رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ڇو ٿو پاڻ لڪائين ، ڇڏ عاشقن سان اٽڪل
اٿئـــــــي طـــــالـــبن جـــي تـــوڪـــــل
انـــــدر ويٺو آهين ، ڪــــيئن چوان ته ناهين،
دم دم حڪم هلائين ، واه واه وڻيا تنهنجا ول ڇل۔
عــــــــاشقن انـــــدر ۾ ، ثابت ڪـــيئي سر ۾ ،
ظــــاهر زير نه زبر۾ ، ٿئن راز سان رلمل۔
ڪــــل تي آهين قــــادر ، ظــــالمن تي زابر،
صابرن سان صابر ، جهٽ پٽ ڍڪين جهل جهل ۔
اچي ڪيئي اظهاري ، بــيرنگ بيک بــهاري ،
مولا ”مهدي“ جي مهنداري ڀڳا ڀؤ مڙوئي ڀل ڀل۔
فقير سيد غلام مهدي شاهـ جهانيان