منهنجو خواب تنهنجي اکين ۾ خماريل

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
غزل . مجيب سنڌي
جـڏهـن پنهنجي پـيـرن ۾ پاتي تو پايل
تڏهن کان ڪيو تو منهنجي دل کي گهايل
تنهنجي ويهي ساراھ ڪهڙي ڪيان مان
تنهنجي سـونهن ۾ آهي سڀ ڪجھ سمايل
محـبـت جــو دريــاءُ وهــنــدڙ تـون آهين
مـان آهـيـان ڪنـاري تـي تـو لـئـه اڃـايل
منهنجي جاڳ تنهنجي وڇوڙي تي قربان
منهنجو خواب تنهنجي اکين ۾ خماريل
مجيب آهـي تنهنجـي دکــن ۾ ديـوانـو
ســدائـين تنـهـنجي پيـچــرن تــي سڪايـل

425699_267127610033461_126222144_n.jpg
 
جـڏهـن پنهنجي پـيـرن ۾ پاتي تو پايل
تڏهن کان ڪيو تو منهنجي دل کي گهايل

بهترين ادا​
 
Back
Top