• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڃا مئه خانه متل يار آهن

عتيق الرحمان

سينيئر رڪن
—اڃان مِئخانه متل يار آهن​
—سيد ۽ سنڌ لاءِ سر کتل يار آهن​
—مطلب بس اسانجو سنسار سنواريون​
—اندر ڪارا جنين جا تنين کي اجاريون​
—هن ڀونءَ ۾ ڪي ته ڀاڳيا به آهن​
—ستل ها اگهور مگر هاڻي جاڳيا ته آهن​
—جن لاءِ مئاسين سي ڪانڌي نه ٿيا​
—اچو هاڻي امر ٿيون پنهنجي جيجل سنڌ لاءِ​
—تون ئي هوشو هيمون ۽ دودو به آهين​
—اٿي ڏس اندر ۾ ڇا ڇا تون ناهين​
—سڀئ سورما هن تو ۾ سمايل​
—تون ارڏو بهادر اصل کان ئي آهين​
—صدين کان دلين تي ڇانيل تون ئي آهين​
اٿي ڏس عتيق هو الرحمان آهي​
بيوس بيڪسن جو نگهبان آهي​
دشمن منهجي سنڌ جو وڏو نادان آهي​
ادا مون ته ان سان ڪيوجنگ جو اعلان آهي​
 
محترم عتيق الرحمان جي تمام بهترين شاعري، ڌرتي سان پيار جو ڀرپور جذبو، جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي اوترو گهٽ آهي ، چوندا آهن ته شاعري اها جيڪي دل کي موهي وجهي ، بلڪل ادا عتيق الرحمان جي شاعري ۾ اها ڳالهه به اتم موجود آهي، اهي شاعر عظيم هوندا آهن جن جي دل ۾ پنهنجو ديس رچيو ۽ وسيو پيو هُجي، توهان پنهنجي خوبصورتن خيالن جو محور ۽ مرڪز سنڌ امڙ کي ڪيو آهي، شال سنڌ ڌرتي سان پيار ڪرڻ وارا جيئن شال جيجل سنڌ جو شان وڌائڻ وارا پنهنجي پيارن سان آباد هُجن اسان جي دُعا آهي ته سنڌ امڙ جي سُونهن کي وڌائڻ وارو هي شاعر ادا عتيق الرحمان پنهنجي خوبصورت شاعري سان سنڌ امڙ جي سينڌ سدائين سائي رکندو۔ اسان کي اڃان به پنهنجي خوبصورت شاعري سان نوازيندو رهندو۔ سندن لک قرب سندن مهربانيون۔
 
سائين محترم نثار نازصاحب آ اوهان جو ٿورائتو آهيان پر اوهان جي قرب ۽ ڪرم جي نگاه کانسوا ڪجهه به ناهيان۔اوهان اسان جا وڏا آهيو اسان توهان جي قدمن۾رهي پنهنجي سنڌ امڙ لا هٿيار کڻي بيتن ۽ گيتن جي بارود سان پنهجو پاڻ کي سينگاري،پنهجي ماروئڙن جو مان مٿي ڪرڻ ٿا چاهيون،اميد ته هر محاذ تي رهنمائي ٿيندي،سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔۔۔
 
Back
Top