سنڌ جو سپاهي بنجڻ ٿو چاهيان سنڌ جي سورمن سان گڏ امر ٿيڻ ٿو چاهيان ۔عتيق الرحمان

'تعارف' فورم ۾ عتيق الرحمان طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2012۔

  1. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سنڌ سلامت جي هنن ساٿين کي جس هجي جن هن سائنسي دور ۾ داخل ٿي پنهنجي جنم ڀومي ڌرتي ماتا جي سينڌ سينگاري آهي ۽ سنڌ جي سپوت ،۽ سورمي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي، ۽ پاڻ کي هميشه لا امر ڪري ڇڏيو آهي۔
    منهنجي اها ڪوشش رهندي ته مرندي دم تائين پهنهجي ڌرتي ما جي لڄ رکان ۽ منهنجو جيون ان تان قربان ٿي وڃي۔
    مان جنهن مايوسي مان گزري رهيو هوس۔ اڄ اميد جو سج نظر اچي ويو، جڏهن حادثاتي طرح سنڌ سلامت جي ساٿي ،پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه ڪڍي موکي سڌي راه ڏسي ويو۔
    هن وقت جڏهن سنڌ کي سوڍن جي ۽ دودن جي سخت ضرورت آهي ان مهل ۾ سنڌ سلامت جي ساٿين مونکي سپاهي ڀرتي ڪري مونتي وڏو احسان ڪيو آهي ۽ يقين آهي ته جلد هي هڪ وڏو لشڪر تيار ٿي ويندو جيڪو پنهنجي سنڌ تي ڪيل هر هڪ وار جو حساب وٺندو ۽ دشمنن کي هڪ دفعو وري مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا انهن جي سينن کي چيريندي نظر ايندا ضرور
    دعا آهي ته رب سائين سنڌ کي سدا سلامت رکي ۽ هنن جوڌن کي اڃا جدت ڏئي ، صحت ۽ سلامتي عطا فرمائي، آمين۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم سائين عتيق الرحمان صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔

    تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ سچ پڇو ته سنڌ سلامت دوستن جي سهڪار سبب ئي دائم ۽ قائم آهي۔

    اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مون کي اهو ٻڌائيندي فخر پيو ٿئي ته منهنجو دوست منهنجو محسن ۽ منهنجو استاد محترم عتيق الرحمان ٽڳو صاحب جن اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿيا آهن۔۔۔
    سندن قابليت جا گڻ مان ڇا منهنجو سمورو ڳوٺ ڳائيندو آهي۔۔۔ هن وقت سعودي عرب ۾ انتهائي مصروف ذميداريون نڀائين پيا۔۔۔ سچي به ته سندن سنڌ سلامت تي اچڻ مون کي خوشي سان سرشار ڪري ڇڏيو۔۔۔
    اميد ته شروع ۾ ايندڙ مونجهارن کي سائين جن ايترو مٿي تي نه رکندا جو آهستي آهستي سنڌ سلامت کين سمجهه اچڻ لڳندي۔۔ سندن ڀلن خيالن پڙهڻ جو انتظار رهندو۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    محترم عتيق الرحمان صاحب جا خيال پڙهندي ائين لڳو ڄڻ آءُ پيو ڳالهايان ۔۔۔ منهنجن ئي خيالن جي ترجماني سهڻن لفظن ۾ ۔۔۔ سنڌ سلامت تي پير ڌرڻ سان دوست جي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔

    سدا سلامت رهو، هميشه سنڌ ۽ سنڌيت سان جڙيل رهو، اوهانجون محبتون ۽ سنڌ سلامت جو قافلو ساٿ ٿي اڀريو آهي ۽ سنڌيت جي پرچار ۾ پاڻ نڀائي رهيو آهي ۔۔۔

    سڄڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    محترم عتيق الرحمان صاحب تواهان کي سنڌ سلامت جو ساٿي ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئجي ٿو، سنڌ سلامت فورم اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي جتي سنڌي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌ ء سنڌي ٻوليء جي خدمت جي جذبي سان ڀيرو ڀريندا رهن ٿا۔
    اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    محترم پيارا ڀاءُ محمد سليمان وساڻ صاحب
    نهايت ئي شڪرگزار آهيان جو اوهان پنهنجي ساٿ جي لائق سمجهيو۽ بيحد خوش آهيان جو اوهان جهڙن ڀائرن جو ساٿي ٿيو آهيان،
    سچ پڇيو ته سنڌ سلامت جي فورم تان گفتگو ۾ سنڌ جي سڳنڌ اچي رهي آهي، اها سڳنڌ ،جيڪا سنڌ جي سڃاڻپ هوندي هئي، جنهن ۾ بيلوس محبت، ويساه ۽ پنهجائپ جو احساس هوندو هو، ادب ۽ اخلاق ٻولي ۾ ڀريل هوندو هو، اسانجو اڻ پڙهيل ٻهراڙي جو سادو هاري ماڻهو وڏو داناءٌ هوندو هو،بيت مذاقِ سخن هن جا هٿيار هوندا هئا ، جنهن ۾ ٻارن سان ٻار هوندا هئا نوجوانن سان بزرگ ۽ داناءٌ جيڪي اگر ڪنهن کي بگڙندو ڏسندا هئا ته اصلاح ڏانهن وٺي ويندا هئا،۽ اهيو سڀ ڪجھ افسوس سد افسوس ! جو اڄ جي نسل کي ميسر ناهي ۽ نه ملي سگھي ٿو،ڇاڪاڻ ته اسان ترقي پذيري جي چڪر ۾ پنهجن وڏڙن جو اهيو هنر دفن ڪري ڇڏيو، ڇو جو اڄ اسان جا وڏڙا تقريبن اسان جي وچ ۾ ڪونهن، ۽ اسان دنيا جون ريتون، رواج اپنائي پنهجي سنڌ جي سرهاڻ کي پاڻ کان پري ڪري ٻيا ويس وڳا پهري پنهجي پاڻ کي ٻين جو مظهر بڻائي ڇڏيوسين ۔اڄ نه اهي اسانجا آهن نه اسان انهن جا ۔پر شڪر آ اڃان مئا ڪو نه آهيون جي مئا به آهيون ته مري وري جيئرا به ٿيا آهيو۔ موُتوُ قبل الانت موُتو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ادا عرس پريو صاحب، آءُ نهايت مشڪور آهيان ،اوهان ڀائرن ، پنهنجي قافلي ۾ مون جهڙي بيڪار کي ڀليڪار چيو آهي ، اميد ته اوهان جي رنگ ۾ ، رنگجي ته ڪو نه سگھندس، پر عادت ضرور مٽائيندس، ۽ انشاءَالله هن فورم تان، پنهجي جيجل لاءِ جوڌا گڏ ڪري، دشمنن کي للڪارينداسين ضرور ته ؛؛ڏسو اي انڌا ،ان ديس جا دودا جنهن ديس جي هير گهلندي هئي ته ڪائنات جي مالڪ جو حبيب صلي الله عليه و آله وسلم ٿڌو ساه ڀريندا هئا۔هي ان هير جا جوڌا پنهنجي مٽي جي خوشبوءِ سان سرشار ،سنڌي ٽوپي جي تاج سان،اجرڪ جي ڏاج سان، بلند اخلاق جا پروانه ، الله جي حبيب جا فرمانبردار، ان جي آل تي جان نڇاور ڪرڻ وارا ،هي مرد مجاهد هر طرح جي​
    جنگ جوٽڻ لاءِ آتا آهن، ۽ ڪنهن به فورم تي، توهان کي فتح ڪرڻ ڪو نه ڏيندا، ڇو جو ظالم جي فتح ٿيڻي ناهي، جي ظلم کان واقف ناهيو او ظالمو ته ڪربلا ۾ ظلم ڪندڙن پنهنجن آقائن کان سکو اسان سر ڏيڻ پنهجي مولا حسين عليه سلام کان سکيو آهي۔​
    مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڀاءُ نثار ابڙو صاحب، آءُ احسانمند آهيان اوهان جو، جنهن ان لائق بنايو، جو پنهنجو تعارف ڪرائڻ جو موقعو حاصل ڪري ورتم۔۽ پنهنجي اندر جي آخري آس کي، پاڻ تي ظاهر ڪري، جيڪا ڪيفيت حاصل ڪيم ، ان جو نالو پاڻ نثار ڪرڻ آهي جنهن جي شدت کان واقفيت ڪو نه هئي پر اوهان جي ڪاوشن ۾ ڪا انڊلٺ جهڙي دلفريب ۽ پرڪشش ڃڪ هئي جو هڪدم سنڌ امڙلاءِ سر تان هٿ کڻڻوپئجي ويو ۽ پنهنجو پاڻ نڇاور ڪرڻ جو جنون چوٽ چڙهي ويو جنهن ۾ پنهنجي دشمن کي ستن ڪوٽن ۾ لڪل هئڻ جي باوجود به ڏسڻ جي صلاحيت اجاگر ٿي ويئي آهي بس هاڻي ته دل چوي ٿي ته دمادم مست قلندر دمادم مست قلندر دمادم مست قلندر مست قلندر مست قلندر مست قلندر مست قلندردمادم مست قلندر دمادم مست قلندر مست مست مست مست مست مست لال جهولي لال جهولي تنهنجو جهنڊو لال​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. محمد عليم سومرو

