رشيد احمد لاشاري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رضوان علي جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2012۔

  1. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    وفات 20 سيپٽمبر 1970
    جيڪب آباد ڄائو رشيد احمد لاشاري ، سنڌي فائنل ، اديب فاضل اردو ، اديب عالم سنڌي ، ٽيچرس ٽريننگ ۽ مئٽرڪ جا امتحان پاس ڪيا ۔ خيرپور ۽ ڪراچي ۾ ماستري ڪيائين ، ان بعد ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين ، سنڌ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ،حاجي عبدالله هارون ڪاليج لياري ڪراچي ، پاڪستان ڪاليج خيرپور ۾ ليڪچراري ڪيائين ۔ فلم عمر مارئي ،پرديسي ، شهروفيروز ، محبوب مٺا ، چانڊوڪي ، سسئي پنهون ، نوري ڄام تماچي ، پنو عاقل ، ليلىٰ مجنون ۽ مٺڙا شال ملن جا گانا به هن ئي لکيا ۔ رشيد لاشاري سنڌي ،سرائڪي ، بلوچي ، اردو ، پنجابي ، پشتو ۽ فارسي ۾ شاعري ڪئي آهي ۔ نيئن زندگي ۽ مهراڻ ۾ به ڪم ڪيائين ۔ هن 54 ڪتاب ترجمو ، ترتيب ، تصنيف ۽ تاليف ڪيا ۔ درسي ڪتابن ۾ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۔
    اسانون عشق مريندا ڍولڻ ول ول قتل ڪريندا رونا ليلىٰ جي آواز ۾
    ۽ عشق حسن دي کيل هزار ليلىٰ مجنون ڪون سڏاوي استاد محمد يوسف جي آواز ۾ مشهور آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رشيد احمد ”رشيد“ لاشاري
    (8 اپريل 1922ع – 20 سيپٽمبر 1970ع)

    رشيد احمد ولد زرڪ خان لاشاري تخلص ”رشيد“ جي ولادت ڳوٺ ملگزار، تحصيل نصير آباد، ضلع سبي بلوچستان ۾ ٿي. هو مير گهرام لاشاري جي مامي مير حده لاشاري جي اولاد مان هو. اوائلي تعليم چار درجا اردو ۾ حاصل ڪيائين، پر والد جي وفات کان پوءِ پنهنجن چاچن وٽ ڪنڌڪوٽ ۾ رهڻ لڳو، جتان 1936ع ۾ سنڌي ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪيائين.

    1937ع کان 1940ع تائين فقيري اختيار ڪري حضرت سلطان باهو جي اولاد صاحبزاده فيض سلطان جي صحبت ۾ پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان جي وادين ۾ سفر ڪندو رهيو (1). 1941ع ۾ مدرسته اشرف العلوم شڪارپور ۾ ڪنز ۽ ڪافيه تائين پارسي نصاب ۽ عربي علوم حاصل ڪيائين.

    رشيد جي طبع سيمابي هئي، هن جي پير کي هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪين ايندو هو. تنهن ڪري هن گهڻيون نوڪريون ڪيون ۽ جلدي جلدي نوڪريون بدلائيندو رهيو. جنهن ڪري مختلف اسڪولن ۽ شهرن ۾ پرائمري ماستر ٿي رهيو. 1948ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جا امتحان پاس ڪري ڪامياب ٿيو، جتي جلد ئي استاد مقرر ٿيو. هن ان زماني ۾ پنجاب يونيورسٽي مان اديب فاضل ۽ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان اديب عالم ۽ سنڌ يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. هن جي لياقت ڏسي هن کي اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌي ادب ۾ ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. هن ڊاڪٽر بلوچ جي زير نگراني تيار ٿيندڙ سنڌي لغت ۾ ڪم ڪيو، 1956ع ۾ حيدرآباد کي ڇڏي ڪراچي هليو آيو جتي سنڌي فلمن جي آکاڻين، ڊائلاگن ۽ گيتن لکڻ جو ڪم ڪيائين. سندس فلمي گيت سنڌ ۾ نهايت مقبول ٿيا.

