دوستو مون سان هڪ مسئلو ٿئي ٿو ته مان جڏهن به گوگل ڪروم انسٽال ڪيان ٿو ته هي ارر اچي ٿو سومهرباني ڪري هي مسئلو حل ڪندا .... 669 اٽيچمينٽ ڏسو هيٺ آ هي اسڪرين شاٽ اپلوڊ پيو ڪيان.....
ادا لڳي ٿو اوهان ڪيبل نيٽ استعمال ڪريو پيا، ۽ ان جو پلگ ان شايد ڍرو آهي جيڪو هر هر نڪري ٿو وڃي، ۽ نيٽ ڊسڪنيڪٽ ٿي پئي وڃي۔ اوهان ڪيبل نيٽ جو ڪنيڪٽر چينج ڪري وري ڪوشش ڪريو، ان شا الله اوهان جو ڪم ٿي ويندو۔ جيڪڏهن اهو مسئلو نه آهي ته ٻي صورت ۾ اوهان ونڊوز جو يا ٻيو ڪو فائر وال انسٽال ڪيو آهي جنهن ۾ ڪروم انسٽال ڪرڻ وقت اجازت وارو آبشن اچڻ تي اوهان اجازت ڏيڻ (الاءُ) تي ڪلڪ ڪندا ته اميد آهي اوهان جو ڪم ٿي ويندو۔۔۔ جيڪڏهن پو به اوهان جو مسئلو حل نه ٿي ته ضرور آگاھ ڪندا جيئن اوهان جي مدد ڪري سگهجي۔۔۔
گوگل ڪروم کي آفيشل سائيٽ تان ڊائنلوڊ ڪرڻ وقت وقت سافٽوئير بجاء ان جو انسٽالر ڊائونلوڊ ٿيندو آهي۔۔۔ جيڪو انسٽال جي دوران ڊائونلوڊ پڻ ٿيندو آهي۔۔۔ توهان کي گهرجي ته گوگل ڪروم جو آف لائين انسٽالر ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو توهان هتي اچي پنهنجي پسند جي برائوزر گوگل ڪروم جو ڪهڙو به ورشن ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔ منهنجو مشورو گوگل ڪروم جي 18 ورشن بابت آهي۔۔۔
ادا ٻنهي طريقن کي آزمايو پر رزلٽ ساگيو ئي ع ٻيو هي تا ادا رشيد سمون جيڪا لنڪ شيئر ڪئي ان تان ڊائونلوڊ نه پيو ٿئي ع ڊائونلوڊنگ ۾ پڻ ارر اچي ٿو
ادا پوء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو ته اوهان وٽ ڊائنلوڊنگ شروع ٿي ويندي مهرباني ڪري هتي ڪلڪ ڪندا پر ان کان پهريان گوگل ڪروم جو پراڻو ورجن ان انسٽال ڪندا ته بهتر ٿيندو
لڳي ٿو ته توهان وٽ نيٽ ڪنيڪٽنگ جو مسئلو آهي ڇا توهان وٽ نيٽ تي ٻين برائوزرن ۾ پيج کلن ٿا۔؟ اگر کلن ٿا ته پوء ٻيو مسئلو تلاش ڪبو اگر نه ٿا کلن ته پوء نيٽ ڪنيڪشن کي درست ڪرڻو پوندو۔
ادا سجاد هتان گوگل ڪروم جو پورٽ ايبل سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو انکي انسٽال ڪرڻ جي ضرورت ناهي۔http://www.mediafire.com/?cdyepq743xxr2ri
دوستو نيٽ ڪنيڪشن درست ڪرائڻ سان مسئلو حل ٿي ويو آهي۔ سڀني سڄڻن جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي مد ڪئي۔۔۔۔ مهرباني لک قرب پرين جا۔۔۔۔۔۔