• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زال مڙس جو جهڳڙو

عرس پريو

سينيئر رڪن
زال مڙس جو ڪنهن ڳالهه تي جهڳڙو ٿي پيو. سو ايترو ته وڌي ويو جو مڙس ڪاوڙجي هليو ويو. شام جو جڏهن گهر آيو ته زال کان پڇيائين ته ”کائڻ لاءِ ڇا تيار ڪيو اٿئي؟“
زال جنهن کي اڃا به ڪاوڙ هئي، چيائين ته ،”زهر“.
مڙس کلندي چيو، ”ٺيڪ آهي منهنجي ماني ته هڪ دوست وٽ آهي، تنهنجي کائڻ کانپوءِ جيڪي بچي سو پنهنجي ماءُ ڏي موڪلجانءِ.“
هڪ بيوقوف ڏاڍو زور سان ڊوڙي رهيو هو ته هڪ واٽهڙوءَ ٻانهن کان جهلي پڇيس يار، ايڏو ڇو پيو ڊوڙين؟ بيوقوف چيو ڏسين نٿو سامهون واري بورڊ تي لکيل آهي، ”انتهائي رفتار 40 ميل.“


ڊاڪٽر: (احمد علي) توکي پيٽ ۾ سور ڪيڏي مهل پوي ٿو.
احمد: ڊاڪٽر صاحب، جيڏي مهل اسڪول وڃڻ جو وقت ٿئي ٿو.
ماسترياڻي ڪلاس ۾ پڙهائي رهي هئي” پڙهائڻ وقت ٻارن کان سوال پڇيائين ته: ٻڌايو ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا گهر ۾ شينهن وانگر ايندي آهي ۽ ٻڪري جي ٻچي وانگر ٻاهر نڪري ويندي آهي؟
”منهنجو پيءُ.“ پوئين قطار مان هڪ ٻار جواب ڏنو.
 
هڪ بيوقوف ڏاڍو زور سان ڊوڙي رهيو هو ته هڪ واٽهڙوءَ ٻانهن کان جهلي پڇيس يار، ايڏو ڇو پيو ڊوڙين؟ بيوقوف چيو ڏسين نٿو سامهون واري بورڊ تي لکيل آهي، ”انتهائي رفتار 40 ميل.“

ڀلا اها پنهنجي وارتا ته ڪونه پيو ٻڌائين ۔۔۔۔۔۔ باقي ٽوٽڪا وڻيا ۔۔۔۔۔ هاهاهاها​
 
Back
Top