• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جن سن پارڪ ڪمپني جو هڪ جادوئي پين پيش ڪرڻ جو ارادو...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو سائينس ۽ ٽيڪنالاجي جي جدت روز بروز نيون ۽ حيران ڪن شيون اسان اڳيان آڻي رهي آهي۔۔۔ سلسلو ايترو ته تڪڙو آهي جو هاڻي حيران ڪندڙ شين تي به حيرت ڪونه ٿي ٿئي۔۔۔ پر ان باوجود اسان کان ڇرڪ نڪريو وڃن۔۔۔
خير مطلب جي ڳالهه ڪندي توهان کي جن سن پارڪ ڪمپني طرفان اعلان ڪيل اهڙي پين جو ذڪر ڪندس جيڪا حيران ڪن طور ڪنهن به رنگ کي سڃاڻي پنهنجي لکائي کي ان رنگ جهڙو بڻائي سگهي ٿي۔۔۔۔
مطلب جيڪڏهن توهان پين کي ڪنهن ڳاڙهي رنگ جي صوف سان لڳايو يا وري ڪنهن سائي پن سان لڳايو ته پين ان کي ڇهندي ئي رنگ جي سڃاڻپ ڪري وٺندي ۽ پنهنجي لکائي جو رنگ ان جهڙو بڻائي ڇڏيندي ۔۔۔
آهي نه حيران ڪندڙ ڳالهه۔۔۔۔ جن دوستن کي وڌيڪ سوال ذهن ۾ ايندا هجن اهي پهريان هنن تصويرن کي ڏسن۔۔۔

color-picker1.jpg
color-picker2.jpg
color-picker3.jpg
پين جي حصن پرزن کي سمجهڻ لاءِ هي تصوير ڏسو۔۔۔​
color-picker4.jpg
توهان جي خيال ۾ جيڪڏهن هي پين مارڪيٽ ۾ اچي ته توهان خريد ڪندو۔۔۔ جي ارادو هجي ته ان جي قيمت اندازن گهڻي هجڻ گهرجي۔۔۔۔؟ هي اهي سوال آهن جيڪا ڪمپني پنهنجو تصور پيش ڪندي ماڻهن کان پڇي رهي آهي۔۔۔ توهان جي جوابن جو به انتظار رهندو۔۔۔
 
ادا هي وڏي سهولت هوندي آرٽسٽ حضرات لاءِ جن کي اصلي رنگ جي شڪل ملي ويندي ۔ هونئن ته هي مختلف ٽيون ڪٺي ڪري پنهنجي مقصد جهڙو رنگ ڏکيائين سان حاصل ڪندا آهن ۔
 
رقم جي خبر ناهي پر جيڪڏهن مناسب قيمت هوندي ته اها پين ضرور خريد ڪبي۔
شروعات ۾ مهانگي ته ضرور هوندي !! جڏهن هن پين جي رقم ۾ ڪمي ۽ وڌ کان وڌ خوبيون شامل ٿينديون ته پوءِ آءٌ به خريد ڪندس ۔ انشا الله
 
سائين واقعي حيران ڪندڙ ٽيڪنالاجي آهي، هن جي قيمت پاڪستان ۾ 500 ۽ 700 جي وچ ۾ لڳي رهي آهي، بحرحال ڪنهن دوست لا جيڪڏهن تحفي طور پيش ڪجي ته مناسب آهي، ڪراچي ۾ ملي ته ضرور ٻڌائيندا۔۔۔
 
ادا ايتري رقم ۾ هي انتها جي سستي هوندي ۔ ها سڀني دوستن کي عرض آهي جي ڪنهن کي به ڄاڻ ملي ته هي ڪهڙي هنڌ تي دستياب آهي ته سنڌ سلامت تي ضرور ونڊ ڪري ۔
ادا مون قلم جي حساب سان ان جي رقم جو صرف اندازو مناسب تخمينو لڳايو آهي، ڪا حتمي را ناهي ڏني۔۔۔
 
Back
Top