(اظهار جسڪاڻي) جڏهن هو اڪيلو هو ته ڪير هن جو سهارو نه بڻيو. جڏهن هو تڪليف ۾ هو ته هن کي ڪنهن نه ليکيو. جڏهن هن جا نيڻ آلا ٿيا ته ڪنهن هن جا لڙڪ نه اُگهيا. جڏهن هو پريشان هو ته ڪنهن محسوس نه ڪيو. جڏهن هو خوش هو ته ڪنهن نه ڏٺو. ڪڏهن ڪنهن هن جي اندر جي ڳالھ نه سمجهي. ۽ اڄ جڏهن هو هن دنيا کي الوداع چئي ويو آهي ته هر ڪو ڇو پيو روئي؟…
بس ڙي يار اظهار اهي ڳالهيون نه پڇ ۔۔۔۔ هن نفسا نفسي جي دور ۾ ته ڀاء به ڀاء کان ڪونه ٿو پڇي ۔۔۔۔۔۔ پر يار ڪا اهڙي ڳالهه هجي ته ضرور ونڊ ڪجان۔ اوهان جا احساس نظم جي صورت ۾ سٺا لڳا۔