    رشيد ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ماهوار نئين زندگي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ عبدالله هارون ڪاليج لياري ۾ ليڪچرر ٿي ڪم ڪيو مگر هو اتي به رهي نه سگهيو. رشيد کي دم جي تڪليف هئي جا ساري زندگي کيس تنگ ڪندي رهي. بيماري ۽ تڪليف ده حالتن ۾ رهي به هن گهڻو ڪجهه لکيو ۽ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. سندس شايع ٿيل ڪتابن مان ڪي هي آهن
    1. شاهه جي رسالي جون مختلف شرحون،
    2. لطيف باغ جو سير (نظم) 1954ع،
    3. ڪليات گدا (ترتيب 1957ع)،
    4. سچل جو سرائيڪي ڪلام (ترتيب 1958ع)،
    5. مثنوي نل دمينتي (1959ع)،
    6. بلهي شاهه جون ڪافيون (1962ع)،
    7. حضرت سلطان باهو (1964ع)،
    8. سچل جو اردو ڪلام (ترتيب 1965ع)،
    9. شڪنتلا (ناٽڪ).

    رشيد جي ساري زندگي ناسازگار حالات ۽ ڪشمڪش ۾ رهي، هو پنهنجي دورِ حيات ۾ اختلافن ۽ دشمنين جو آماجگاهه رهيو. طبع جي تيزي ۽ جذباتي هئڻ ڪري ڪيئي اختلافي معرڪا اهڙا پيدا ٿيا جن ۾ رشيد سڀ کان پيش پيش رهيو.

    رشيد پنهنجي دور جو قادرالڪلام شاعر هو، ڪيتريون زبانون ڄاڻندو هو ۽ انهن ۾ بي انتها رواني سان ڪلام چئي سگهندو هو. هن کي في البديه شعر چوڻ تي ڪمال حاصل هو. هن شاعري جي هر صنف ۾ آساني سان گهڻو ڪجهه لکيو. سندس ڪلام فن ۾ پختو لفظن ۽ محاورن ۾ چست، دلپذير ۽ دل نشين هو. هن زندگيءَ جون گهڻيون تلخيون ڏٺيون هيون، تنهن ڪري سندس ڪلام ۾ سندس ناڪامين ۽ محرومين جي محزون تصوير پڻ سمايل آه.

    رشيد جي وفات جي هجري ۽ عيسوي تاريخون، عبدالله اثر هڪ قطعه ۾ هن ريت ڪڍيون آهن:
    ”اثر“ هجرت جو سن هاتف ٻڌايو ”دم قدم بخشش“
    1390 هه
    مسيحي ”رحمتِ داور به لاشاري رشيد احمد“ .
    1970ع


    سندس هڪ گيت
    وَڃ نه پَري مون کان هَٿڙو ڇَڏائي.
    ڪر نه جدائي مُنهنجي دِلڙي وَسائي.
    دلِ جي صَدا توکي وَڃڻ نه ڏيندي،
    ٿڌڙي هَوا تنهنجي واٽ جهليندي،
    نازَ ڪري توکي پيار مان چَوندي،
    دُور نه ٿي ڪنهن جي دلڙي رَنجائي.
    دِل جو گلشن توئي سَجايو،
    اُنَ ۾ پنهنجو پيار وَسايو،
    توکان سَوا مُنهنجو جِيڻ اَجايو،
    مِل ته سَهي پنهنجو قُرب وَڌائي.
    دِل ۾ وَڄن ٿيون اَڄ شرنايون،
    گيِت پِريتَ جا گڏجي ڳايون،
    مُنهنجي اَکيُن ۾ تنهنجون جايون،
    ٿي نه جُدا، منهنجي جِندڙي جَلائي.
    حوالو:
    ڪتاب : سنڌي غزل جي اوسر : ڀاڱو ٻيو
    ليکڪ : اياز قادري
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رضوان علي جمالي صاحب رهنمائي ڪرڻ جي مهرباني

    ونڊ ڪيل ليک ۾ مضمونن جي ملي وڃڻ سبب ۽ ڪجهه غلطين سبب اهو صحيح ڪونه هيو۔ تنهنڪري مون اياز قادري صاحب جو رشيد احمد لاشاري جي شخصيت بابت ليک پيش ڪيو اٿم۔

    لک ٿورا
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    تمام بهترين پروفائيل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو