حياتي تو ڏني خيرات آهي نه مان آهيان نه منهنجي ذات آهي ڪجي ته ڪجي به ڇا! ديوانگي تي اُداسي جي ڦُٽي پرڀات آهي جدائي جان جھوري ٿي وجھي پر وڇوڙو عشق جي سوغات آهي ڇڏي ڏي رنجشن کي ڪر اچڻ جي لڳي پئي ساھ کي سڪرات آهي ازل کان جنگ جوٽي درد سان پر ازل کان ئي ملي بس مات آهي اسان جي زندگي آڪاش تو بن سُڃين سنسان ڪاري رات آهي وسيم آڪاش سيتائي