وري ڏک واري ڳالهه ته ڪو به دروازو کليل نه هجڻ گهڻين شڪ شبهن کي جنم ڏي ٿو ان لا ذهن نٿو قبولي، باقي وقت گذرڻ سان حقيقتون سامهون اينديون۔
اڃان تائين مختلف ڳالهيون ۽ متضاد ڳالهيون سامهون آيون آهن ۔۔۔۔ تنهنڪري بغير ثبوتن جي ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي۔ فيڪٽر ي مالڪن سنڌ هاء ڪورٽ جي لاڙڪاڻي رجسٽري مان پنهنجي ضمانت ڪرائي آهي۔ فيڪٽر مالڪ چوي ٿو ته فائر برگيڊ کي اطلاع ڏنو ويو پر فائر برگيڊ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان پهتي ، هن وڌيڪ چيو ته باهه لڳڻ واري رات هو رات ٻارهين بجي تائين پنهنجي ڀاء سان گڏ فيڪٽري ۾ موجود هيو پر ڪو شخص آيو ۽ اسان کي اتان نڪري وڃڻ جو چيو۔ هن وڌيڪ چيو ته فائر برگيڊ جي عملي مرڪزي دروازي جي باهه وسائڻ ۾ ڄاڻي واڻي سستي ڪئي۔ هوڏانهن ڪامرس ۽ انڊسٽريز جي صوبائي وزير رئوف صديقي استعيفا ڏئي ڇڏي آهي۔
جيڪڏھن اسان ج ڪڪڙ ٿي چوري ٿئي ته اسان پنھنجي جاکوڙ ڪري ڪڪڙ لھي ٿا وٺون، ھتي ھيڏا وڏا واقعه ٿا ٿين ۽ مجرم ڪونه ٿا لڀن، نا اھلي نه آھي ته ٻيو ڇا آھي۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟؟؟