سنڌين ۽ سنڌ سرڪار کان وسري ويل سنڌ جو ڀلوڙ شاعر منشي ابراهيم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ غلام علي شاهه طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2009۔

  1. غلام علي شاهه

    غلام علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I m Cameraman in KTN News
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan
    سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جا ڪيترائي سپوت رهيا آهن. جن پنهنجي پوري حياتي سنڌ جي ڏکن، سورن لاءِ ارپي آهي. جيڪي سنڌي عوام جي اجتمائي مفادن جي رکوالي ڪندي، تاريخ جو سنهري باب بڻجي ويا آهن. منشي محمد ابراهيم به انهن قومي هيرن مان هڪ قومي شاعر آهي. ضلعي ٽنڊو محمدخان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ جنهاڻ سومرو پورهيت ڪٽنب سان تعلق رکندڙ منشي محمد ابراهيم 1934 -01-15 ۾ ديني عالم شاعر مولوي محمد اسحاق سومرو جي گھر ۾ جنم ورتو هو. سندن والد به پنهنجي وفت صفت سٺو شاعر لکيو ويو آهي. منشي محمد ابراهيم هيٺئين طبقي سان تعلق هجڻ ڪري صرف پنج درجا سنڌي ۾ تعليم حاصل ڪري سگھيو هو. جنهن ۾ هن پڻ پوري زندگي محنت مزدوري ۽ ٺيڪيدارن وٽ منشي گري ڪندي گذاري، منشي ابراهيم مارشلا جي ڪاري دور ۾ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جو سرواڻ رهيو آهي. منشي محمد ابراهيم 1972 ۾ حيدرآباد جي اندر هڪ قومپرست پارٽي جي جلسي ۾ شهر پڙهيو هو. جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو. جنهن ۾ کيس 6 ميهنا ٽيپ ۽ 5 هزار ڏنڍ لڳايو ويو هو. 1973 ۾ پڻ هن وري جلسي ۾ شعر چوڻ تي کيس جيل موڪليو ويو. 1974 ۾ هن جئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پابندي باوجود شاعري چئي. جنهن جي ڪري پورا 10 مهينا سخت پورهئي سان کيس جيل جي سزا ڏندي ويئي. 1975 ۾ پهريون ڀيرو سندس آڊيو ڪيسٽ مارڪيٽ ۾ آهيون. جنهن تي پڻ هن کي جيل موڪليو ويو. هن جيل جو وڏو عرصو شهيد فاضل راهو، اسماعيل سوهو، محراج محمد خان، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين سان گھڻو وقت جيل ۾ گڏ رهيو آهي. 1983 واري هلچل ۾ حصو وٺي، گرفتاري ڏني هئي. هن جي حياتي جا سٺا ڏينهن سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، شهيد فاضل راهيو سان گذاريا آهن. جنهن ۾ حياتي جي آخري پلهن ۾ هي سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراه ممتاز علي ڀٽو سان ويجهو رهيو آهي. اڳوڻي وڏي وزير مرحوم ڄام صادق به مرحوم سان ملاقاتون ڪيون. پر مرحوم پنهنجي پوري حياتي ۾ ڪنهن به وقت جي حاڪم آڏو مجبور ٿي، ڪابه سرڪاري طور ڪو سرڪاري عهدو يا وري اعزاز حاصل نه ڪيو. مرحوم منشي محمد ابراهيم جي شاعري ۾ سنڌ جي مظلم پڙهيل پورهيت، هاري مزدور کي گھڻي قوفيت مليل آهي. مرحوم جي شاعري ۾ سنڌ جو درد سمايل آهي. هن جي شاعري ۾ جذبات آهي. جنهن ۾ جذبات جي انتها جو به اظهار ڪري ڇڏيو آهي. مرحوم منشي محمد ابراهيم جتي سنڌ جو وڏو نالي واري قومي شاعر آهي. اتي هو پاڻ لوڪ فنڪار به هو. هن پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيڪي ۾ ڳائي آهي. هو اڪثر ڪري سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي تقريبن ۾ اچي پنهنجي شاعري پيش ڪندو هو. منشي جي شاعري ۾ جاگيردار طبقي سان نفرت هئي. جنهن ۾ سنڌي شاعري مان اها معلومات ملي ٿي ته هو. پاڻ ڪنهن وڏيري جي ظلم جو ستايل سنڌي سٻا جھيڙو هو. جنهن پنهنجي درد کي شاعري جو حصو بڻايو. هن سندس هڪ شعر ۾ چيو آهي ته هر ڪو ماڻهون اگهه اگھاڻو جھڙو ماڻهو تهڙو ناڻهوسوئي ماڻهو موتي ڌاڻهو جيڪو ڪين وڪاڻو. هن پنهنجي شاعري ۾ بغاوت واري گيتن سبب زندگي جو ڪيتروئي وڏو حصو جيلن جي عذابن ۾ پوڳو آهي. هن جيل جي قيد ۾ به شاعري ڪئي آهي. هن شاعري ۾ چيو آهي ته جنگ جنگ جنگ آءِ اي توسان منهنجي جنگ آءِ، پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آءِ، هن هڪ ٻي شعر ۾ اهو به چيو ته جيڪو سنڌ لاءِ نٿو لڙي سو سنڌ مان لڏي وڃي، هن جي شاعري ۾ بغاوت جو قومي جذبو هو. هن جيل قيد سٺا، پر پنهنجي موقف ۾ تبديلي نه آندي، هو سنڌ سبا جھيڙي جو قرض لاهڻ لاءِ آتو هوندو هو، منشي محمد ابراهيم حياتي جي آخري لمحي ۾ تمام گھڻو بيمار رهڻ لڳو، هن کي ٻه دل جا اٽيڪ به ٿيا. وقت جي سرڪار ۽ حاڪمن سنڌ جي هن قومي شاعر جي قومي خدمتن باوجود سندس ڪابه سار نه لڌي، هو پنهنجي حياتي جي جنگ به پاڻ لڙي رهيو هو. ته سنڌ جي هڪ اديب دانشور ڊاڪٽر انور علي عالماڻي سندس علاج ڪرائڻ ۾ سندس مدد ڪئي. هاڻي ڏٺو وڃي ته سنڌ سان سچائي ۽ دل سان شاعري ڪندڙ هي سنڌ جو ڀلوڙ شاعر سنڌي ماڻهن کي ڪيستائين ياد رهي۔ ٿو۔ جڏهن ته اها به ضرورت آهي۔ ته سرڪار کي گھرجي۔ سندس سوانح حيات جي طرف ڌيان۔ ڏي۔sindhsalamatsaathsal
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ادا
    هڪ بهترين شاعر ابراهيم منشي جي نالي سان لکيل توهان جو هي ڪالم پڙهي اصل دل خوش ٿئي وئي .
    ۽ سرڪار کي گهرجي ته ان جي سوانح حيات جي طرف ڌيان ڏي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو