غصو حرام آهي ۽ غصي کي کائڻ حلال آهي ۔ غصو هميشه اڪيلو ايندو آهي ، پر جڏهن ويندو آهي ته ويندي ويندي پاڻ سان گڏ عقل ، سمجهه ،اخلاق ، ذهانت ۽ شخصيت جي خوبصورتي وٺي ويندو آهي ۔
ادا رضوان علي جمالي صاحب اسلام عليڪم۔ غصي جي باري ۾ اوهان جو ليک بلڪل سچي مشاهدي تي مبني آهي۔ غصه يا ڪاوڙ تي قابو(ڪنٽرول) ڪرڻ به هڪ قسم جو جهاد آهي۔ غصي جي حالت ۾ ڪيل عمل گهڻن جاهلت جي ڪيل عمل کان به گهڻو خراب هوندو آهي۔غصي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ انسان جي شخصيت کي مسخ ڪري ڇڏيندو آهي۔ شل الله پاڪ اسان کي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ (بقول ادا عرس پريو) توهان جا لک لائق۔
بلڪل ادا جمالي صاحب، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي حديث پاڪ جو به مفهوم آهي ته ڪاوڙ وقت اوهان جيڪڏهن بيٺا آهيو ته ويهي رهو، ويٺا آهيو ته ليٽي پئو،،،