نام نهاد مسلمانن اڄ عشق رسول صـھ ۾ پرجوش ڏيهاڙو ملهايو ، هنن جو غم ۽ غصو ۽ بلڊ پريشر ايترو ته مٿي پهتل هو جو هو سڀيئي هن عشق ۾ بي قابو هئا ، هنن ان غم ۽ غصي تي قابو پائڻ لاءِ هنن سينيمائن هوٽلن ۽ پئٽرول پمپن کي باهيون ڏيڻ باوجود به هنن جو غم ۽ غصو نه گھٽيو ۽ بئنڪن جون اي ٽي ايم مشينون پٽي گهرن ڏانهن کڻي ويا ۔ شايد غم ٿورڙو گهٽيو هجي ؟ نه ته سڀاڻي نئين سج سان نئون غم ۽ غصو ڀڙڪو ڏئي ڀڀڙ ٿيندو ! ٻنهي جهانن جو رحمته اللعالمين به اڄ ڏاڍوخوش ٿيو هوندو ته ان جا ڪيڏا نه جانثار آهن !!!! منهنجي زندگي ۾ سنڌ ڌرتي تي هي ٻيو دفعو اهڙو ڪُڌو عمل ٿيو آهي جنهن تي تمام انبياءَ عليه سلام ڏکائتا ٿيا هوندا ، 8 ڊسمبر 1992 ع تي جڏهن بابري مسجد جي شهادت جو بدلو سنڌ جي مندرن کان پورو پورو بدلو ورتو ويو هو ۔
اوهان جي خيال ۾ رسول خدا ص ع تمام راضي ٿيا هوندا ان مسلمانن کان جن مسلمانن پهنجي ئي مسلمان ڀائرن جو نقصان ڪيو اهو به خوشنودي خدا ۽ خوشنودي پيغمر اسلام ص لاء افسوس ته ان احتجاج ۾ مسلمانن وري به يهودين ۽ ڪافرن جي مال کي نقصان پهچائڻ جي پهنجي ۽ گهر جو نقصان ڪيو پهنجي ۽ ڀائرن جي مال گاڏين بنئن ذآتي پيٽول پمپن کي ساڙيو مطلب ته اتي به مهذهبي جنون جي آڙ ۾ پهنجون ذاتي دشمنيون ڪڍيون ويون اسان جو رسول اعظم ص اڃ به مظلو م آهين ڇو ته هي احتجاج رسول خدا جي امت جي طلاف هئا نه ڪي يهودين خلاف ڇو جو انهن جي گستاخن کي سزا ۽ انهن کر روڪڻ بجاء پهنجي ئي مسلمان ڀائرن ان جي ئي امت جو مال و آبرو لٽي واه جو مسلمانن جو عمل آ مطلب ته اڃ جا احتجاج ڏسي ڪري اهو لڳو ته هي احتجاج ان يهودين جي خلاف نه پر رسول جي امت جي خلاف هو بلڪي ائين چوان ته هي مسلمانن جو احتجاج نه پر يهودين جو مسلمانن جي خلاف احتجاج هو جنهن ۾ يهودين مسلمانن جي مال کي نقصان پهچايو ته وڌاء نه ٿيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ادا علي اسلام عليڪم۔ سائين منهنجا اسان اوهان جي ڳاله سان سوء سيڪڙو متفق آهيون،بنيڪن کي باه ڏئي لٽڻ۔ سينمائن کي باه ڏيڻ ، سپاهين تي گوليون هلائڻ ۽ ٻين تخريبڪاري واري عملن سان انهن اجتماعن جو اصل مقصد ته يهودي ۽ ٻين قومن کي اهوباور ڪرائڻ تي هنن جي ڪڌي۔ گهٽيا عمل تي سڄو عالم اسلام ڪاوڙجي اٿيو آهي فوت ٿئي ويوآهي۔ پنهنجي ملڪ جي املاڪ کي تباه ڪرڻ سان انهن مردود پادري ۽ ٻين ذليل ماڻهون جيڪي ان نفرت واري فلم جا موجود آهن تي ڪهڙو اثر ٿئي سگهي ٿو ڪجه به نه ۔اسان کي ته گهرجي ته سڀ مسلمان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري اقوام متحد ۽ ٻين طاقتن کي مجبور ڪيون ته هو هن قسم جي فلمون،يا ٻيون غليظ حرڪتون جيڪي اسان جي نبي سڳوري يا ٻين عزت ماب هستين جي خلاف ٿين ٿيون انهن تي هميشه جي لاء پابنديون وجهن ۽ جيڪو به شخص انهن ڪڌن ڪمن ۾ ملوث هجئي ان کي ڦاسي يا ڪا ٻئي سخت سزا ڏني وڃي۔جيستائين اقوام متحد مان ڪا قراردار پاس ڪري ان تي قانون سازي نه ٿيندي تيستائين توهان انهن غليظ انسانن جي خلاف ڪو قانوني قدم نه ٿا کڻي سگهو۔ باقي پنهنجي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن ۽ عوام جي خادمن تي حملي ڪرڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو۔
مسلمانن کي عزت جو جلال آيو آ ، پنهنجي وڃايل غيرت تي ملال ٿيو آ، گهٽي گهٽي ۾ در بدر ڪري آل رسول صلي الله و آله وسلم رُسوا ڪرڻ وارن مسلمانن کي اڄ توهين رسالت جو خيال آيو ۔ اهي ئي مسلمانَ جڏهن رسول جي آباءَ اجداد تي مسلمان نه هئڻ جو الزام هڻن ٿا ته ڇا اها توهين رسالت نه آهي ؟
مسلمانن کي عزت جو جلال آيو آ ، پنهنجي وڃايل غيرت تي ملال ٿيو آ، گهٽي گهٽي ۾ در بدر ڪري آل رسول صلي الله و آله وسلم رُسوا ڪرڻ وارن مسلمانن کي اڄ توهين رسالت جو خيال آيو ۔ اهي ئي مسلمانَ جڏهن رسول جي آباءَ اجداد تي مسلمان نه هئڻ جو الزام هڻن ٿا ته ڇا اها توهين رسالت نه آهي ؟
توهان جي ڳالهه سو فيصد درست آهي منهنجا سائين اهي سڀ اهي ئي شر پسند هئا جيڪي اسان جي مٺي مير مرسل محمد مصطفيٰ صليٰ الله عليه وآله وسلم جن بابت ان اسان محبت ڪندڙن تي بدعتن جو فتوائون صادر ڪندا آهن، مان پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو اهو سمورو لقاءُ جيڪي واقعي يومِ عشق رسول صلعم عقيدت منجهان ملهائي ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا هئا ته ٻئي طرف نام نهاد مُلا جن جون وڏيون وڏيون ڏاڙهيون، شڪلون ڪنهن خونخوار جانورن جهڙيون، ڪانچون ٽِڻين کان به مٿي، ڪنڌ ٿلها، مُڇون غائب هين وري انهن سان ٿلها متارا هٽا ڪٽا ڏنڊا بردار انهن جا طالب ساڻ ڪري هر ايندڙ ويندڙ کي بيعزتو ڪري انکي گاڏين مان لاٿو ٿي ويو، ڪير انهن سان منهن ماري پئي ڪئي ته ان کي سيکت ڏئي رهيا هئا ۔ منهنجي علائقي ۾ ذاتي دشمني ڪري انهن ٿلهن متارن هڪ ويچاري اسان جي سنڌي ڀاءِ کي ڏاڍي مار ڏني پوءِ معاملو بگڙجي ويو جو فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو۔۔پر الله ڄاڻي ٿو جيڪي حقيقي عاشقِ رسول صلعم هئا جن جي سيني ۾ محبتِ رسول جو جذبو ڪلهه به هواڄ به آهي انهن پنهنجن ساٿين کي واعظ وسيلي بار بار اهو ٿي اعلان ڪيو ۽ هٿ مٿي ڪرائي واعدو ورتو ويو ته جنهن به ڪنهن اسان مان ڪنهن به انسان کي تنگ ڪيو، ڪنهن به املاڪ کي نقصان ڏنو اهو اسان منجهان نه هوندو ان کي اسان پاڻ قانون جي حوالي ڪندا سين، ڏاڍو تحمل مزاجي سان پريس ڪلب تائين درود و سلام پڙهندا ۽ بس الله اڪبر، رسالت جا نعرا هڻندا پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي آيا۔ پر انهن جاهلن مُلن ۽ انهن جي طالبن جي وحشتن جي سبب انهن نيڪو ڪار عاشقن جو احتجاج به ڄڻ ته مليا ميٽ ٿي ويو۔ الله پاڪ ڏسڻ وارو آهي ۽ سموري دنيا به ڏٺو ته اهو تشدد وارو سلسلو انهن نام نهاد مُلن طرفان سڀ کان پهريان پشاور کان شروع ٿيو جيڪو سنڌ تائين پهتو۔
يقينن مٿي لکيل ڳالهيون تڪليف ڏيندڙ آهن۔
پر بهتر ايئن ٿئي ها ته موضوع شروع ڪندڙ دوست ڪجھ تفصيل سان تحقيقي موضوع لکي ها، ۽ ان ۾ ٿورڙي ريسرچ ۽ اعداد وشمار جا دليل به ڏئي ها ته يقينن جواب ڏيندڙ دوستن جا جواب به مختلف هجن ها ته هن موضوع جا نتيجا به مختلف هجن ها۔
مٿي دوستن وڏي سولائي سان سڀني مسلمانن مٿان ڪالهوڪي ڳالهين جو الزام ٿوپي پاڻ کي ذميداري کان آجو ڪري ڇڏيو، ۽ سڀني مسلمانن کي غداري ۽ بدبختي جي ڳالھ هي آهي ته مٿي ھڪ دوست سڀني مسلمانن کي يهودي قرار ڏئي ڇڏيو، اهو هڪ اهڙو الزام آهي جيڪو ڪالهوڪي دهشتگردي کان هرگز گهٽ نه آهي۔
مٿي موضوع شروع ڪندڙ دوست ۽ جواب ڏيندڙ دوستن کي گذارش آهي ته ڪالھ شام جيو نيوز تي نشر ٿيندڙ ڊاڪٽر عامر لياقت جو پروگرام ضرور ڏسن جنهن ۾ مٿي لکندڙ دوستن جي سڀني خدشن کي دور ڪيو ويو آهي، ۽ صاف صاف لائيو خبرن چارن ذريعي آگاهي ڏني وئي آهي ته محبت مصطفا صلي الله عليه وآله وسلم ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪو به مسلمان اهڙي ڪم ۾ شامل نه آهي، جڏهن ته ڪجھ دهشتگرد شر پسند عناصرن جو اهو ڪم آهي، جيڪي پنهنجي مقصد ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب به ويا، انهن حڪومتي ۽ عوام جي املاڪ کي نقصان رسايو جيڪو يقينن ڪڌو عمل آهي، جڏهن ته هي ڪنهن به عام شرڪت ڪندڙ مسلمان جو عمل هرگز هرگز نه آهي۔
باقي دوست هوشو هيمو جي هن تحرير:
مسلمانن کي عزت جو جلال آيو آ ، پنهنجي وڃايل غيرت تي ملال ٿيو آ، گهٽي گهٽي ۾ در بدر ڪري آل رسول صلي الله و آله وسلم رُسوا ڪرڻ وارن مسلمانن کي اڄ توهين رسالت جو خيال آيو ۔ اهي ئي مسلمانَ جڏهن رسول جي آباءَ اجداد تي مسلمان نه هئڻ جو الزام هڻن ٿا ته ڇا اها توهين رسالت نه آهي ؟
هن مان اسان کي بدبو ٿي اچي، جيڪو لڳي ٿو ته دوستن کي ڪنهن ٻي طرف وٺي وڄڻ چاهي ٿو، جنهن سان سندس مقصد فورم جي بهترين صاف سٿري ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش چئبو، دوست کي گزارش آهي ته فورم جي ماحول کي مذهبي نفرت انگيز طرف نه ڌڪيليو وڃي، اهڙا ڪم پهرين به فورم تي ٿيندا رهيا آهن، جنهن کي انتظاميه سڳوري جي بروقت تندرست ڪاوشن ۽ مداخلت ذريعي فورم جو ماحول خراب ڪرڻ کان بچايو ويو آهي۔ الله سائين اسان کي سمٍجھ ڏئي ۽ اسان جي محبتي مٺڙي ٻولي واري فورم کي اهڙي نفرت انگيز شين کان بچائي رکي، آمين۔۔۔