هي عشق ڏسو منهنجي جوڀن جي نشاني آ۔ by USTAD BUKHARI هي عشق ڏسو منهنجي جوڀن جي نشاني آ۔ مرحوم امنگن جي جيون جي نشاني آ۔ ڪنهن ڪنهن کي وجهان ڇلڙا، ڪنهن ڪنهن کي مکيان خوشبو، هن شهر کي آڇي مون شعرن جي نشاني آ۔ گهوُري ته جگر گهائي، مُرڪي ته مکي مرهم، هر سونهن کي سمجهان ٿو سڄڻن جي نشاني آ۔ ڏس جوش ڏڪي ٿو پيو ء هوش بڪي ٿو پيو، ته به تن ۾ تمنائون، جشنن جي نشاني آ۔ احساس جي الماڙي، هر رئڪ تي تقريرون، شاعر جي اڪيلائي، جشنن جي نشاني آ۔ اٿ ميڙ اهي ٺڪريون، دل ڪنهن جي ٽُٽي پئي آ، هي خاڪ به کڻ ڪنهنجي، نيڻن جي نشاني آ۔ مايوس هوائن کان اٿ منهنجون اميدون وٺ، دانهن جي پلاندن ۾ نغمن جي نشاني آ۔ استاد جي البم ۾ گُل ٽاڪ ڀلي دلبر، هي خار به رک تنهنجي گلشن جي نشاني آ۔ (استاد بخاري)
استاد جي شاعريء مان خوبصورت چونڊ استاد جي البم ۾ گُل ٽاڪ ڀلي دلبر، هي خار به رک تنهنجي گلشن جي نشاني آ۔
مان ڀڙڪان ٿو۔ اوهان سمجهو ٿا چمڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، جهجهڙ ۾ ڪو ته جهئونڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، ڀلي سيڪويو اوهان پنهنجون ڳڱيل سوچون، مٿان پارو به ڪڙڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، هي يارو معجزو ڪونهي، نظارو نينهن جو آهي، برابر مينهن برسي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، مان پروانو ته ناهيان، آهيان پوپٽ پر، جي گل ڪو شمع بڻجي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، نه چئه پٿر، کڻي پٿر به سمجهو پر، اچيو چقمق جي چهٽي ٿو، مان ... (استاد بخاري)
لُڇون ڇو نه جاني، پڇون ڇون نه پيارا۔ نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا، يڪو هڪ ٻئي کي وڃايو وتون ٿا۔ اسين سمنڊ ناهيون جو ڪو دنگ روڪي، اسين وقت وانگي اورانگهي لنگهون ٿا۔ نه ڪو عشق چرچو نه ڪو حسن چسڪو، ٻنهي جي مچڻ ۾ پچون ٿا نچون ٿا۔ پري کان نهارين ته تاڻيو ملڻ لئه، ملون ٿا ته اڳتي کان اڳتي وڌون ٿا۔ گهڙيء کي گهڙي زندگيون ٿا سنواريو، ڪتيء کي ڏسي ڪهڪشائون ڪٿيون ٿا۔ (استاد بخاري)
گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين۔ گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين، وڏو جهان آ غم جو، وڃائجي نه وڃين۔ هي جام، جام تي پيئندي ٿي رهندو تاس وڌي، ته احتياط، اڃا بي اجائجي نه وڃين۔ رکين ته چنڊ سا رک چاهه، ڏي ڇڏي تارا، متان هزار ذريون ٿي ورهائجي نه وڃين۔ خلوص، چنگ نه ٿي جو بکيا وتن چارڻ، کڄي، اير جي در تي وڄائجي نه وڃين۔ ٽڪر به ٿي متان نانگڻيون نچن توتي، ڪڪر نه ٿي جو گگن ۾ نچائجي نه وڃين۔ (استاد بخاري)
