ٻول مَ وساريج

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو
    ٻولُ مَ وساريج

    پهرِين تون پاريـج، پـارَڻُ پـوءِ پُنـهـونءَ تـي،
    ٻولُ مَ وساريج، هُو جو ڪيوءِ هوتَ سين. (شاهه)
    وچنَ يا قول جي اسان جي سماج توڙي سڄيءَ دنيا ۾ وڏي اهميت آهي. ان کي ٻين لفظن ۾ ”زبان“ به چيو ويندو آهي. جنهن ماڻهوءَ ”زبان“ ڏني، ڄڻ اهو وچن ٿي ويو. هاڻ ان جي حيثيت هڪ واعدي واري آهي، جنهن کان ڦرڻ ڪنهن به ريت شانَ ۽ مانَ لائق قدم نه هوندو. زبان جي حيثيت پٿر تي ليڪي مثل به هوندي آهي، جنهن کي مِٽائي ناهي سگھبو، ڀلي ته پٿرُ پاڻ مِٽجي وڃي، پر ليڪي کي مٽائڻ ناهي ڏيڻو. پهرين ان ليڪي مثل ڪيل واعدي کي پارڻو آهي، پوءِ ئي ٻِي ڪا ڳالهه اڳتي سورڻي آهي. پهرين ان زبان جي ڪيل انجام کي پاڻي ڏيڻو آهي، پوءِ ئي ڪا ٻِي سوچ ويچار ڪرڻي آهي، ته ڀلي ڪجي، پر ضروري اهو پڻ هوندو آهي ته اها ٻِي سوچ ويچار زبان جي ڪيل انجام سان ٽۡڪراءَ ۾ نه اچي، نه ته ڳالهه نه ٺهندي ۽ ويڇا وڌندا. اسان کي اهو ٻول ڪنهن به ريت ناهي وسارڻو جيڪو اسان پنهنجي پرين پياري سان ڪيو آهي، اسان کي اهو ٻولُ پُورو ڪرڻو آهي جيڪو پنهنجي هوتَ سان ڪيو آهي. قول، وچن، زبان يا واعدي کي دنيا جي مڙني مذهبن پڻ نمايان مَقام ڏنو ويو آهي. دنيا جي سڀني سماجن ۾ واعدو ڄڻ ته اڻ لکيل قانون جي حيثيت رکي ٿو جنهن جي ڀڃڪڙي هڪ وڏو ڏوهه آهي. اسان کي اهو پڻ پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ڏسڻو پوندو ته اسان جيڪي واعدا، وچن ڪيون ٿا، تن کي ڪيترو نڀايون ٿا....
    ***
    ڪُوڙن تي ڪرمُ ڇـا لـئـه!
    سـچـن تـي ستـمُ ڇـا لـئـــه!
    دل ڪــعـبــو، ”وفـا“! ان ۾،
    پـٿـر جــو صــنـــم ڇــا لــئـه! (وفا ناٿن شاهي)
    زماني ۾ عام ماڻهوءَ جي اڪثر ڪري اها شڪايت رهي آهي ته هن دنيا ۾ سچارُ ڏک سهي ٿو، سچو ماڻهو تڪليف مان گذري ٿو، سچ چوڻ واري کي هر ڪو ”ڦِٺِ ڦِٺِ“ ڪري ٿو، سچُوءَ کي سَو ستم سهڻا پون ٿا. جڏهن ته ٻئي طرف ڪُوڙي ماڻهوءَ کي فائدا ملن ٿا، ڪوڙ هڻندڙ کي ڪا ملامت نه ٿي ٿئي، ڪوڙو ماڻهو ترقيءَ جون منزلون طَي ڪري ٿو، ڪُوڙي ماڻهوءَ کي سماج مٿاهينءَ جڳهه تي ويهاري ٿو ۽ ڪوڙي ماڻهوءَ تي ڪرمَ ڪيا وڃن ٿا، پر اهو سڀ ڪجھ منظر جو هڪڙو پاسو آهي. اهو آئينو جو ٻيو پاسو ڪو نه ٿو ڏيکاري، جنهن ۾ ڏسجي ٿو ته سچار ماڻهوءَ جو شانُ انتهائي اُتم آهي، سچي ماڻهوءَ جي عزت هر ان دل ۾ آهي جيڪا چڱائي چاهيندڙ آهي، سچار کي هر اهو ماڻهو بي انتها پيار ڪري ٿو جنهن جو عام انساني بهتريءَ ۽ ڀلائيءَ ۾ پختو يقين آهي. سچُ ڀلي ته سُوريءَ تي چاڙهيو ويو هجي، پر سچُ سوريءَ تي چڙهڻ باوجود فنا ناهي ٿيو، سچَ ڦاهيءَ تي چڙهي به امرتا ماڻي آهي، سچوءَ جو آواز گھٽجڻ باوجود گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ گُونجندو رهيو آهي. سچ کي ڪو به روڪي نه سگھيو آهي، پوءِ ڀلي ته ان جي واٽ ۾ سوين روڙا رکيا ويا هجن. سچ سدا قائم دائم رهيو آهي ۽ سدائين قائم دائم رهندو. ان جو مانُ ڪڏهن به گھٽجڻو ناهي، اهو جيئن پوءِ تيئن وڌ آهي.
