غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
ڪم کانپوء :
هڪڙو ماڻهون هڪ وقت ۾ ويهه مانيون کائي سگهندو هو۔ سرڪس وارن کي جڏهن خبر پئي ته هو ان ماڻهون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا۔ پهرين شوء ۾ ان ماڻهون جي ويهه مانيون کائيڻ تي تماشبين ڏاڍا حيران ٿيا ۽ شوء ڪامياب ويو، هڪ ڪلاڪ کان پوء ٻيو شوء شروع ٿيو ، وري ان ماڻهون ويهه مانيون کاڌيون، تماشائين ڏاڍيون تاڙيون وڄايون۔ جڏهن ٽين شوء جو ٽائيم هڪ ڪلاڪ کانپوء آيو ته همراه گم، سرڪس جو مالڪ ان کي ڳولڻ لڳو ته اهو ماڻهون هڪ هوٽل ۾ ويٺو ماني پيو کائي۔ سرڪس جي مالڪ ان کي جڏهن دڙڪا ڏنا ته همراه معصوميت ۾ جواب ڏنس ته ڇا ايڏي محنت ۽ ڪم ڪرڻ کانپوء مان ماني به نه ٿو کائي سگهان؟
(قربان وڃون همراه جي سادگي تان، سرڪس ۾ باقي ڪهڙو ڪم پئي ڪيائين)