ماشاءَالله۔۔ ديد گلابي دلبر تنهنجي،مرڪ چنبيلي ماشاءَالله ، نازڪ انگڙا،ريشم ڪپڙا،دل پٿريلي،ماشاءَالله، طرحين رنگ طبيعت تنهنجي،دنيا وانگر دور نيارا، ڪٿ نخريلي،ڪٿ اربيلي،ڪٿ شرميلي، ماشاءَالله ڪڏهين اڪيلي مون وٽ منهنجي ،هوءَ سرهائي ناهي آئي، اڄ به اٿس ڪاڳوڙهي ڳڻتي،ساڻ سهيلي ، ماشاءَالله (استاد بخاري)
سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ، گفتگو، لوڪ گيت جهڙي آ۔ تنهنجي گهر جي ڀت تي هٿ رکيم، پت ڪر، ڇو ته مون لئه مسيت جهڙي آ۔ پيڙ تي پيڙ، جاري جيوت ۾، پو به پياري پريت جهڙي آ، عشق ۾ شرم، عيب آهي پر، ڪا حماقت ڪريت جهڙي آ۔ اوت، استاد، تنهنجي امرت جو، جوت تر جي اجيت جهڙي آ۔ (استاد بخاري)
سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ، گفتگو، لوڪ گيت جهڙي آ۔ تنهنجي گهر جي ڀت تي هٿ رکيم، پت ڪر، ڇو ته مون لئه مسيت جهڙي آ۔ منهنجي زندگي جون حسين ترين يادون هن غزل سان سلهاڙيل آهن۔ منهنجي من جي نفيس احساسن سان جڙيل اهي پل جيڪي مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان نه ئي پنهنجي وجود سان واڳيل ان انسان جي سڪ ۽ سريت کي ميساري سگهندس۔۔منهنجي جوانڙي جي پاڪ ، ۽ ڪومل يادن سان جڙيل اهي پل استاد جي شاعري سان ائين واڳيل آهن جئين منهنجي روح منجهه ان انسان جو ڪومل وجود مون سان جڙيل آهي۔
استاد بخاري جي شاعري ڪٿي محل ماڙيون، ڪٿي گهر ڪکاوان ڏٺاسين۔ڪٿي بخمل بدن تي، ته ڪٿي انگ اگهاڙا ڏٺاسين۔ ڪٿي ڪتا ڪارن ۾، ته ڪٿي پوڙها پيادل ڏٺاسين۔ عجب ڪرشمو آ ،،،،، استاد،،،،الله جو،،،،،،،،،،،،،،،،، ڪٿي ڪڪڙ بادام کائين، ته ڪٿي بک ۾ مرندي ماروئڙا ڏٺاسين۔۔۔۔۔۔۔ (استاد بخاري)
استاد بخاري جي شاعري نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا، يڪو هڪ ٻئي کي وڃايو وتون ٿا۔ اسين سمنڊ ناهيون جو ڪو دنگ روڪي، اسين وقت وانگي اورانگهي لنگهون ٿا۔ نه ڪو عشق چرچو نه ڪو حسن چسڪو، ٻنهي جي مچڻ ۾ پچون ٿا نچون ٿا۔ پري کان نهارين ته تاڻيو ملڻ لئه، ملون ٿا ته اڳتي کان اڳتي وڌون ٿا۔ گهڙيء کي گهڙي زندگيون ٿا سنواريو، ڪتيء کي ڏسي ڪهڪشائون ڪٿيون ٿا۔ لُڇون ڇو نه جاني، پڇون ڇون نه پيارا، نگاهون اٿئون ء زبانون رکون ٿا۔ داو ئي اها آ ته ٿيو درد ڀائي، جدائيء ۾ بيجا بخاري رجهون ٿا۔ (استاد بخاري)
استاد بخاري هن جيون جي چوواٽي تي ڪي يار مليا ها قرب منجهان وقت جو اهڙو واءُ لڳو، ڪو ڪاڏي ويو ڪو ڪاڏي ويو هڪ ٻيڙي هئي سان ٻڏندي وئي ۽ تاڪ ان جا ترندا ويا هڪ ولر هيو سو وڇڙي ويو، ڪو ڪاڏي ويو ڪو ڪاڏي ويو.