رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
نه محفل آهي سا محفل نه جنهن ۾ يار هجي ،
مگر هجي ته پو اينهين جو هم ڪنار هجي ۔
وِصال يار جي اي دل نه آرزو ڪر تون ،
ڪري سو جنهن کي قيامت جو انتظار هجي ۔
نه تير ، تير ڪو تيرِ نظر جي مٽ آهي ،
نه تير ، تير ٿئي جو نه دل جي پار هجي ۔
خمار ڏين ته اهو ڏي خمار اي ساقي ،
جو قبر مان به اُٿان ته به اڃان خمار هجي۔
بهار منجهان اي ”سرشار“ دلبهار جي هٿ ،
ٿيو ڇا باغ ، جهان ۾ کڻي بهار هجي ۔
سرشار عقيلي