هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان، جيئي سنڌ ته ڌرتي آهيان. خاڪي، نوري، فاني، باقي، سچ پچ ساٿي سڀڪي آهيان. عربي، عجمي آهيان ئي پر، روسي، هندي، چيني آهيان. سڀ کان اڳ ۾ انسان اڳ تي، سنڌي ـــــــ سنڌي، سنڌي آهيان. بوڙئي جھڙي منهنجي هستي، سنڌو واري مستي آهيان. سانگين سان گڏ سالگرهه مان، وڇڙي ويس ته پوءِ ورسي آهيان. تاريخ آهيان قوم قويءَ جي، نه ته مرقد جي تختي آهيان. ڏيڍ ڏنگايون ڏاري ڄاڻان، مظلومن جو مددي آهيان. مِهر ته مکڙي ماڪ ـــ ڦڙا مان، قَهر ته ڪرندڙ بجلي آهيان. جوت رتيءَ تي پريت پتنگو، سنگ سڳندي، رنگي آهيان. عشق ۽ عقل حقيقي ساٿي، سونهن سچيءَ جو سنگتي آهيان. آجو پيار ملي پوءِ پيارا، سولو ويندو سرچي آهيان. آزادي استاد تنواريان، ماڻهن جي مان مرضي آهيان.
بوڙئي جھڙي منهنجي هستي، سنڌو واري مستي آهيان. واه ادا واه، مگسي صاحب، داد ڏجي اوهانجي چونڊ کي، هونءَ اڳ به اوهان جيڪي به ونڊ ڪيو آهي سو انتهائي مانائتو ۽ ڪارئتو هوندو آهي ... هڪ دفعو ٻيهر ان ونڊ ڪرڻ تي کيرون لهڻيون .. پنهنجي حيثيت ته استاد جي چيل ان بوڙئي جهڙي آهي جو پاڻيءَ تي پل کن لاءِ پئدا ٿي پڄاڻي ڪندو آهي ... بس اهو بوڙئو جي مومن ٿي پوي ته پوءِ سنڌوءَ واري مستي ٿيو پوي ۽ ٻيڙا ئي پار ... الله اوهانجو نگهبان هجي ... سدائين گڏ