    ***
    سامهون جيڪو اجنـبيءَ وانـگر لـڳـو،
    مون کي پنهنجي زندگيءَ وانگر لڳو.
    ڇانـورَن جھــڙا پـريـن! ڇـو ٿــا اوهـيـن،
    ’جـعـفريءَ‘ کي ڌرتـتيءَ وانـگر لڳـو؟ (جواد جعفري)
    زندگيءَ ۾ جن ماڻهن سان اسان جو واسطو پوي ٿو، تن مان ڪي ماڻهو ته رواجي طور اسان سان گڏ گذاريندا آهن، جن جو اسان جي زندگيءَ ۾ توڙي عام وهنوار ۾ هڪ واجبي ڪردار ته هوندو آهي، پر اهو ڪو ايڏو اثرائتو يا اهم ڪردار نه هوندو آهي جيڪو اسان جي زندگيءَ کي ڪي نوان موڙ ڏئي ۽ نين راهن تي گامزن ڪري. ان جي ابتڙ ڪي ماڻهو اسان جي زندگيءَ ۾ اهڙا به هوندا آهن جن کان سواءِ اسان جي زندگي ڄڻ ته اڻپوري هوندي آهي. انهن ماڻهن کان سواءِ اسان جي زندگي پنهنجي مقصد کان وانجھيل محسوس ٿيندي آهي. اهي اهڙا پرين پيارا ماڻهو هوندا آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ جون راهون متعين ڪندا آهن. اهي پيارا ماڻهو اسان جي زندگيءَ جِي محبتن جا داستان رقم ڪندا آهن. انهن سندر ماڻهن جي حسناڪيءَ سان اسان جي بي چَسي زندگيءَ ۾ سونهن ۽ سندرتا جا رنگَ ۽ روپ وجود وٺندا آهن ۽ زندگي پيار جا نغما ڳائڻ لڳندي آهي. اهي ماڻهو اسان جي زندگيءَ جو حصو هوندي به، اسان جي مڪمل زندگي هوندا آهن. انهن ماڻهن کان سواءِ اسان جي تقدير ٽٽل ٽٽل ۽ اڻڀي اڻڀي ٿي پوندي آهي. ان زندگيءَ ۾ ڪا خوشبوءِ نه هوندي آهي، جيڪا پيارن ماڻهن کان سواءِ هجي ۽ ان زندگيءَ ۾ ڪا زندگي به نه هوندي آهي، جيڪا محبتي ماڻهن جي ساٿ کان سواءِ هجي. انهن ماڻهن جون محبتون اسان جي زندگيءَ جو معراج هونديون آهن، جنهن سان زندگيءَ ۾ نوان تجلا جنم وٺندا آهن.
    ***
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام سهڻا خيال ونڊ ٿيل آهن، انهن مڙني ڳالهين جو هر انسان سان ڳانڍاپو ازل کان رهيو آهي ۽ رهندو ايندو هونئن ته زندگي جي بقا لا ڪيتريون ئي شيون واڳيل آهن پر زندگي جي بنياد انهن ٽنهي شين کان سوا به اڻپوري آهي جڪڏهن زندگي ۾ ڪنهن سان ڪيل واعدو نه ٿو پاڙيو وڃي تڏهن به اها پنهنجي ضمير سان بي واجبي ليکبي، پر جيڪڏهن ڪنهن اسان سان واعدو ڪري نه پاڙيو تڏهن به پنهنجو وجود ويساهه گهاتي جي اونداهي کوهه ۾ ٽوٻا کائيندو رهي ٿو ۽ مايوسي پلئه ٿي پوي ۽ عدم اعتمادي جي ڪُن ۾ گُم ٿي ٿا وڃون۔

