• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

راشد مورائي سوکا آهن سانگ رچائڻ ، نانگ نچائڻ مشڪل آ

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
سوکا آهن سانگ رچائڻ ، نانگ نچائڻ مشڪل آ
پاڻ پڏائڻ سنهنجوآ ، ميدان ملهائڻ مشڪل آ
ڀؤنرٿيڻ ۾ آساني آ ، گل جو واس وٺي سگهبو
پروانو ٿي باه وسائڻ جان جلائڻ مشڪل آ
روڪڻ ساڻ رهان ته بچان ، پر جيجل ! مان ڪيئن جوڙ ڇڏيان
ساه سهائڻ سولو آ ، پر ساٿ سهائڻ مشڪل آ
هاءِ عقل جا انڌا ڪي ، ”راشد“ کي اڃا سمجهي نه سگهيا
موت قبولڻ ممڪن آ ، پر ڳاٽ جهڪائڻ مشڪل آ
راشد مورائي
 
هاءِ عقل جا انڌا ڪي ، ”راشد“ کي اڃا سمجهي نه سگهيا
موت قبولڻ ممڪن آ ، پر ڳاٽ جهڪائڻ مشڪل آ
راشد مورائي جي شاعريء مان خوبصورت چونڊ
 
Back
Top