• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي شاعرن ون يونٽ کي ڊاهڻ ۽ ان جي خلاف انقلاب پيدا ڪرڻ جو آواز بلند ڪجهه هن طرح ڪيو هو

عرس پريو

سينيئر رڪن
غدار پيا سنڌ جي سودي کي چڪائن،
صد حيف، ڪو هوشوءَ جهو جانباز نه آهي.
ـــ شمشير الحيدري
آهي انهيءَ ۾ مان جي سنڌ تان سر فدا ڪريان،
ان کان مٿي جي مرتبو مون کي کپي ته ڇا ڪريان.
ـــ تنوير عباسي
سنڌ افلاس جي زنجير ۾ جَڪڙيل آهي،
ڪوئي آهي جو انهيءَ کي ڪري پرزا يارو.
ـــ تاج بلوچ
آزاديءَ کان پوءِ جي شاعرن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پنهنجي محبت جو اظهار هيئن ڪيو آهي.
سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا سڀ دل وارا وسري ويا،
جيئي سنڌ، سدائين جيئي، ٻيا سڀ نعرا وسري ويا.
ـــ استاد بخاري
سنڌ صدين کان حيات آهي سدائين رهندي،
خونِ دل ساڻ سندس سينڌ سنواريو يارو.
ـــ تاج بلوچ
بلند ۽ عرش جي، صحرا جي وسعت، زينتِ گلشن،
مرڪب ٺاهجي تن جو، ته ٿي سنڌي زبان پنهنجي.
ـــ عبدالحليم جوش
جنهن زبان مون کي ڏني آهي زبان،
ان زبان جا نيٺ ٿورا لاهڻا اٿم.
ـــ استاد بخاري
غزل چوندڙ مشاعرن ۾ سنڌ جي مختلف هنڌن، ماڳن ۽ مختلف خوبين جو وستار ڪندي چون ٿا:
شم شفق جي رنگينيءَ ۾، سهڻو هاڙهو ۽ هالار،
ڳل ڳاڙهن محبوبن جا، محبوب نظارا وسري ويا.
ـــ استاد بخاري
ڪارونجهر جي ڪور مٿاران، آهه ٽهڪيو مور،
ساڳي گونج اچي ٿي گجندي، گاج کيرٿر کان.
ـــ امداد حسيني
ڪلنگيون جني کي، تني کي نه ليکيم،
کٿن جون ۽ لوئن جون ڳالهيون مون ڳاتيون.
ـــ تنوير عباسي
 
Back
Top