• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان چاھيان ٿو او سنڌ امان

عتيق الرحمان

سينيئر رڪن
مان چاھيان ٿو او سنڌ امان
تو تان واريان جند امان
مان ھڪڙي توسان ڳالھ ڪيان
پر ڳالھ ڪندي ٿو لڄ مران
جن ڌارين کي دلگير ڏٺو،۽ پنھجي پيار جي پنانھ ڏني،
تن تنھجي دل کي جھير ڏنو،تو ڪڏنھن ن ڪنھن کي دانھن ڏني
اڄ تنهنجا ڪونڌر ڪسجن پيا،غيرن وانگر ڏسجن پيا،
اڄ دولت مونکي آ دلگير ڪيو،تنهنجا ڄاوا جن کي صدر۽ وزير ڪيو،
سي پنهجو پاڻ لڄائن پيا ۽ تنهجي سينڌ سڪائن پيا،
مونکي ڏي او حڪم امان،غيرن سان گڏ انهن جا به ڪنڌ ڀڃا،
تنهنجا دودا دوله کوڙ هتي،تنهنجا دشمن ٿيندا ڌوڙ هتي،
مظفر جهڙا پٽ ڏسي حرامي سڀ حيران ٿيا،
قربان، روپلي، مان ڪونه سکيا پر نور الله ڏسي پريشان ٿيا
هتي هرڪو هوشو هيمون آهي تو جنگ اسان سان جوٽي آهي
ساڙيو ويندين ٻوڙيو ويندين ڳولي ڳولي ماريو ويندي نيت تنهجي ٿي کوٽي آهي
توتي رحم اٿئي هن ماتا سنڌ جو،جنهن پنهجي پيٽ ۾ توکي پاليو آهي
توکي سنڌ هو سام رکيو،۽ تنهجي ننگ جو لاج رکيو،تو تنهن کي هنيو ڀالو آهي!
اڄ عرض ٻڌو عتيق سندو،سوچو سمجهو اڃا هڪ دفعو
جي جيجل منهجي دانهن ڪئي ۽ مونکي ان کان امر مليو
پو اڳيان باه اٿو ته پويان پاڻي،جهولي لال جهنڊو ۽ جيئي لعل سيوهاڻي۔
 
مان چاھيان ٿو او سنڌ امان
تو تان واريان جند امان

واھ سائين تمام بهترين۔۔۔ جاري رکو۔۔۔
 
Back
Top