    محمد عليم سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سامراجين جي ديس ۾ رهي توهان کي ٻولي ء لولي
    سان عشق آهي،توهان جي سنڌ دوستي کي سلام سائين۔
    منهنجي دعا ت سهڻي لطيف جي شاعري وانگي سدائين امر رهندا
    مان جتي ب هجان سنڌ تنهنجو ٿيان۔۔۔۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ادا محمد عليم سومرو صاحب،وڏي مهرباني اوهان جي نظر ڪرم جي واقعي به اوهان ڀا جي دعائن جي طلب هئي اميد ته هميشه پنهنجي التجائن ۾ شامل رکندا ۔ آ به الله پاڪ جي حضور اوهان جي ڇوٽڪاري جو طالب رهندس۔الله پاڪ اوهان کي هر مشڪل مان پار اُڪاري، دنيا و آخرت ۾ ڪاميابي عطا فرمائي،اوهان کي پنهجي ڪهول سميت بهتر صحت عطا فرمائي،اوهان جي رزق روزي ۾ برڪت ۽ ڪشدگي عطا فرمائي،اوهان هر وقت پنهجي ماروئڙن لا مددگار رهو ،آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. محمد عليم سومرو

    محمد عليم سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    آمين ڀاء۔۔کوڙ ساريون دعائون ڏيڻ لاء مهربانيون ادا سائين۔۔۔
     
  12. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    محترم سائين عتيق الرحمان صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ ااوهان جي سهڻين لکڻين جو انتظار رهندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين علي سائين اوهان جي نظر ڪرم جو محتاج آهيان،دنيا و آخرت سان گڏ سنڌ امڙ جو فڪر اٿم جن کي سنڌ امان جي ۾ جايون ڏنيون اڄ اهي هن جيجل جي جهولي ۾ ان جي ڪونڌرن کي بيدردي سان ڪهي اڇلائن پيا ٿا،اسان ۽ اسان جا بيوس ڀائر خوف ۽ احساس محرومي جو شڪار ٿي رهيا آهيون،اسان جا وزير امير انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي اسان جي نسل جا سودا ڪري رهيا آهن ،سائين دعاگو رهو جيئن اسان پنهجي سچي ڌرم اسلام تي رهندي پنهجي جيجل تي وار ڪندڙن تي اهڙي ڪاري ضرب هڻون جو دشمن جا ڏند کٽآ ٿي وڃن ۽ وري ڪو سنڌ سان غداري نه ڪري سگھي،
    اميد ته عرض قبول پوندو ۽ حوصلي افزائي ٿيندي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين عتيق الرحمن ٽڳو صاحب جن کي هن محبتي اوطاق تي ڀليڪار ٿو چئجي، اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته اوهان سائين ذيشان رشيد صاحب جن جا استاد به آهيو، اڄ واقعي به سائين سمون صاحب جن کي ائين محسوس ٿي رهيو هوندو ڄڻ سندن محنت رنگ لاتو آهي، ۽ زندگي سفل ٿي وئي هجي، ۽ واقعي هي ته سائين سمون صاحب جن لا سو فيصد فخر ۽ ناز جي ڳالھ هوندي جيئن پاڻ به پنهنجي تحرير ۾ لکيو اٿن جو سندن استاد صاحب اسان جي رهنمائي لا اڱڻ تي ڦيرو ڀري رهيا آهن، واقعي به هي اسان سڀني سنڌين لا فخر جهڙي ڳالھ آهي۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو