بلديه ٽائون سانحي ۾ ڪيترا سنڌي متاثر ٿيا۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2012۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    منھنجي بدقسمتي آھي يا خوش قسمتي ھر ھڪ پنھنجي سوچ جو مالڪ ڪنھن جي سوچ سان ڪو اختلاف ته رکي ٿو سگھي پر ان جي سوچ ويچار فڪر کي تبديل ڪرڻ ممڪن نه آھي۔
    چوندا آھن ته غريب مسڪين مزدور بکايل محتاج جو ڪوبه دين ڌرھم ذات قوم نه ھوندي آھي، بلديه ٽائون فيڪٽري سانحي ۾ مختلف قومن سان واسطو رکندڙ ماڻھون شھيد ۽ زخمي ٿيا آھن ھي سانحو ھڪ وڏو سانحو آھي۔
    ھن سانحي ۾ شھيد زخمي ٿيندڙن ۾ مرد عورتون ڇوڪرا ڇوڪريون شامل آھن، شھيد ٿيندڙ جي وارثن ۽ زخمي ٿيلن جي حالت ڏسي ھر ننڍو توڙين وڏو لڙڪ لاڙي ٿو۔
    حڪومت ھر سانحي ۾ متاثر ٿيل ۽ شھيدن لاء مختلف اعلان ڪندي آھي، سياسي پارٽيون پڻ متاثر ھنڌ پھچي پنھنجي سياست کي چمڪائڻ لاء اعلان ڪنديون آھن، اھا سٺي ڳالھ آ تمام ڀلي ڳالھ آ، پر سوال ته ڇا انھن جي اعلان تي عمل به ٿيندو آ يا جيئن سولي سنڌي ۾ چوندا آھن ڊاڙ ڪنھن جي پيءُ جي نه آھي؟ خير جيڪڏھن ھن ڳالھ تي ڳالھبو ته ڳالھ وڏي ٿي ويندي۔
    مان سمجھان ٿو پڪ اٿم ته ھتان جي رياست ۽ سياست کان سڀ واقف آھن۔
    ڏٺو وڃي ته ڪراچي جي ملن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور (ليبر) تبقو سنڌين جو ھوندو آھي، اسان جي پارٽين ھن سانحي تي بيان ڏيڻ جي به تڪليف نه ڪئي آھي، يا ڪئي آھي؟
    جتي انسان ذات جي ڳالھ اچي اُتي قوم دين ڌرم ذات پات رنگ نسل کي ڏسڻ گھرجي يا نه مان ان ڳالھ کان واقف نه آھيان۔
    منھنجي ذاتي مجبوري آ، مان قيد آھيان قوم جي عشق ۾ ۽ اھو قيد مونکي بيحد پسند آھي۔
    زنده دل سنڌين کي اپيل ته سانحي واري ھنڌ پھچي سنڌين جي باري ۾‌تفصيل معلوم ڪن فيڪٽري انتظاميه سان ملن ته جيئن خبر پوي ته ھن سانحي ۾ خدا نه ڪري ڪيترا سنڌي متاثر زخمي يا شھيد ٿيا۔۔۔؟
    ھڪ ٻئي سان ميسج سيل فون ذريعي رابطو ڪري اسانکي يا پاڻ ۾ ملي ڪري ان باري ۾ آگاھ ڪيو وڃي۔
    ھن سانحي ۾ مان ۽ منھنجي سنڌيوٿ جي ٽيم سنڌي قوم سان گڏ آھي، شرط ته قوم ساٿ ڏئي۔
    جيڪڏھن ڪنھن دوست کي خبر آ، يا ڄاڻي ڪري معلومات ڏيڻ چاھي ٿو ته ھن نمبر تي اسان سان رابطو ڪريو

    03152133355
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    افسوس جو هن دل ڏاريندڙ واقعي جا تفصيل اڃان تائين ڪنهن وٽ به ناهن ۔۔۔۔ ڪير زخمي آهن ، ڪير پنهنجن پيارن کي روئئدو ڇڏي هليا ويا آهن، ان بابت به ڪا مڪمل ڊيٽا اڃان تائين جاري ناهي ٿي سگهي۔ جيئن ئي معلومات ملي ته سڀني دوستن سان شيئر ڪبي۔

    رب در دعاگو آهيون ته اهڙن سانحن کان بچائي۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ڪوبه سھي معني ۾ تفصيل ڪون ٿو ملي، ان جا سبب ڪھڙا ٿي سگھن ٿا؟
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا عاشق تفصيل به اچي ويا آهن، ۽ اعلانن تي پي پي حڪومت عمل به ڪري ڏيکاريو آهي، پهرين سنڌ جي گورنر متاثرن ۾ امداد، چيڪ وغيره تقسيم ڪيا، ان کان پو بحريه ٽائون متاثن جو گهڻو ساٿ ڏنو، ڪالھ وري وزير اعظم فوتين لا 4 لکن جا ۽ زخمين لا 2 لکن جا چيڪ وغيره ورهايا آهن، سنڌ حڪومت پڻ متاثرن جي ڀرپور امداد ڪئي آهي، ان کان علاوه سنڌ جي فورسز پوليس، رينجرز وغيره هن موقعي تي تمام سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي، سڀاڻي گهڻي قدر متاثرن ۾ ليبر ۽ ٻيون يونينز پڻ امدادي سامان ۽ چيڪ ورهائينديون،،، الله تعالي فوتين جي مغفرت فرمائي ۽ زخمين کي جلد صحتياب ڪري، ۽ هن واقعي ۾ هر متاثر شخص جي الله تعالي ان جو بهترين اجورو ڏئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو