رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
گيت
سک جو ڪو سنسار بڻايون ،سک جو ڪو سنسار
گورا ڪارا سڀ خالق جا ، جوڙ سڀيئي هڪ مالڪ جا
ڇاجي نفرت ، فخر وڏايون ، مذهب پنهنجو پيار
بڻايون سک جو ڪو سنسار
هڪٻئي لاءِ حقارت ڇا جي ، انسانن کان نفرت ڇاجي ؟
ڪينو ساڙ ڪدورت ڇاجي ، ڇاجو هي تڪرار
بڻايون سک جو ڪو سنسار
ذاتيون پاتيون فخر وڏايون ،رنگ نسل جون سڀ ارڏايون
آهن جنگ فساد جو باعث ، زهر سندو پرچار
بڻايون سک جو ڪو سنسار
جنگ و جدل آهي چوڌاري، انسانن جو رت آ جاري
ساڙي آهي دنيا ساري ، نفرت جي پرچار
بڻايون سک جو ڪو سنسار
رنگ و نسل سڀ ڍونگ اجايا، پيٽ بکئي ڇا سانگ بڻايا
ڇا گوري ۾ ڇا ڪاري ۾ ، ساڳيو آه ستار
بڻايون سک جو ڪو سنسار
مذهب مسلڪ پيار ”گدائي“ ، هندو مسلم سک عيسائي
جوڙ سڀيئي هڪ مالڪ جي ، سڀ ۾ ساڳيو يار
بڻايون سک جو ڪو سنسار