غزل ۔ مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
غزل ۔ مجيب سنڌي ۔ ڊزائين رضا بخاري
643879_363287553750733_104758026_n.jpg
سندر سندر سپنا تنهنجا
هر پل مون کي اُلڪا تنهنجا
رات به جاڳي گذري آهي
هاڻ به گونجن لهجا تنهنجا
اکـڙيون زارو زار روئن ٿيون
روز نهاري رستا تنهنجا
دل جي ڌرتي ڏاري وجهندا
هنيانءُ ساڙيندڙ لهجا تنهنجا
ويھ مجيب جي ڀر ۾ جاني
ساھ سمايان سهڪا تنهنجا
 
اکـڙيون زارو زار روئن ٿيون
روز نهاري رستا تنهنجا


مجيب سائين بهترين غزل ۔۔۔۔ سهڻن احساسن ۽ خوبصورت خيالن سان سجايل شاعري، مٿان وري رضا بخاري جا ڪمپيوٽر جي ڪينواس سان ڏنل رنگ ۔۔۔۔ بهترين
 
Back
Top