تعليم بچايو سنڌ سنواريوتعليم انسان جي ٽئين اک آهي، اها اک جنهن ۾ شعور آهي خود شناسي جو، ۽ خود شناسي ئي خدا شناسي آهي. پر اڄڪلهه ان شعور واري اک ۾ هٿ سان مرچ وجهي ان کي انڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان ڪڌي ڪم ۾، سنڌ ۾ تعليم کي تباهه ڪرڻ وارا گهڻي ئي حد تائين پنهنجي سازش ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ باقي رهيو کهيو آسرو به چٽ ڪرڻ جي پويان لڳل آهن. سنڌ ۾ هڪ منظم سازش طور ڪاپي ڪلچر کي عام ڪري تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. پهرين کان وٺي ٻار کي ٻارنهين درجي تائين رڳو سفارش ۽ ڪاپي ڪلچر ذريعي امتحان ڏياري پاس ڪرايو ويندو آهي. ان ڪري جيڪا ٻار جي سکڻ جي (وهي) عمر هوندي آهي اها ايئن گذري ويندي آهي ۽ اها عادت (ٻئي تي ڀاڙڻ واري ) پوءِ ان ۾ سڄي عمر رهندي آهي، ڇو ته عادت عضوو آهي جنهن کي نه ڪپي سگهبو آهي نه ان مان جان آجي ڪرائي سگهبي آهي. اهڙي طرح سان ذهني ترقي جو سڄو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي ۽ وڌيڪ تباهي طرف وڃي رهيو آهي، توهان مثال وٺو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي حڪمت جي ڄاڻ نه هجي ۽ ان کي حڪيم هجڻ جي سند ڏني وڃي ته اهو ”نيم حڪيم خطره جان“ ثابت ٿيندو ۽ قوم جي تباهي جو باعث بڻبو. اهڙي ڪنهن نااهل ماڻهو کي ڪنهن يونيورسٽي جي سند ڏني وڃي ۽ وري ان ساڳي ماڻهو کي نوڪري ڏئي، ڪنهن اداري ۾ رکيو وڃي ته اهو تباهي نه آڻيندو ته ٻيو ڇا ڪندو. اهڙي طرح هتي به نااهل ماڻهن کي ادران ۾ سربراهه مقرر ڪري ادارن جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو ۽ اڃان به اهو سلسلو جاري آهي. ڳالهه هلي پئي تعليم جي ته تعليم جي منڍ کان وٺي يعني پهرين کان وٺي ويندي يونيورسٽين تائين ٻيڙو غرق ڪيو ويو آهي / پيو وڃي. پهرين کان ٻارهين تائين ڇا پيو ٿئي ان جو احوال ڪجهه مون اوهان کي ٻڌايو، ان کان وڌيڪ اوهان به ڄاڻو ٿا، پر ڳالهه ڪرڻ جو جيڪو مقصد آهي اهو آهي ”سڀ ٺيڪ آهي“ چوندڙ انهن اقتدار ڌڻين تائين (وس وارن) تائين ڄاڻ پهچائين، اهو معلومات انهن سطح تي ماڻهن کي انهن اقتدار ڌڻين تائين پهچائڻ گهرجي جيڪي ووٽن وقت ته وڏيون دعوائون ڪندا آهن. نظام بدلائڻ جي ڳالهه ڪندا آهن پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ صرف نظر ڪرسي جي چئن پيرن تي هوندي آهي. پر ڪرسي کسجي وڃڻ کان پوءِ ”ساڳيا لاٽون، ساڳيا چڳهه“. ڳالهه يونيورسٽين ۾ تعليم جي ڪجي ته اتي رنگ ئي ٻيو آهي تعليم جي تباهي لاءِ هڪ سازش طور شاگرد سياست ۽ تعليم کي تباهه ڪرڻ لاءِ پاليل تاتيل ڇاڙتا ڇڏي ويا آهن. جيڪي نه ته شاگرد سياست کي صحيح رخ ۾ هلڻ ٿا ڏين نه وري تعليم جي ترقي لاءِ راهه هموار ڪرڻ ڏين ٿا . مختلف وقتن تي اهڙا سازشي ماڻهو ٿورين ٿورين ڳالهين تي (Higher Educated) ۽ ڪنهن به ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکندڙ نوجوانن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ لڳن سون جهڙيون جوانون برباد ڪري، قلم بدران هٿيار هٿ ۾ ڏياري سنڌ جي مستقبل کي تباهه ڪيو پيو وڃي. شاگرد سياست جنهن ماضي ۾ وڏا سماج سڌارڪ سياستدان پيدا ڪيا پر اڄڪلهه يونيورسٽين ۾ شاگرد سياست جو اميج ڇا رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي. غنڊه گردي، جهيڙو، بائيڪاٽ وغيره وغيره. اهي سڀئي عمل تعليم جي تباهي جا ڪارڻ آهن اگر اڄ به ان ٿيندڙ تباهي ۽ بربادي تي خاموش رهياسين ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به بخش نه ڪندي. سو جنهن جو جيترو به وس پڄي ، اهو تعليم جي بچائڻ ۽ واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڇو ته تعليم ئي قومن جي مستقبل آهي ۽ سٺي تعليم ئي سٺا سياستدان، ڊاڪٽر، انجينئر، سماج سڌارڪ پيدا ڪري سگهي ٿي. سنڌهي اڱوٺي ڇاپ يونيورسٽين جي سند رکندڙ اهي ماڻهو پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو ته ٻيڙو ته ٻوڙيندا پر سڄي قوم جي تباهي آڻيندا. ان ڪري ٿورو مون لکيو، ٿورو اوهان سمجهندا ۽ ڪجهه اقتدار ۾ ويٺل به سوچيندا، ته ٻڏندڙ ٻيڙي جون هريڙون به ڪم جون، سو پاڻ اميد نه ٿا لاهيون ۽ مايوسي ڪفر آهي ۽ ٿوري ئي کڻي ڪوشش ٿا ڪريون من هن انڌير نگري ۾ ڪو شعور جو ڏيئو ٻري پوي.
ادا راشدي صاحب ڪاش اسان جو هر استاد ۽ شاگرد پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ته تعليم به بچائي سگهجي۔ ڏوھ صرف استادن ڏي به نه ٿو ڏئي سگهجي، ان ۾ شاگردن ۽ والدين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔۔۔