ميڊيا جون رپورٽس آيون آهن ته هندستان جي خوبرو ادڪاره ڪرينه ڪپور مسلمان ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ اهو فيصلو هن سيف علي خان سان شادي ڪرڻ لاء ڪيو آهي۔ خبرون آهن ته پٽودي خاندان ان تي خوش آهي جڏهن ته ڪپور فيملي سندس ان فيصلي تي ناراض آهي۔ ڪرينه ڪپور جي اهڙي فيصلي تي سندس ساٿي اداڪار گهڻو ناراض آهن۔
ياد رهي ته سيف علي خان جي والده ۽ پنهنجي وقت جي مشهور اداڪاره شرميلا ٽيگور پڻ مذهب مٽائي مسمان ٿي نواب منصور علي خان پٽودي سان شادي ڪئي هئي۔