• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان ۾ استاد جي حيثيت

شبير جتوئي

سينيئر رڪن
پياري پاڪستان ۾ استاد جو پگهار هڪ سئيپر جي برابر آهي. ان ملڪ جي نوجوانن جو ڪهڙو مستقبل هوندو جنهن ملڪ ۾ استاد جي حيثيت هڪ سئيپر جي برابرهجي۔
c:\desctop
c:\desctop\399160_496999540310246_388412855_n
 
سائين اڄ جي دور جا استاد به وري ڪهڙا علم جا اڪابر آهن، توهان اها ڳالهه ٿا ڪيو منهجي نظر ۾ اهڙا به استاد آهن جيڪي هن مهل به 60 يا 70 هزار پگهار کڻڻ ٿا پر پو به تعليم جو اهڙو ته حشر خراب آهي جو دل ٿي چوي ته انهن کان استاد وارو ڪم نه پر مالهي وارو ڪم ورتو وڃي۔
 
سائين عباسي صاحب اوهان بلڪل صحيح چيو، آءُ مٿين دوست سان متفق نه ٿو ٿي سگهان ڇو ته اها حقيقت نه آهي، ها جيڪڏهن دوست جتوئي صاحب پرائيويٽ سيڪٽر جي ڳالھ ڪن ٿا ته پو سندن ڳالھ درست آهي، باقي سرڪاري ماسترن جون پگهارون ته آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن، ۽ ها بينڪن ۾ ماسترن جي پگهار 4 چئن ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي آهي، وري بينڪ کي ٻيو ڪيش گهرائڻو پوندو آهي، ان جي باوجود تعليم جو اهو حشر آهي۔
 
سائين عباسي صاحب ۽ طاهرصاحب، اها حقيقت آهي ته گورنمنٽ اسڪولن جا استاد وڌيڪ پگهارکڻن ٿا۽ تعليم جو معيار به اوهان سڀن جي سامهون آهي. تعليم جي تباهي جا ذميوار صرف استاد نه پر ان جا ذميوار والدين، راشي آفيسر ۽ هر اهو ماڻهون جيڪو امتحانن وارن ڏ ينهن ۾ پنهجا سڀ اهم پروگرام ڪينسل ڪري پنهجي رشتيدارن کي ڪاپي ڪرائڻ لاءِپهچي ويندا آهن. مون هڪ نوڪري جي خالي جگهن جي اشتهار اٽيج ڪري اهي ڪمنٽس ڊنا، جنهن ۾ واضح طور تنخواهون ۽ عهدا لکيل آهن.
 
Back
Top