• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مناني گوندر جي شاعري

علي رضا جوکيو

سينيئر رڪن
اسان وڃون ٿا شهر ڇڏيو خدا ڪنڌئي آباد
موٽي مان ڪونه ايندس هاڻ
جڏهن اسان رنو ٿي شهر تنهنجو کليو ٿي
ڏسي غمن ۾ جهولن منجھ جُهليو ٿي
ويئي ڪٿوري سرهاڻ
نـ گلا ڪنهن کان نـ منهنجي ڪائي شڪايت
ڪن ٿا مون تي ڏس هي ڪيڏي عنايت
چون رهين ڇاڪاڻ
هوندي حياتي مناني ڪٽيندس پيو زندگاني
ميڙي مُٺيون ڀري ڇڏيندس ڪا نـ نشاني
لڏي اوٺين پلاڻ.
6
 
Back
Top