ٻارن لاءِ نئين ٿري ڊي ڪارٽون فلم دي لوريڪس...

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مون کي ياد آهي ته اسڪولي دور ۾ صبح جو درسِ قرآن کان پوءِ اسڪول جي تياري لاءِ هميشه تڪڙ ڪرڻي پوندي هئي امڙ جون وري وري ناشتي لاءِ باورچي خاني مان دانهون به ان لاءِ نظر انداز ڪندو هيس جو مستنصر حسين تارڙ (جنهن جي ڏکئي نالي کي صرف چاچي تارڙ تائين رکيل هوندو هو) جي صبحِ پاڪستان پروگرام ۾ اهو ئي وقت ڪارٽون جو هوندو هو ۽ پوءِ ڪارٽونن کي مس ڪرڻ مان بلڪل به نه چاهيندو هيم۔۔۔

    پر اڄ جا ٻار اسان جي دور کان به ٻه هٿ اڳتي آهن۔۔۔ هاڻي اهي صرف ٻلي ۽ ڪئي واري ٽام اينڊ جيري يا وري وري ڪاٺ ڪٺڙي واري ووڊ ڪٽر کي پراڻي دور جو روايتي پيا سمجهن ۔۔۔ هنن جي نظر هميشه هالي ووڊ جي طرفان تيار ڪيل سيريز نما ٿري ڊي ڪارٽون موويز تي هوندي آهي۔۔۔
    اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مان موڪلن تي ڳوٺ ويندو آهيان ته هو منهنجي طرفان آندل رانديڪن ۽ ڪيڪن کي نظر انداز ڪندي پهريون اهو سوال ڪندا آهن ته ”پاپا مڊگاسڪر جي 3 ايپيسوڊ آندي اٿوَ يا وري آئيس ايج 4 آندي آهي ۔۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر پرنس آف پرشيا گيم جو 7 ورجن ۽ ان لاءِ گرافڪس ڪارڊ ڪاٿي آهي۔۔۔؟“

    اففففففف ۔۔۔۔ سندن امي کين مون کي ساهي پٽڻ لاءِ روڪيندي ئي رهندي آهي پر هو مون کان ها وٺي ئي بس ڪندا آهن۔۔۔ ان ڪري موڪل تي نڪرڻ کان اڳ مون کي ادا جهانداد سمون جي ڀاء جهانگير جي مشهور دڪان تي وڃڻ لاءِ وقت ڪڍڻو پوندو آهي يا وري اهڙين سيريز کي هر وقت ڊائونلوڊ ڪرڻ تي لڳل رکڻو پوندو آهي۔۔۔

    خير اها ته هئي مختصر تمهيد جنهن سان مون توهان کي سمجهائڻ ٿي گهريو ته ٻارن کي انڊين فلمن يا هر وقت ٽي وي تي ويهڻ کان پري رکڻ لاءِ توهان کي غير تعليمي سرگرمين لاءِ اهڙين سيريزن کي ڊائونلوڊ ڪري ساڻن گڏ ڏيکارڻ جو لطف وٺڻ گهرجي ۔۔۔۔ ۽ شايد هيتري ساري مصروفيت کان پوءِ توهان جو کين اهو وقت ڏيڻ ئي کين وڻندو هوندو۔۔۔

    هن دفعي موڪل تان واپسي وقت منهنجي ننڍڙي پٽ شهزاد فرمائيش ڪئي ته ”پاپا پاڙي واري ضمير ڇوڪري جي ابو سندس لاءِ لوريڪس ڪارٽون آندا آهن ۔۔۔ اهي توهان اچو ته ضرور وٺيو اچجو۔۔۔“
    هتي اچي مون ڪوشش ڪئي ته اهي ڪارٽون هٿ ڪجن۔۔ ان ڪري ڊائونلوڊ ڪري جو ڏٺا ته سوچيم سنگت کي به ٻڌائجي۔۔۔


    [​IMG]
    هي دراصل نئين ۽ معلوماتي سيريز آهي۔۔ جيڪا دلچسپ هجڻ سان گڏو گڏ تفريح سان ڀريل آهي۔۔ تازو رليز ٿيل هي اينيميٽڊ فلم ٿري ڊيموزيڪل فلم آهي۔۔۔ هن فلم جو حوالو ڊاڪٽر سيوئس جي ڪتاب لورڪس مان ورتل آهي۔۔ هن فلم جو مرڪزي ڪردار 12 سال جو ٻار آهي جيڪو دي نيڊ ويل شهر ۾ رهندو آهي جيڪو هڪ مصنوعي شهر آهي ۔۔۔ هتان جي هر شي پلاسٽڪ جي تيار ٿيل هوندي آهي۔۔۔ ان ٻار کي وڻ ڏاڍا پسند هوندا آهن۔۔ پر ان جي شهر ۾ سمورا وڻ پلاسٽڪ جا هوندا آهن ۔۔ هڪ ڏينهن هن جي هڪ دوستِ کيس حقيقي ۽ سرسبز وڻن جي باري ۾ ٻڌائيندي آهي۔۔ جنهن کان پوءِ اهو انهن وڻن جي ڳولا ۾ نڪري پوندو آهي۔۔ وڃڻ کان اڳ سندس ڏاڏي کيس نصيحت ڪندي آهي ته اهي وڻ هڪ نئين دنيا ۾ آهن جتي تون الجهي ويندي۔۔۔ پر ٻار وڃڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيندو آهي۔۔ اڳتي ڇا ٿو ٿئي اهو ته ڏسڻ سان ئي خبر پوندي۔۔۔ ٻارن لاءِ هي مووي شروع کان آخر تائين انتهائي دلچسپ ۽ مزيدار آهي۔۔۔
    هن مووي جون ڪجهه تصويري جهلڪيون حاضر آهن۔۔۔​
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    اميد ته دوست هن مووي کي آساني سان گوگل تي ڳولا ڪري ڊائونلوڊ ڪري وٺندا۔۔۔ پر جن کي ڳولا ۾ ڏکيائي پيش ٿيندي هجي اهو مون کي ذاتي پيغام(ڪچهري) ڪري سگهن ٿا۔۔۔ مون وٽ هن موويز جي اردو ورجن ۽ بهترين ڪوائلٽي جا لنڪس موجود آهن۔۔۔​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين پو ته واھ جي ڀلو ڪم ٿي ويو، ڪراچي اچڻ تي اوهان کان اها مووي ضرور وٺبي، ان شا الله۔۔۔
    ڀلا اهو ته ٻڌائيندا ته اڄ ڪلھ شايد اوهان ايڊووٽائيز مارڪيٽ جو به ڪم ڪري رهيا آهيو ڇا؟ سائين ٻڌو آ ته اهي پيسا به گهڻا ڏيندا آهن!

    ۽ ها! جيڪڏهن ڌنڌو مٽجي ويو آهي ته ضرور ٻڌائيندا تاڪِ ان ڌنڌي لا ٻي ڪنهن ڌنڌي واري جي تلاش ڪجي، سائين ڇڏيو۔۔ عرس ته هون به هرو ڀرو پاڻ ڏانهن سمجهندو آهي۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو