رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
پاڻ وڃائي پاڻ ٿي آيس ، پنهنجو آهيان پاڻ
ڪيرآهين ڪنهن کي ٿو ڳولين،
سڀ ڪجهـ توسان ساڻ
منصور واري مام تي محڪم،
ڪوهـ ڪڍئون ڪنهن جي ڪاڻ
اهو انصاف عشق جو آهي،
چؤ طـــــرف چــــــانڊاڻ
مظهر ۾ ٿي آيس ”مهدي“
هـــــــر سان هـــڪ هڪاڻ
فقير سيد غلام مهدي شاهـ جهانيان