• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عتاب حسن جي آڏو مگر چئجي ته ڪيئن چئجي : عنايت بلوچ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل : عنايت بلوچ
حقيقت دل جي دلبر کي اگر چئجي ته ڪيئن چئجي،
سراسر سُونهن سامهون سربسر چئجي ته ڪيئن چئجي.
فقط هڪڙي نظر سان دل سندي دولت وئي لُٽجي،
انهيءَ تير نظر کي بي خطر چئجي ته ڪيئن چئجي.
هليو ويو هُو ته ڇاهي؟ درد دِل ۾ هُن جو آ باقي،
سراسر بيوفا هُن کي اگر چئجي ته ڪيئن چئجي.
چيم دِل ۾ ته ڪي ڳالهيون سڄڻ کي روبرو چوندس،
عتاب حسن جي آڏو مگر چئجي ته ڪيئن چئجي.
مسيحا آخري هڏڪيءَ تي آخر ويو اچي منهنجو،
رقيبو! آههَ منهنجي بي اثر چئجي ته ڪيئن چئجي.
ڏسي دلبر جي در تي ٿي چيو ڪنهن مامَ ۾ مُرڪي،
”عنايت“ کي اجايو دربدر چئجي ته ڪيئن چئجي.
i963CSjDq8deZ.jpg
 
چيم دِل ۾ ته ڪي ڳالهيون سڄڻ کي روبرو چوندس،
عتاب حسن جي آڏو مگر چئجي ته ڪيئن چئجي
هااااااااااااااااا گهوڙا، اهڙي شاعري ٻڌي وڃجي ته ڪيڏانهن وڃجي؟!!
 
چيم دِل ۾ ته ڪي ڳالهيون سڄڻ کي روبرو چوندس،
عتاب حسن جي آڏو مگر چئجي ته ڪيئن چئجي
هااااااااااااااااا گهوڙا، اهڙي شاعري ٻڌي وڃجي ته ڪيڏانهن وڃجي؟!!

هاهاهاها ۔۔۔۔

يار ڪراچي ۾ ناهيون هن دفعي ڳوٺ ۾ آهيو ۔۔۔ تنهنڪري اهڙي شاعري جا مزا ماڻيو
 
Back
Top