You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
وائي ۔ مجيب سنڌي
هاڻي آءُ هلي
آيا سانوڻ مينهنڙا
ٿر بر آ سائو ٿيو
مهڪي مند ڀلي
آيا سانوڻ مينهنڙا
موسم ڏس ملهار جي
کنوڻين ساڻ کلي
آيا سانوڻ مينهنڙا
رنگ نرالا مينهن جا
ڌرتيءَ جهول جهلي
آيا سانوڻ مينهنڙا
” مجيب “ تو لئه ٿو سڪي
اڄ مل تون به کلي
آيا سانوڻ مينهنڙا
مُند وَري
تون به وَري
آءُ وري
امداد حُسيني
مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
رنگ نرالا مينهن جا
ڌرتيءَ جهول جهلي
آيا سانوڻ مينهنڙا
بهترين ۔۔۔۔۔۔۔۔ مجيب سائين مند ۽ موقعي جي مناسبت سان اوهان بهترين وائي ونڊ ڪئي آهي۔