هڪڙي شخص، مالڪ دينار کي چيو ته، اي جناب عالي! مون کي پنهنجي حال جي ڪا خبر ڪانهي، تون پنهنجي حال جي ڪا خبر ڪر. ان جواب ڏنس ته، مان رزق خدا تعاليٰ جو کان ٿو ۽ مزن ۾ آهيان ۽ شيطان جي هر حڪم جي تابعداري ڪريان ٿو. هي ٻڌي، ان شخص چيس ته شيطان توکي اهڙو گمراهه ڪيو آهي جو تو وٽ هينئر ڪو بچاءُ ئي نه رهيو آهي. تنهنجي مسلماني محض زباني آهي ۽ تون دنيا جي عشق ۾ گرفتار آهين ۽ تون واقعي (انهيءَ ڪري) هڪڙو مردار آهين. مون جيتوڻيڪ توکي پهريائين دنيا کي قربان ڪرڻ لاءِ چيو هو ليڪن هن وقت ان کي مضبوطيءَ سان جهلڻ جي توکي اجازت آهي. جڏهن تو هر دولت دنيا کي ڏيئي ڇڏي تڏهن هاڻي ڪٿي ٿو آسانيءَ سان ان کان جان ڇڏائي سگهين. تون لالچ جي سمنڊ ۾ ٻڏو پيو آهين ۽ هي به نٿو ڄاڻين ته آخر ڪهڙي سبب کان تون هر نيڪيءَ کان پوئتي رهين ٿو. هڪ طرف ٻئي جهان ماتمي لباس ۾ ملبوس ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف تون گناهن ۾ غرق! دنيا جي محبت تنهنجي ايماني ذوق کي کائي ويئي ۽ آرزو ۽ لالچ تنهنجي جان کي ختم ڪري ڇڏيو. دنيا، لالچ ۽ حرص جو گهر ۽ فرعون ۽ نمرود جي ڇڏيل يادگار آهي. ڪڏهن قارون مري ان کي ڇڏيو ته ڪڏهن شداد ان کي مضبوطيءَ سان روڪي رکيو. جڏهن الله تعاليٰ انهيءَ (دنيا) جو نالوئي ”لاشيء“ رکيو آهي تڏهن آخر ڪيتري تائين تون انهيءَ ”لاشيء“ (ڪميڻي) دنيا جي عسق ۾ پاڻ کي گرفتار رکيو ايندين؟ دنيا هڪ ڀڙڪندڙ باهه آهي، تون ان کان ڀڄي پري ٿيءُ ڪو اهڙو مرتبو حاصل ڪر جو هوءَ توکي جلائي نه سگهي. پکين جي پارليامينٽ
هن حڪايت ۾ هڪ گهري سمجهاڻي آهي ، دعا آهي ته الله پاڪ اسانکي حب جاه ، مال جي محبت کان بچائي ۽ پنهنجو قرب عطا ڪري آمين