• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽي 20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي تاريخ

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
120915164115_icc-captains.jpg
۽ آخر ڪار چوٿين ورلڊ ڪپ جو آغاز ٿي چڪو جنهن جو فائينل 7 آڪٽوبر 2012 تي کيڏيو ويندو۔۔۔
پهريون ڀيرو ايشيا ۾ کيڏيو ويندڙ هن ورلڊ ڪپ ۾ ڪل 27 ميچون 12 ٽيمن جي 4 گروپن ۾ کيڏيون وينديون۔۔۔ هر گروپ مان ٻه ٽيمون سپر ايٽ ۾ پهچنديون جتي سندن ٻه گروپ جڙندا جن مان سيمي فائينل لاءِ چار ٽيمون نڪرنديون۔۔
هن ورلڊ ڪپ کان ٽي ورلڊ ڪپ ٿي گذريا آهن ۔۔۔
24 سيپٽمبر 2007 ۾ پهرين ورلڊ ڪپ جو فائنل ڏکڻ آفريڪا جي شهر جهانسبرگ ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ روايتي حريف پاڪستان ۽ انڊيا جي ويڙهه ٿي ۽ ڪپ انڊيا حاصل ڪري ورتو۔۔۔
21 جون 2009 تي ٻئي ورلڊ ڪپ جو فائينل انگلينڊ جي ميدان لارڊز ۾ پاڪستان ۽ سري لنڪا وچ ۾ ٿيو ۔۔۔ جنهن ۾ جيت پاڪستان کي حاصل ٿي۔۔
16 مئي 2010 ۾ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جو فائنل باربيڊوس جي ميدان تي انگلينڊ، آسٽريليا کي شڪست ڏئي آئي سي سي جي انتظام پهريون ڪو وڏو اعزاز حاصل ڪيو۔۔۔
هن ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ پنهنجي جيت جي دفاع ۾ سرگرم ته پر ريڪارڊ ڪجهه ٻيو پيو ٻڌائي۔۔۔ هيل تائين ٿيندڙ ورلڊ ڪپس ۾ ترتيب وار سڀ کان وڌيڪ ميچون کٽندڙ ٽيمون ڪجهه هن طرح آهن۔۔۔
پاڪستان 20 مان 12 ميچون کٽيون آهن
انڊيا 18 مان 10 ميچون کٽيون آهن
سري لنڪا 18 مان 12 ميچون کٽيون آهن
ڏکڻ آفريڪا 17 مان 8 ميچون کٽيون آهن
انگلينڊ پڻ 17 مان 8 ميچون کٽيون آهن

بيٽنگ ۾ سري لنڪا جو جي وردني سڀ کان وڌيڪ 1045 جڏهن ته بالنگ ۾ شاهد آفريدي سڀ کان وڌيڪ 27 وڪيٽون وٺي اڳيان اڳيان آهن۔۔۔

توهان جي نظر ۾ هلندڙ ورلڊ ڪپ ڪهڙي ٽيم کٽيندي۔۔؟۔ ياد رهي ته ڌڪو وقت کان اڳ موڪلجو۔۔۔
 
Back
Top