مجيب سنڌي ڪورائي
سينيئر رڪن
غزل ۔ مجيب سنڌي ۔ ڊزائين رضا بخاري

سندر سندر سپنا تنهنجا
هر پل مون کي اُلڪا تنهنجا
رات به جاڳي گذري آهي
هاڻ به گونجن لهجا تنهنجا
اکـڙيون زارو زار روئن ٿيون
روز نهاري رستا تنهنجا
دل جي ڌرتي ڏاري وجهندا
هنيانءُ ساڙيندڙ لهجا تنهنجا
ويھ مجيب جي ڀر ۾ جاني
ساھ سمايان سهڪا تنهنجا