ادا اها ته ايڊمنسٽريٽر کا پڇو، مون ڪوشش ڪئي پرمسئلو منهجي خيال۾ حل ناهي ٿي. ان سلسلي ۾ ڪو ڄاڻو دوست ڪو مدد ڪري ته بهتر ٿيندو.
سائين تصوير جو لنڪ ڪاپي ڪري سنڌ سلامت جي هن لکڻ واري تختي ۾ جيڪي ٽول بار ڏنل آهن ان ۾ ”تصوير شامل ڪريو“ واري آپشن ۾ پيسٽ ڪيو، پو توهان جڏهن اهو آپشن کوليندا ته ان ۾ لکيل هوندو ته ”تصوير جو لنڪ شامل ڪيو“، پوِ شامل ڪريو جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪندا ته تصوير پاڻمرادو هن لکڻ واري تختي تي اچي ويندو۔
ان کانسواءِ جيڪڏهن ڪنهن به ويب پني تي رکيل تصوير کي سليڪٽ ڪري ڪاپي سنڌ سلامت تي پيسٽ ڪيو وڃي ته به پوسٽ ٿي ويندي۔۔۔ پر هتي لڳي ٿو ادا شبير جتوئي پنهنجي ڪمپيوٽر مان تصوير کي اپلوڊ ڪري رهيا آهن کين گهرجي ته جواب موڪليو بٽڻ ڀرسان فائيل اپلوڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري تصوير کي اپلوڊ ڪن۔۔۔ يا وري ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ هن موضوع جي سکيا کي پڪو ڪن۔۔۔۔
اسان سڀ دوست به ادا شبير صاحب جي جواب جي انتظار ۾ آهيون۔ ادا جتوئي صاحب تصوير اپلوڊ ڪرڻ تمام آسان آهي، اوهان سائين ذيشان رشيد صاحب جن جي ڏنل لنڪ جي مدد سان آساني سان تصوير اپلوڊ ڪري ويندا، وري به جيڪڏهن اوهان کي ڪو مسئلو ٿئي ته اسان دوست اوهان جي خدمت لا حاضر آهيون۔۔۔