    وري جيڪڏهن ڳالهه ڪيون ٿا سڇ ۽ سچار جي ته ان کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته سچ ئي ته اصل زندگي آهي ۽ جيڪو سچ کي پنهنجي وجود ۾ سانڍي رکي ٿو اهو ڀل دنيا جي بي واجبين ، بي راهه روين انسانن هٿان تڪليفن کي سهندو به رهي پر اهو ڪڏهن به فنا نه ٿو ٿي سگهي ان جو سچ ئي هن کي جياري ٿو۔ ان جي اها سهپ ئي ته سچ آهي، ڇو ته سچ ئي ايڏي سهپ سيکاري ٿو جيڪا سولي تي ٽنگجڻ کان به نه ٿو ڪيٻائي۔

    سهڻن ماڻهن جي ته ڇا ڳالهه ڪجي جن سان اسان جي وجود جو هر پل بهار جي مند جيان ملهاريل ۽ خوشبوئن سان واسيل هوندو آهي، زندگي جو حسناڪيون انهن ئي حسين ماڻهن جي سندرتا سان ئي جڙيل هونديون آهن جيڪڏهن اهڙا سهڻا ماڻهو جن جا امرت ڀريل ٻول اسان جي روح کي راحت ڏيندا آهن، اهي نه هجن ته بنهه اسان جو وجود چولستان جي ريگستان جهڙو ڏيک ڏي۔ (مان هتي ٿر جو ريگستان ان لا استعمال نه ڪيم ته منهنجي سنڌ جو ٿر به مينهوڳي  ۾ ائين سهڻو ٿي پوندو آهي جئين ڪو محبوب پنهنجي جانب کي پنهنجي ڇها سان زندگي ارپيندو آهي۔) ها ته پو ڳالهه پئي هلِي انهن سهڻن ماڻهن جي جيڪي اسان جي زندگي سان اهڙا ته جڙيل هوندا آهن ۽ هميشه لا جڙي ويندا آهن جو زندگي ڀل دغا به ڪري وڃي ته موت کان پو به انهن جي ساٿ هجڻ جو دعائون پنندا رهندا آهيون۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سچ ته بيٺو نچ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رياضت سائين سلام

    تمام سهڻو ليک ۔۔۔۔ قول، ارار يا واعدو وڏي ڳالهه آهي ۽ ان قول يا وعدي کي پاڻي ڏيڻ يا ان کي پورو ڪرڻ ان کي چئبو آهي مڙساڻو وعدو۔ ماڻهو پنهنجي قول يا وچن يا واعدي جي وفا لاء پنهنجي جان به داء تي لڳائي ڇڏيندا آهن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رياضت سائين سلام

    تمام سهڻو ليک ۔۔۔۔ قول، اقرار يا واعدو وڏي ڳالهه آهي ۽ ان قول يا وعدي کي پاڻي ڏيڻ يا ان کي پورو ڪرڻ ان کي چئبو آهي مڙساڻو وعدو۔ ماڻهو پنهنجي قول يا وچن يا واعدي جي وفا لاء پنهنجي جان به داء تي لڳائي ڇڏيندا آهن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    اوهان ٽنهي دوستن جي مهرباني۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو