غزل : غوث پيرزادو __________ چنڊ تنهنجي ناز کي گرهڻ لڳي چنگ جي آواز کي گرهڻ لڳي هير من جي تار کي ڇيڙي نه ٿي ڇو الائي ساز کي گرهڻ لڳي اڌ رات جو هن جو ملڻ هڪ راز هو ڏينهن جو ان راز کي گرهڻ لڳي باهه لهجي پر ساڙيا چاهه جا مست چنچل باز کي گرهڻ لڳي هٿ نه آ ڪنهن جو به هاڻي هٿ ۾ شام جي انداز کي گرهڻ لڳي
سائين پيرزادي صاحب جي شاعري مان بهترين چونڊ سائين سليمان صاحب۔۔ اڌ رات جو هن جو ملڻ هڪ راز هو ڏينهن جو ان راز کي گرهڻ لڳي
جي ادا بلڪل اصل ۾ آءُ ڳوٺ ۾ آهيان، پر گهڻو وقت عاشق جيئن معشوق کان پري نه ٿو رهي سگهي، اهڙي ريت اسان سنڌين جو به پنهنجي هن مٺڙي ٻولي جي انٽرنيٽ تي پهرين فورم کان اسان ڪيئن ٿا پري رهي سگهون۔ هاڻ به مڙئي موبائل ذريعي جڳاڙ ڪيو اٿم، ان شا الله جلد ايوو تي اچبو۔۔۔ لک لائق جو اوهان انتظاميه جا ميمبر اسان جيتامڙن ڪارڪنن جي سار سنڀار لهو ٿا، ۽ پنهنجن ڪچهرين ۾ به ياد ڪريو ٿا۔۔۔۔
مهربانيون سائين ڪڏهن ڪڏهن شاعرن جون چيل ڪي سٽون ڄڻ ته پنهنجي دل جو آواز لڳنديون آهن ۔۔۔۔ غوث پيرزادي جي شاعري به اهڙي ئي خوبصورت ۽ پنهنجي من جو آواز لڳي۔
دوستن فيسبوڪ تي نياپو موڪليو ته چنڊ گرهڻ ٿي آهي. ٻاهر نڪري چنڊ ڏسڻ لڳس پر عمارت جي اوٽ ۾ هو. ڇت تي چڙهي چنڊ جي ڳولها ۾ لڳس. پر آسمان جي چنڊ بجاء ٻئي چنڊ تي نظر پئجي وئي. مان اصلي چنڊ جي ڳولها ڇڏي واپس آيو آهيان.