علي رضا جوکيو
سينيئر رڪن
ڇاڳلي جوکئي جي شاعري
ڇا پڇو ٿا يار مون کان ڪئين هٿن مان مور ويا
بـــند ٿي ويـــا محبــــت جا ميخـــانا،
ڪيڏو مون سان ظلم ڪيو اٿئي زمانا
محبت ۾ ماڻهو مرندا هئا شايد اهو دور ويا
کـــير مــکـــڻ دورانئـــان لسيــــون
ڪنهن جي اڱڻ تي ڪو نـ ٿا ڏسون
ڪونڊيون گوشيون بوريون رايون
دوست دنيا مان اهو دور ويا
محبت دنيا مان وئي موڪلائي
ڪير نـ جوکيا ڪنهن جو آهي
لکين لٽائي جهڙا لعل موتي کوڙ ويا
ڇا پڇو ٿا يار مون کان ڪئين هٿن مان مور ويا
.....................................................
چونڊ علي رضا جوکيو
تاج ڪمپيوٽر سينٽر
بنديچا اسٽاپ گڏاپ