رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ احسان علي جانوري طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2009۔

  1. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
    منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي

    اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان
    اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.

    گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو
    ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي.

    سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
    اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي.

    مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي
    هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي

    اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون
    جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي.
     
  2. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    زبردست آهي ادا. پر جيڪڏهن توهان وٽ اها آوازي صورت ۾ هجي ته ونڊ ڪجو.
     
  3. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    نه ادا آوازي صورت ۾ ڪونه آهي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو