• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

21 سيپٽمبر تي يوم عشق رسول صلى الله عليه وسلم ملهائڻ جو اعلان

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
j47eaebdba74a8e8e3e33e65d284fab6cd88.jpg
وفاقي ڪابينه پاران 21 سيپٽمبر بروز جمعه تي يومِ عِشقِ رَسُول صَلى الله عَليه وَسلم ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سموري ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي سربراهي ۾ اهو اعلان ڪيو ويو آهي۔ سموري امت کي هن ڏينهن کي پر جوش طريقي سان ملهائڻ جي اپيل ڪجي ٿي۔ ته جئين انهن گستاخن جا اوچا ڪوٽ ڪري پون ته غيرت مسلم اڄ به زندهه آهي، پنهنجي پياري نبي صلعم تي مري مِٽجڻ جو جذبو اڄ به موجود آهي۔
 
اسان سڀ يومِ عِشقِ رَسُول صَلى الله عَليه وَسلمملهائيندي سڀني مسلمانن سان گڏ آهيون ۽ رسول صه جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن جي اهڙن ڪڌن عملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا۔
 
ادا منظور عباسي اسلام عليڪم۔هن اڳڻ جي معرفت سان اسان هر ان عمل کي جيڪو محسن انسانيت۔پياري نبي سڳوري ،جنهن جي مٿان اسان جي جان ؤ مال قربان آهي ،جي ڪبيريا شان ؤ عزت جي خلاف هوندو کي بلند آواز سان ننديو ن ٿا۔ اچو تا 21 سپٽمبر جي ڏينهن تي الله پاڪ جي در تي ٻه رڪعت نفل پڙهي ان مردود پادري ، فلم جو پروڊيسر، اهئي خفيه هٿ جن فلم ٺاهڻ م مالي مدد ڪئي ۽ جنهن به ايڪٽر ان نفرت آميز،تمام گهڻي نڌڻ واري فلم ۾ ڪم ڪيو آهي، جي تباهي، بربادي، ذلت واري زندگي ۽ هن دنيا ۾ عبرت ناڪ انجام جي دعا گهرون۔۔ شل الله پاڪ اسان جون اهئي دعائون قبول ڪري ۔ آمين۔ توهانجي مهرباني جو هن نازڪ ايشو جيڪو هرمسلمان جي غيرت تي حملي جو ڪارڻ آهي کي هن فورم تي چٽي هر ميمبر جي شعور کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿو تاڪي هو 21 سپٽمبر تي يومِ عِشقِ رَسُول صَلى الله عَليه وَسلم جوش وخروش سان ملهائي پوري آمت مسلماين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري۔
 
‏اسان پي پي سرڪار جي اهڙي قدم کڻڻ تي مبارڪ ڏيون ٿا، جنهن سان پاڪستان پوري مسلم دنيا آڏو سرخرو ٿيو آهي ۽ پي پي بلوچستان جي نمائندي عمراڻي صاحب ء شيخ اڪرم وقاص کي اڄ جيو اينڪرن حامد مير وغيره جي آڏو بار بار توجه توجه هٽرائن جي پنهنجي موقف يعني گستاخ رسول صلى الله عليه وسلم واجب القتل آهن واري موقف تي کين سلام پيش ڪريون ٿا ء انهن گستاخ رسول جو برو حشر دنيا جلد ڏسندي ان شاء الله. گستاخ رسول جي شرعي سزا واجب القتل کي وڌيڪ اطمينان سان سمجهن لاء سنڌ ڌرتي جي بزرگ حضرت مولانا مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو عربي ڪتاب السيف الجلي على ساب النبي ڏسندا جنهن جو آء سنڌي ترجمو لکي رهيو آهيان
 
يوم عشق رسول صه ملھائڻ ۾ سڀني مسلمانن سان گڏ آھيون رسول پاڪ صه جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن کي عبرتناڪ سزا ملندي جيڪا دنيا دسندي.
 
سائين وساڻ صاحب معذرت توهان سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي تۡ سائين شمشير صاحب جي شاعري ۾ آڊيو تعليمي گيت موڪليندس پر موڪلي نه سگهيس ڪجهه مجبوريون ٿي ويون۔ جنهن ڪري سنڌ سلامت تي به لاگ ان ٿي نه سگهيو هئس۔ انشا الله هاڻي جلد توهان ڏانهن موڪليندس۔
 
اڄ انشآء الله مورو شهر طرفان سڀني مسلمانن جي گڏيل ريلي نڪرندي جنهن ۾ سڀ مڪتب فڪر شامل هوندا اسان سڀ مسلمان يهودين جي اهڙي ناپاڪ جسارت تي لعنت ٿا ڪيون اميد آهي ته جيڪڏهن مسلمانن ۾ اهڙي حميت رهي ته ڪو غير مسلم آئنده اهڙي جراءت نه ڪندو۔
 
Back
Top