محترم مجيب سنڌي يار ويس ماڻهو آهي سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ جاکوڙڻ ته ڪو مجيب سنڌي کان سکي هر دوست مٿان سدائين پيار ورهائيندو رهندو آهي اڄ دل چيو ته ادا مجيب سنڌي جي شاعريءَ کي ڪي محبتي رنگ ڏجن سو ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي هن محبتي ماڻهوِءَ جي شاعريءَ کي هي غريباڻا مگر انتهائي پيار ڀريا رنگ ڏنا اٿم دعا اٿم ته سنڌ جو هي راڻو شاعر سدائين سنڌ واسين سان نينهن وارو ناتو نڀائيندو رهي شال آباد هُجي سدا سلامت هُجي آمين غزل مجيب سنڌي خبر ٿِي سڄڻ هي آ جيڪا جوانِي انهيءَ کي چون ٿا سڀئي ديواني رهي مست هر دم وفا سان جفا سان غمن ۽ خوشين ۾ سدا شادماني ڪجو جي ارادو هُجي ٿو سفر جو، وچن ڀي ڪجهي ڇو ڀلا پو زُباني عداوت رکڻ جي روايت ڏُکي ٿِي، ڇڏي ڏي تُون سُهڻا ڪرڻ بدگُماني ٿڪل جي مُسافر ”مُجيب“ ملي ڪو ڪجي مهرباني عداوت نه جانِي دعاڳو نثاراحمدناز
عداوت رکڻ جي روايت ڏُکي ٿِي، ڇڏي ڏي تُون سُهڻا ڪرڻ بدگُماني بهترين غزل ۔۔۔ اوهان جي شاعري لاجواب ۽ سائين نثار ناز جي ڊزائن ته هوندي ئي لاجواب آهي۔ اها الڳ ڳالهه آهي ته اڄڪلهه سائين نثار ناز سنڌ سلامت سان الائي ڇو تعلق قطع ڪري ويٺآ آهن۔ جيتوڻيڪ فيسبوڪ تي اڪثر موجود ملن ٿا۔
مجيب سچ ته راڻو آهي سندس شاعري توڙي ڊزائين لاجواب هوندي آهي ۔ اڄڪلهه ڪجهه ڪجهه بيوفا ٿي ويو آهي ۔ پر شايد پنهنجي امڙ جي وفات ۽ هاڻي وري پنهنجي ننڍڙي 2 مهينن جي پُٽَ جي بيماري ۽ آپريشن جي ڪري پريشان آهي ۔الله سائين کيس هر مشڪل مان پار ڪري آمين