حضرت قبلا سائين خادم النبياءَ خادم حسين سرهيو عطاري لاڙڪاڻوي ، بلبل سنڌ ،زلزل هند ، عاصي عفي عنه جن جو فرمان آهي ته سنڌ ڌرتي تي گوڏ ڇوڙ تحريڪ هلائي وڃي ۽ سنڌ ڌرتي جي وسندين ۾ جين جي پينٽ شرٽ کي عام ڪرايو وڃي تاڪِ گوڏ جي سوچ کان ٻاهر نڪري سگهجي !! ۽ دنيا وارن سان جديد دؤر ۾ جِدت سان گڏ هلي سگهجي ۔
ڇا ڪير پنهنجي اصلي وڏڙن جي ثقافت کي ڇڏي سگهي ٿو؟ يا ان کي اها ثقافت ڇڏڻ لاء مجبور ڪري سگهجي ٿو؟ ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو گوڏ سان گڏ اسان جين يا ٻئي پينٽ کي پائڻ جي لاء هڪ ٻئي کي همٿايون پراها زيادتي هوندي جو گوڏ کي هميشه لاء ڇڏڻ لاء ڪا تحريڪ هلائي وڃي۔ سائين محترم خادم حسين جن کان ادا رضوان جمالي جي ذريعي هڪ سوال آهي ته صرف جين جي پينٽ ڇو، ٻين ڪپڙن جون پينٽون ڇو نه ؟ اها جين آمريڪا مان گهرائي وڃي يا پاڪستاني جين به هلي ويندي؟ ڇاڪاڻ تهآمريڪا ۾ جيڪي هپي هميشه نشي ۾ گم هوندا آهن،اهئي جين کان علاوه ڪي ٻيا ڪپڙا پائيندا نه آهن ۔ سائين هي سوال اسان پنهنجي ضمير جي تسلي لاء پڇي رهيا آهيون ۔ ادا سائين معاف ڪجو۔اسان جي خيال ۾ جين کان وڌيڪ اسان جي نوجوانن کي تعليم ميدان ۾ ترقي ڪرڻ گهرجي تاڪي نئين دور وارن سان جديد دور ۾ جدت سان هلي سگهن۔جين نه اسان اوهان کي ڪا ثقافت سيکاريندي نه معاشري جي ترقي ۾ ڪو حصو وٺندي۔سعودي عرب ۽ ٻين ترقي يافتن ملڪن جي اصلي باشندن مان ڪيترو سيڪڙو جين جي پينٽ ٿو پائي۔ توهان ان جو کليل اکين سان مشاهدو ڪري پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ترقي جي لاء جين جو پائڻ ضروري آهي يا گوڏ پائڻ سان به اسان نئين زماني جي جدت ؤ چلينجون جو مقابلو ڪري سگهنداسين۔
هي هڪ نئون بحث کليو آهي۔ گوڏ پائڻ جو تعلق ڪنهن تبديلي سان ناهي۔ ڇا جينز جي پينٽ پائي ماڻهو لابارو ڪندو، ڳاهه ڳائيندو، پاڻي ۾ لهي رونبو ڪندو ؟؟؟؟ ان سان ملندڙ ڪيئي سوال آهن ۔۔۔۔ ها باقي ماڻهو ٻاهر نڪري يا تقريب ۾ وڃي ۽ گوڏ پائي وڃي اهو ڪجهه عجيب لڳندو آهي ۔۔۔۔ اهڙي قسم جي تبديلي ضرور اچڻ گهرجي۔
يار گوڏ ڇوڙ ته سٺي ڳالهه نه آهي تبديليء لاء گوڏ ڇو ڇوڙيون اها اسانجي ثقافت آهي مان ته ڪراچيء ۾ به گهر ۾ گوڏ پائيندو آهيان سائين غلام مصطفي ميمڻ جي ڳالهه درست آهي ته پنهجي ثقافت ڇو ڇڏجي
جيتوڻيڪ مضمون نهايت غور طلب آهي ۽ سائين رضوان علي جمالي جي ان بابت حتمي موقف ڇا آهي اڃان خبر نه پئي سگهي آهي ، ڇا ڪن سببن ڪري ائين ڪرڻ گهرجي يا هميشه لا ڳوڏ کان ڇٽڪارو ڪجي ، وضاحت اڃان درڪار آهي ۔ جيستائين ڳالھ منهنجي سمجه ۾ اچي ٿي ته هن ڳالھ مان سنڌين کي وقت سان گڏ هلڻ سان تعبير ڪري سگهجي ٿي ، ممڪن آهي موصوف جو اها خواهش هجي ته سنڌي ماڻهو زماني جي رفتار جي لحاظ کان پوئتي آهن ۽ انهن کي ڪي اپا وٺڻ گهرجن جنهن سان وقت سان گڏ ڪلهي ۾ ڪلهي ملائي سگهي ، وڌيڪ دوستن کي به عرض آهي ته پنهنجا قيمتي ۽ مثبت رايا ڏيڻ گهرجن ،
اوهان جي ڳالھ ڪنهن حد تائين سائين سليمان وساڻ صاحب جن جي ڳالھ جيان آهي ۽ وساڻ صاحب جن جي ڳالھ منهنجي نظر ۾ صحيح آهي۔۔